صاحب خان ڀٽي
پاناما ليڪس سان دنيا ۾ ته
ايترو ٿرٿلو نه مچيو آهي پر ملڪ
اندر ٻڙڌڪ ضرور مچي ويو آهي، جنهن سبب
مختلف سياسي جماعتون ظاهري طور هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي وزيراعظم نوازشريف کان
استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيون آهن، هاڻ جڏهن پاناما ليڪس جو ٻيو ڌماڪو ٿي چڪو آهي تڏهن
به ماڻهو ٽئين جي انتظار ۾ ويٺل نظر اچي رهيا آهن، هاڻ اها خبر ته نه آهي ته ٽيون
ڌماڪيو ٿئي ٿو يا نه، پر ايتري ڳالهه ظاهر ٿي چڪي آهي ته پاناما ليڪس پپيرز ۾ صرف پاڪستان کي نشانو بڻايو ويو آهي.پاناما پيپرز ۾ جن به ماڻهن
جا نالا ڏنا ويا آهن، انهن مان اڪثر جو
تعلق پاڪستان سان ئي آهي. پاناما پيپرز جي پهرين ڌماڪي ۾ به پاڪستان سان تعلق
رکندڙن ماڻهن جا نالا وڌيڪ ڏنا ويا هئا ۽ هاڻ به صرف هتان جي ماڻهن جا نالا ڏنا
ويا آهن. هتان جي ميڊيا ڪيترو آزاد آهي ان جو اندازو ته اسان پاناما پيپرز ۾ ظاهر
ڪيل ماڻهن جي نالن مان لڳائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته جنهن به ڪنهن بااثر جو نالو
پاناما ليڪس ظاهر ڪيو ويو آهي، انهن جو نالو ميڊيا ظاهر ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، جنهن سبب اڪثر
ناليواريون شخصيتون بي نقاب ناهن ٿي سگهيون. باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف سربراهه جي جيڪو آف
شور ڪمپنين جي شوشي تي جلسا ڪري رهيو آهي
جنهن کي به هاڻ ٿورو هٿ هلڪو رکڻو پوندو، ڇو ته سندس فنانسر ذلفي بخاري جو نالو به پاناما
ليڪس ۾ ظاهر ٿيو آهي، سندس پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ به آف شور ڪمپنين جا مالڪ ظاهر ٿي
چڪا آهن.
جئين جئين ڏينهن گذرندا پيا وڃن تئين تئين عمران خان جو
شروع ڪيل مشن به اڌ ۾ رهجندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سندس پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جون آف شور
ڪمپنيون ظاهر ٿيون آهن ته ٻي طرف وري سندس جلسن ۾ بدنظمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن
سبب سندس جلسن ۾ عورتن جي شرڪت جي شرح به گهٽجي رهي آهي. لاهور ۾به جيڪو تحريڪ انصاف جو جلسو ٿيو، ان ۾ به جهڙي ريت عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي اها
ڪنهن مذمت کان گهٽ نه آهي، جلسي ۾ ٿيل عورتن سان بدتميزي ۽ انهن جون ويڊيوز ته
سوشل ميڊيا تي ڀريون پيون آهن، جنهن کي ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ ئي جهڪي وڃي ٿو.خيبرپختونخواهه
۾ جيڪو جلسو ٿيو آهي، ان ۾ به سندس پارٽي جي ڪارڪنن هڪ پشتو فلم جي اداڪاره سان
بدسلوڪي ڪئي جيڪا به پاڻ بچائي اتان نڪري آئي پر ان جو به تحريڪ انصاف سربراهه
عمران خان ڪو به نوٽيس انهي ورتو، رهندو ان کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو اٿس، عمران خان پاناما پيپرز جي بنياد تي
وزيراعظم نوازشريف کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندو رهيو آهي. جڏهن
کان پاناما جو ٻيو ڌماڪو ٿيو آهي تنهن
ڏينهن کان عمران خان سميت اپوزيشن به نرمي اختيار ڪئي آهي ۽ نوازشريف به
ٿورو ذهني طور پرسڪون نظر اچي رهيو آهي.
