“يه دولت به
لي لو يه شهرت به لي لو” غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه جي اڄ 75 هين سالگرهه ملهائي
پئي وڃي.
جگجيت سنگهه 8 فيبروري 1941ع ۾ ڀارتي شهر راجسٿان جي سري گنگا نگر واري
علائقي ۾ جنم ورتو، کيس ننڍ پڻ کان ئي
موسيقي سان تمام گهڻو لڳاءُ هو.
جگجيت سنگهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1974 ۾ ڪئي، هن پنهنجي گهر واري چترا سنگهه سان به گڏ
ڪيترائي البم رڪارڊ ڪرايا، جن کي ڀارت
سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
غزل جي باڊشاهه جيجت سنگهه ۽ سندس گهر واري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ڪيترائي رڪارڊ پڻ ٽوڙيا.
غزل جي دنيا ۾ جدت آڻيندڙ جگجيت سنگهه 60 کان وڌيڪ فلمي ۽ غير فلمي ايلبم رڪارڊ ڪرايا،
سندس جادو واري آواز لکين ماڻهن جي دلين ۾ گهر ٺاهي ڇڏيو.
جيجت سنگهه بالي ووڊ
جي ڪيترن ئي فلمن ۾ گانا ڳائي لکين مداح بڻائي ڇڏيا، جن ۾ ارٿ، ساٿ ساٿ، ڦر
آئي برسات، آپ ڪو پهلي به ڪهين ديکا هي ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن.
جگجيت سنگهه کي 2003 ۾ ڀارت جي وڏي سرڪاري ايوارڊ پدما ڀوش
سان نوازيو ويو، کيس ٻِيا ڪيترائي ئي ايوارڊ به ڏنا ويا.
ڪلاسيڪل. فوڪ ۽ غزل
تي عبور رکندڙ جگجيت سنگهه جي ڳايل غزلن ۾ ڪاغذ ڪي ڪشتي، چاڪ جگر ڪي، ڪل
چودهوين ڪي رات ٿي، شام سي آنکهه ۾ نمي هي، چٺي نه ڪوئي سنديش ۽ ڪوئي فرياد جهڙيون
لازوال غزلون شامل آهن.
غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه اردو، سنڌي، پنجابي ۽ نيپالي
سميت ٻين ڪيترن ئي زبانن ۾ غزلون ڳايون جن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه جي اڄ 75 هين سالگرهه ملهائي
پئي وڃي، مداح کيس ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.
No comments:
Post a Comment