ڪو زمانو هو جڏهن پئسا موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو هو، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي پئسا موڪلڻا هوندا هئا ته ان کي تمام گهڻو انتطار ڪرڻو پوندو هو.
بينڪنگ نظام اچڻ بعد ماڻهن کي تمام گهڻي سولائي ٿي پر جڏهن کان آن لائن سسٽم شروع ٿيو تڏهن کان واپاري توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ ماڻهن کي پئسا وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿي آهي.
هن جديد دور ۾ جئين جئين ترقي ٿي پئي تئين تئين ماڻهو به پنهنجي ذاتي زندگي توڙي ٻين ڪمن ۾ تمام گهڻو مصروف ٿيندا پيا وڃن، انهن وٽ ايترو وقت نه رهيو آهي جو هو ڪجهه ڪلاڪ يا ڏينهن انتظار ڪري سگهن.
جڏهن کان پاڪستان ۽ ڀارت ۾ موبائل بينڪنگ جو به نظام شروع ٿيو آهي، تڏهن کان ڏيهه توڙي پرڏيهه پئسا موڪلڻ تمام گهڻو آسان ٿي ويو آهي،
عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ پاڪستان اندر موبائل ذريعي پئسا موڪلڻ ۽ گهرائڻ جي شرح ۾ واڌ اچي وئي آهي.
عالمي بينڪ جي گلوبل فائنڊيڪس ڊيٽا بيس موجب 2014 ع کان ڏکڻ ايشيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 سيڪڙو ماڻهو موبائل ذرريعي بينڪنگ ڪندا آهن.
عالمي بينڪ موجب پاڪستان ۾ 9 سيڪڙو ماڻهو موبائل فون ذريعي رقم گهرائيندا ۽ موڪليندا آهن، جڏهن ته ان ۾ عورتن جو تعداد 2 سيڪڙو آهي.
پاڪستان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ تقريبن هڪ سيڪڙو عورتون موبائل بينڪنگ استعمال ڪنديون آهن، جڏهن ته 3 سيڪڙو مرد موبائل ذريعي پئسن جي ادائيگي ۽ وصول ڪندا آهن.
بنگلاديش ۾ به موبائل بينڪنگ جي شرح گهٽ آهي ۽ 2 سيڪڙو بنگلاديشي عورتون ۽ 3 سيڪڙو مرد موبائل بينڪنگ استعمال ڪندا آهن..
عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته ڏکڻ ايشيا خطي ۾ مجموعي طور تي عورتن ۾ موبائل بينڪنگ استعمال ڪرڻ جو لاڙو هڪ سيڪڙو ۽ مردن ۾ 4 سيڪڙو آهي.
گلوبل فائينڊيڪس ڊيٽا بيس موجب سڄي دنيا ۾ 62 سيڪڙو آبادي جا بينڪ ڪائونٽس آهن ۽ عالمي سطح تي تقريبن هڪ سيڪڙو آبادي جو چوڻ آهي ته هو موبائل بيڪنگ جو استعمال ڪندا آهن. .
گلوبل فائينڊيڪس ڊيٽا بيس موجب آفريڪي ريگستاني خطي ۾ 12 سيڪڙو بالغ ماڻهو موبائل ذريعي پئسا موڪليندا ۽ وصول ڪندا آهن.
رپورٽ موجب خانگي ۽ سرڪاري شعبن ۾ معاوضي جي ادائيگي روڪ رقم بدران بينڪ اڪائونٽس ذريعي ڪئي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو موبائل بينڪنگ جي استعمال جو رجحان وڌيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ 65 سيڪڙو ماڻهو هڪ مهيني اندر گهٽ ۾ گهٽ 3 ڀيرا پنهنجو اڪائونٽ استعمال ڪندا آهن جڏهن ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو تقريبن هڪ ارب 30 ڪروڙ ماڻهو پنهنجا بجلي ۽ پاڻي جا بل بينڪ اڪائونٽ ذريعي جمع ڪرائيندا آهن.
پاڪستان ۾ به موبائل ذريعي پئسا ٽرانسفر ڪرڻ جو لاڙو وڌي ويو آهي، بجلي، گئس، پاڻي جا بل به شهري موبائل ذريعي ادا ڪندا آهن. جنهن بعد صارفين کي وڏين قطارن ۾ بهيڻ واري آزار کان نجات ملي وئي آهي.
هڪ سروي موجب ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موبائل بينڪنگ ۾ اضافو ٿيو آهي پر ان باوجود ماڻهن طرفان اهو چيو پيو وڃي ته پئسا ٽرانسفر ڪرڻ ۾ کين ٽيڪس ڏيڻو پئي ٿو.
عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان موبائل بينڪنگ جي استعمال ۾ پهرين نمبر تي آهي، جتي موبائل ذريعي پئسا وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي.................
No comments:
Post a Comment