جيتوڻيڪ پاناما
پيپرز ۾ سعودي بادشاهه سميت دنيا جي اڪثر اڳواڻن جا نالا شامل آهن پر ان
باوجود انهن ملڪن ۾ اهڙي صورتحال نه پيدا ٿي آهي جهڙي اسان جي ملڪ
جي بڻجي وئي آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ احتساب جو مطالبو به اهي
ڌريون ڪري رهيون آهن، جيڪي پاڻ به ڪرپشن ۾ ملوث آهن. جن خلاف به ايف آءِ اي ۽ نيب
سميت مختلف ادارا جاچ ڪري رهيا آهن ۽ انهن جون رڙيون به پري پري تائين بڌڻ ۾ اچي
رهيون آهن ۽ مطالبو ٿي رهيو آهن ته سندن
جو احتساب ڪيو وڃي، ڏٺو وڃي ته ملڪ جي قيام کان هن وقت ڪنهن جو به احتساب
ناهي ٿي سگهيو، جيڪڏهن احتساب ٿيو به آهي ته انهن ماڻهن جو ٿيو آهي جيڪي اقتدار کان ٻاهر هوندا يا اهي ننڍا پتڪڙا سياستدان جن ننڍي ڪرپشن ڪئي
هجي. باقي وڏا مگر مڇ ته ڪارو ڌن ٻاهرن ملڪن ۾ لڪايو ويٺا آهن ۽ انهن جي خلاف ڪو
ادارو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ڪجهه ته
هن ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي
فلاحي ادارا کولائي پنهنجي ڪاري ڌن کي اڇو ڪري ڇڏين ٿا، جن خلاف ڪو به قانون لاڳو
ڪندڙ ادارو ڪارروائي نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ انهن جي فلاحي ادارن خلاف ڪارراوئي ڪرڻ
ممڪن ناهي هوندو. هن ملڪ اندر ته ڪيتريون اهڙيون سماجي تنظيمون به آهن، جيڪي غريبن جي نانءُ تي اربين کربين روپيا
فنڊ وٺي اچن ٿيون پر انهي پئسي مان ٽڪو به غريب عوام تي خرچ نه پيو ٿئي ۽ نه ئي
وري هتان جا احتساب ادارا انهن خلاف ڪو نوٽيس وٺي سگهن ٿا. باقي رهي ڳالهه سياستدانن
جي ته هن ملڪ اندر اهڙا ڪيترائي سياستدان آهن جن جي ماضي هاڻ ۾ ڏينهن رات جو فرق
آهي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ نيب ۽ ايف آءِ
اي جي وس مان ٻاهر لڳي رهيو آهي. جيڪڏهن پاناما پيپرز جو جائزو ورتو وڃي ته
ان جو سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ به پاڪستان ئي ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته پاناما پيپرز ۾ صرف ملڪي سياستدانن ۽ واپارين جا نالا شامل
ڪيا ويا آهن. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ ٻين ملڪن جا سربراهه اهو پاڪستان جو اندروني معاملو قرار
ڏئي رهيا آهن پر ان هوندي به ٻاهرن ملڪن جون نظرون پاڪستاني سياسي صورتحال تي لڳيون پيون آهن.
