Pages

Tuesday, 9 February 2016

امرتا سنگهه 9 فيبروري 1958ع ۾ جنم ورتو

بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ ڪيترائي اهڙا ادڪار ۽ ادڪارائون آهن، جن پنهنجي بهترين اداڪاري ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي.
بالي ووڊ فلم انڊسٽري جي انهن ادڪارائن مان امرتا سنگهه  به هڪ آهي، جنهن  پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ننڍي کنڊي جي لکين ماڻهن جي دلين تي راڄ قائم ڪيو.
امرتا سنگهه 9 فيبروري 1958ع ۾ جنم ورتو، هن نيئن دهلي جي ماڊل اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، کيس پنجابي، اردو ۽ هندي بهتر نموني سان ڳالهائڻ ايندي آهي.
امرتا سنگهه کي ننڊ پڻ ۾ ئي اداڪاري جو تمام گهڻو شوق هو.  هن 1983ع ۾ بيتاب فلم ۾ اداڪاري ڪري فن جي شروعات ڪئي، امرتا سنگهه جي پهرين فلم ڏاڍي ڪاميابي ماڻي جنهن کان پوءِ هن بالي ووڊ ۾ باقائده اداڪاري شروع ڪئي.
بيتاب فلم  ۾ امرتا سنگهه ۽ سني ديول جي  جوڙي  کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، هنءَ انيل ڪپور سان به  ڪاميڊي فلمن ۾ به ڪم ڪيو.
امرتا سنگهه بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان سان شادي ڪئي، کين ڌيءُ سارا ۽ پٽ ابراهيم جو اولاد ٿيو.
سيف علي خان ۽ امرتا سنگهه  جي عمرن ۾  12 سالن جو فرق هو، جنهن تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض پڻ هو.  امرتا سنگهه  ۽ سيف ۾ 13 سالن بعد طلاق ٿي.
امرتا سنگهه جي فلمن ۾ مرد، صاحب، چميلي ڪي شادي، نام ۽ ٻيون ڪيتريون  شامل آهن، کيس بهترين اداڪاري ڪرڻ  تي ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.
هن بالي ووڊ ۾ اداڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽي وي چنيلن تي به ڪردار نڀايا، هن مک ڪردارن سان گڏوگڏ ڪجهه فلمن ۾ سپورٽنگ طور اداڪاري به ڪئي.

امرتا سنگهه اڄ پنهنجي 59هين سالگرهه ملهائي رهي آهي، سندس مداح پڻ ڪيڪ ڪاٽي رهيا آهن.............

No comments:

Post a Comment