Pages

Wednesday, 4 May 2016

ڪراچي ۾ ٻيهر بدامني جي باهه ...!!!

صاحب خان ڀٽي
مورڙي جي شهر  ڪراچي ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان امن امان جي صورتحال انتهائي خراب  رهي آهي، جنهن سبب ڪيترائي شهري پنهنجيون حياتيون وڃائي چڪا آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا به معمول بڻيل آهي، جيتوڻيڪ حڪمران امن امان جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ جون دعوائو ڪري رهيا آهن پر هن وقت به شهرين جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن. دهشتگرد ايترا ته طاقتور ٿي ويا آهن جو ڪڏهن  ٽريفڪ وارڊن کي نشانو ٿا بڻائن ته ڪڏهن وري پوليس اهلڪارن  تي حملا  ڪن ٿا. شهر ۾ رينجرز، سي ٽي  ڊي ۽ پوليس  جي وڏي نفري موجود آهي، ان باوجود ڏوهاري پنهنجي سرگرمين ۾ مصروف آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڪراچي ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ روزاني پابندي مڙهيل تنظيمن کان ويندي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڏوهارين کي مقابلي ۾ مارڻ جون دعوائون به ڪري رهيا آهن پر ان باوجود هن وقت تائين شهر اندر امن امان جي صورتحال ۾ ٽڪي جو فرق نه پيو آهي. پر ايتري تبديلي ضرور آئي آهي جو ڪجهه عرصو اڳ عام شهرين کي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويندو هو  ۽ هاڻ سيڪيورٽي اهلڪار دهشتگردن  هٿان  قتل ٿي رهيا آهن.
روزانو  شهر مان ڪٿان نه ڪٿان اهلڪارن تي حملي جون خبرون به رپورٽ ٿي رهيون آهن. ان باوجود آءِ جي سنڌ کان ويندي سنڌي جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه تائين سمورا عملدار  صرف بيان ڏيڻ ۾ پورا آهن. جيتوڻيڪ قانون لاڳو  ڪندڙ ادارا شهر اندر پنهنجي ڪاررواين ۾ مصروف آهن  پر ان باوجود ڏوهاري قسم جهڙا ماڻهو به پنهنجن وارداتن ۾ رڌل نظر اچي رهيا آهن. اها ڪا ڪراچي جي ڪنڊ نه بچي هوندي جتان ڪو شخص لٽيو نه هجي.  ڪراچي جون حالتون ڪو هاڻي ناهن خراب ٿيون، ماضي ۾ به شهر جون اهڙو ئي حال رهيو آهي. جنهن جي ڪري هڪ دفعو فوج کي به آپريشن  ڪرڻو پيو هو، ان باوجود هن شهر جون حالتون جئين جو تئين برقرار آهن، پر ايترو فرق ضرورو پيو آهي جو هاڻ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وارداتن ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي پر ان  باوجود اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون تمام گهڻو وڌي ويون آهن، شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو بچيو هجي جنهن کان ڦر نه ٿي هجي. صحافين کان ويندي عام شهرين تائين هر هڪ ڦورن جو شڪار بڻيو آهي. ايتري قدر جون ڪيترائي شهري ڦر دوران مزاحت ڪرڻ تي پنهنجيون حياتيون به وڃائي چڪا آهن، ان باوجود پوليس صرف بيان ڏيڻ ۾ پوري نظر اچي رهي آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ سنيپ چيڪنگ به ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيترن ئي گاڏين کي تحويل ۾ به ورتو ويو آهي، ڪراچي پوليس دعويٰ به ڪري رهي آهي ته شهر اندر  امن امان جي صورتحال بحال ٿي چڪي آهي پر ان باوجود هٿياربند ڏينهن ڏٺي شهرين کان ڦرون ڪري رهيا آهن.
جيتوڻيڪ  رينجرز ، سي ٽي ڊي ۽ پوليس شهر ۾ امن امان قائم ڪرڻ  لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن ۽ ڪيتري ئي حد تائين ٽارگيٽ ڪلنگ وارن واقعن ۾ گهٽتائي به ٿي آهي پر ان باوجود اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڏوهاري بنا خوف جي پنهنجيون ڪارروايون ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي علائقن مان جعلي سي ٽي ڊي اهلڪار گرفتار به ڪيا ويا آهن جيڪي شهرين کان ڦرون ڪندا هئا.شهر ۾ اهڙن پوليس اهلڪارن جون خبرون رپورٽ ٿينديون  رهيون  آهن جيڪي شهرين کان ڦرون ڪندا آهن.  