اڪثر تجزيا نگارن جو خيال آهي ته پاناما پيپرز وارو مامرو
صرف ان لاءِ کڙو ڪيو ويو آهي ته ڪجهه عالمي طاقتون پنهنجا من پسند مطالبا
پورا ڪرائڻ چاهين ٿيون. جنهن جي ڪري انهن
مختلف ملڪن جي سياسي توڙي واپارين جون آف شور ڪمپنيون ظاهر ڪيون ويون آهن، ته ڪجهه
تجزيا نگارن جو خيال آهي ته عالمي طاقتن ڪنهن معاملي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ پاناما
پيپرز جو مسئلو کڙو ڪيو آهي، هاڻ ته
اهو وقت ئي ٻڌائندو ته پاناما ليڪس جا اصل مقصد ڪهڙا آهن، ڇاڪاڻ
ته جيڪي به ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي
اها صحافين جي وس ۾ ئي نه آهي. جيتوڻيڪ پاناما پيپرز ليڪس ڪندڙ صحافي چئي رهيا آهن ته
انهن مختلف ملڪن جي صحافين جي سهڪار سان
اها معلومات گڏ ڪئي آهي، جنهن تي اعتبار ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي، ڇو ته ان پيپرز ۾ صرف انهن ماڻهن جا نالا ڏنا ويا آهن جيڪي صرف واپاري آهن
يا وري سياستدان باقي ٻين شعبن سان تعلق
رکندڙ ماڻهن جي آف شور ڪمپنين جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا. جنهن مان به اها ڳالهه
واضع آهي ته ڪا نه ڪا طاقت ور ڌر انهن
صحافين سان ٻڌل هئي جو صحافين اهڙي
اهم ڄاڻ کي ليڪ ڪيو. جن جا وڌيڪ اثر به
پاڪستان تي پئجي رهيا آهن. بهر
حال هن وقت تائين ته پاڪستان سميت ٻين ملڪ تي پاناما معاملي ڪو
دٻاءَ سامهون اچي ناهي سگهيو پر مستقل جو
ڪجهه چئي به نٿو سگهجي.
باقي رهي ڳالهه ملڪ اندر ڪرپٽ ماڻهن جي ته ڪجهه ڏينهن کان
ملڪ ۾ احتساب جي شروعات ٿي چڪي آهي، آرمي
چيف جنرل راحيل شريف فوج جي ڪجهه آفيسرن
خلاف به ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته
پوءِ باقي رهيا سياستدان ته اهي شايد هاڻ بچي نه سگهندا، سنڌ ۾ ڪرپشن
ڪندڙن خلاف ته ڪارروايون جاري رهيون پر هاڻ بلوچستان ۾ به ڪارروايون
شروع ڪيو ويون آهن، گذريل ڏينهن به
بلوچستان جي قلعه عبدالله جي 2 اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ ڊپٽي ڪمشنر کي پڻ حراست ۾ ورتو
ويو آهي، بلوچستان جي ناڻو وار و
وزير ته اڳ ئي گرفتار آهي، جنهن جي گهر مان ڪروڙين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ ڪجهه اهم شخصيتن آهن جن
جي گهرن تي ڇاپا به هنيا ويا هئا جن بابت
ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته انهن وٽان سٺو مال هٿ
ڪيو ويو هو، پر انهن خبرن جي تصديق ۽ ترديد هن وقت تائين ناهي ٿي سگهي. پاناما ليڪس هجي يا وڪسي يا وري ٻي ڪا ليڪس ان سان ملڪ تي ڪافي گهرا اثر
پيا آهن، جنهن سان ملڪ ترقي جي
راهه تان هٽي ويو آهي ۽ ملڪي معيشيت تباهه ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن ڪرپٽ ڪامورن خلاف
ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ها ته اڄ پاناما ليڪس پپيرز ايڏي وڏي صورتحال کڙي نه ڪري ها
۽ اڄ ملڪ جا سياستدان ۽ واپاري ڪرپشن ۾
ملوث نه هجن ها، ملڪ به ترقي جي راهه تي
گامزن هجي ها. هاڻ جڏهن پاناما پيپرز جو ٻيو به ڌماڪو ٿي چڪو آهي ته تڏهن به آف شور
ڪمپنيون رکندڙن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي ۽ نه انهن خلاف ايف آءِ اي يا نيب ڪو قدم کڻي رهي آهي،
سياستدان به صرف هڪ ٻئي خلاف بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن، جيڪڏهن فوج ۾ ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي
پوءِ آخر پاناما ليڪس ۾ ظاهر ڪيل آف شور
ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي
ڪئي وڃي.
No comments:
Post a Comment