آرمي چيف جنرل راحيل شريف احتساب جي شروعات فوج کان شروع ڪري چڪو آهي هاڻ کيس سنڌ  ۾ موجود سيڪيورٽي ادارن  ڏانهن به نظر ڦيرائڻي پوندي ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر به پوليس  ۽  ٻين سيڪيورٽي ادارن ۾ موجود ڪارين رڍن جو به انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي پوليس بابت اهي خبرون  به ميڊيا جون زينت بڻيون آهن ته ڪيترائي اهڙا پوليس  اهلڪار  آهن جيڪي ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪندا آهن ۽ اهڙيون شڪايتون شهري به ڪندا رهندا آهن. ان باوجود اهڙن ڪارين رڍن خلاف  هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. جنهن سبب شهري غير محفوظ بڻجي ويا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ  ڊفينس ويندي هڪ عورت کي ڀاءُ سميت ٻن موٽرسائيڪل سوار اهلڪارن حراست ۾ ورتو هو،  جنهن بعد انهن اهلڪارن عورت حوس جو نشانو بڻايو، جڏهن اها خبر ميڊيا تي آئي ته انهن ٻنهي پوليس اهلڪارن کي فوٽو سيشن  طور حراست ۾ ورتل ڏيکاريو ويو، جنهن بعد انهن اهلڪارن خلاف  به ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ان عورت سان ڪو انصاف ٿي سگهيو، اهلڪارن جي حوس جو شڪار بڻيل عورت ميڊيا کي ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڃي رهي هئي ته اهلڪارن کيس حراست ۾ وٺڻ بعد لڄالٽ جو نشانو بڻايو. اهڙا کوڙ سارا ٻيا واقعا به هن شهر ۾ پيش اچي چڪا آهن، جن جو به هن وقت تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو ويو.  ڪجهه ڏينهن اڳ به اهلڪارن سنيپ چيڪنگ دوران ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو.  هاڻ جڏهن دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز  ڪيون ويون آهن تڏهن ڪجهه  ڏوهاري ماڻهو پاڻ کي پوليس اهلڪار ڄاڻائي وارداتون ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن ، جنهن سبب ادارن جي ساک کي نقصان پهچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙن ماڻهن کي جڏهن گرفتار ڪيو ويندو آهي ته انهن پٺيان ڪنهن نه ڪنهن بااثر شخص جو هٿ ضرور هوندو آهي. 
جڏهن پنجاب ۾ پوليس ڏوهارين کي قابو ڪرڻ ۾ ناڪام وئي هئي ته انهن فوج کي طلب ڪيو هو ڇاڪاڻ پنجاب پوليس سمجهي وئي هئي ته هو ڇوٽو گينگ کي منهن نٿي ڏئي سگهي ۽ نه هنن وٽ اهڙي ڪي ٻيون اهڙيون سهولتون هيون جو اهي هڪ ڦورو کي  گرفتار ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته پنجاب پوليس صرف سنڌ اندر ئي داخل ٿي بي گناهه ماڻهن  کي ماري سگهي ٿي، جنهن جي کين ڪنهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جن ۾ پنجاب پوليس بنا ڪنهن اجازت وٺڻ کان ڪاهه ڪئي آهي ۽ معصوم ڳوٺاڻن تي وحشياڻو تشدد ڪيو آهي، ميڊيا تي اهي به خبرون آهن ته پنجاب پوليس گهرن کي باهيون ڏئي سامان به کڻي هلي ويندي  آهي ۽ هتان جي پوليس کي ڪا سڌ به نه پوندي آهي.  هاڻ ان مان اندازو ته لڳائي سگهجي ٿو اها پنجاب پوليس جيڪا هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي فوج کي طلب ڪري سگهي ٿي ته اها پنجاب پوليس دهشتگردن کي ڪهڙي ريت منهن ڏئي سگهندي.
هونءَ به پنجاب ۾ دهشتگردن ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن  جنهن کي پنجاب پوليس طرفان منهن ڏيڻ ناممڪن نظر اچي رهيو آهي. جنهن لاءِ به شايد پنجاب پوليس کي فوج کي منهن ڏيڻو پئي. پر اها پنجاب پوليس اتي بهادر ضرور ٿي ويندي آهي جڏهن اهي سنڌ اندر داخل ٿي پنهنجي پيٽ ڀريندا آهن. ڳوٺاڻن کي بنا جواز گرفتار ڪري انهن مٿان  ڪيس به داخل ڪيا ويندا آهن ۽ اهي ڪيس وري پنجاب جي حدن ۾ داخل ڪيا ويندا آهن ۽ هتان جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل هوندي آهي ۽ انهن تڏهن خبر پوندي آهي جڏهن اهڙيون خبرون ميڊيا تي هلنديون آهن. هاڻ جڏهن سنڌ ۾ به پوليس  ڦورن کي سوگهو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي، تڏهن لڳي پيو ته سنڌ پوليس کي به ڪنهن  نه ڪنهن کان مدد وٺڻي ضرور پوندي ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ ڦرن جون وارداتون تيز ٿي ويون آهن، ملير، گلشن اقبال، گلستان جوهر ، صدر، لياقت آباد، بهادر آباد، شاهه فيصل ڪالوني ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾  ڦورن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به  ڪارروايون تيز ڪرڻيون پونديون ته جئين  وڌيڪ شهري لٽجڻ کان بچي سگهن  ۽ سندن  جانيون به محفوظ رهن، جيڪڏهن ڦورن کي لغام نه ڏنو ويو ته ڪيترائي ماڻهو انهن جو کاڄ بڻبا، هن وقت به ڪيترائي ماڻهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي مارجي چڪا آهن، جن جي وارثن سان به  انصاف نه ٿي سگهيو آهي.


No comments:

Post a Comment