Pages

Monday, 9 May 2016

پاناماليڪس جو ٻيو ڌماڪو

صاحب خان ڀٽي
پانامالڪيس جي پهرين ڌماڪي ملڪ ۾ وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو پر جڏهن پاناما اختيارين هڪ ٻئي ڌماڪي جو اعلان ڪيو ته دنيا اندر هڪ دفعو ٻيهر   واپارين کان ويندي سياسي ماڻهن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. پاڪستان ۾ ته  پاناما ليڪس جي پهرين ڌماڪي وزيراعظم نوازشريف  سميت ٻين ڪيترن ئي سياستدانن کي پريشانين جي ور چاڙهي ڇڏيو هو. ڪنهن کي به اها اميد نه هئي ته وزيراعظم نوازشريف به پاناما ليڪس معاملي تي قوم کي 2 ڀيرا مسلسل اعتماد ۾ وٺندو. پاناما ليڪس جي پهرين ڌماڪي ۾  چلي سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي   سياستدانن پنهنجن عهدن تان استعيفائون ڏنيون پر برطانيا ۽ پاڪستان ۾  سياستدانن پاران عوام کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وزيراعظم نوازشريف جو پهرين پاناما ليڪس ڌماڪي ۾ نالو سڌي طرح نه آيو هو پر سندس اولاد جي ڪري سندس نالو منظر عام تي آيو هو. اهڙي تصديق پاناما ليڪس جي اختيارين به ڪئي هئي ۽ چيو هو ته پاناما پيپر ز ۾ وزيراعظم نوازشريف جو نالو نه آهي پر سندس اولاد جو نالو اچڻ سبب  سندس نالو استعمال ٿي رهيو آهي. پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم نوازشريف  جي اولاد جي آف شور ڪپمنين جي انڪشافن بعد ملڪ اندر وڏو ٿرٿلو مچي ويو هو، اڪثر جماعتون وزيراعظم نوازشريف کان استعيفيٰ گهري رهيون هيون . ايتري قدر جو  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ته وزيراعظم نوازشريف خلاف اهڙا اهڙا جذباتي بيان ڏنا جنهن مان لڳي پيو ته ملڪ اندر ڪا وڏي تبديلي اچڻ واري آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي اهڙي جذبي کي ڏسي ٻيون پارٽيون به سندس حمايت ۾ نڪري پيون هيون ۽ نوازشريف جي بار بار قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ مان لڳي رهيو هو ته وزيراعظم نوازشريف کي تمام گهڻي پريشاني هو ۽ هو تمام گهڻو وائڙو ٿي ويو هو، ايتري قدر جو کيس لنڊن جي ياترا به ڪرڻي پئي.  ڪجهه چينل ته اهي به خبرون هلائي رهيا هئا ته وزيراعظم نوازشريف پي پي پي  ڪو چيئرمين آصف علي زرداري کان مشوررو وٺڻ ويو آهي. پاناما ليڪس جي پهرين ڌماڪي جي  شروعات ۾ پيپلزپارٽي وزيراعظم نوازشريف خلاف  شروع ڪيل احتجاج ۾ شرڪت نه ڪئي هئي ۽  پ پ طرفان اهي بيان  سامهون اچي رهيا هئا ته هو ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت جي ٽرين کي پٽڙي تان لهڻ نه ڏيندا. پوءِ آهستي آهستي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي کي ڏسندي پيپلزپارٽي سميت ٻيون پارٽيون به عمران خان جي قافلي ۾ شريڪ ٿيڻ لڳيون، عمران خان جيڪو مطالبو وزيراعظم نوازشريف کان ڪري رهيو، اهو ئي  بلاول ڀٽو زرداري به ڪرڻ لڳو .  بلاول ڀٽي زرداري ته وزيراعظم کان ابه استعيفيٰ جو به مطالبو به ڪيو هو. پر لڳي ائين نه پيو ته اهو معاملو اڳتي هلي سگهندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي به  احتجاج ڪيا ويا ان ۾ عمران خان کي ميڊيا جي تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو. ڇاڪاڻ ته عمران خان جي جلسن ۾ جيڪي عورتن سان بدتميزي ٿي رهي هئي  ان کي ميڊيا ته وائکو نه پري ڪري پر سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح ان مهم کي هلايو ويو ، اهو ڪنهن کان گهٽ نه هو. سوشل ميڊيا ته ان مهم  دوران  جاري ڪيل ويڊيوز عمران خان جون به اکيون کولي ڇڏيون جنهن ته هن معذرت به ڪئي ۽ نوٽيس به ورتو ۽ اڳتي اهڙا واقعا نه ٿيڻ جي به خاطري ڪرائي. بهر حال اها پارٽي مينيجمينٽ جو ڪم آهي ته اهو ڪهڙي طريقي سان پنهنجي پارٽي ضابطا اخلاق پيدا ڪري ٿو.  جڏهن  پاناما اختيارين ٻئي ڌماڪي جو اعلان ڪيو تنهن ڏينهن کان وزيراعظم نوازشريف به سندرا ٻڌي ميدان تي لٿو ۽ سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جا افتتاح ڪيا ۽ عمران خان خلاف اهڙي ٻولي ڳالهائي جيڪا هڪ وزيرراعظم کي نه پئي سونهين، اهڙين تقريرن بابت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به به پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو  ته وزيراعظم نوازشريف کي دهشتگردن ۽ سياستدانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو. تنهن باوجود وزيراعظم پنهنجي بيانن ۾ مصروف هو ۽ وڏا وڏا اعلان به ڪري رهيو هو. تنهن بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي به بيان جاري ڪيو ته هو وزيراعظم سان ملاقات ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن بعد ملڪ اندر پاناما ليڪس معاملي تي ٿوڙي ٺاپر آئي پر اهو سڄو معاملو تڏهن واضع ٿيو جڏهن ڪالهه صبح پاناما ليڪس جو ٻيو ڌماڪو ٿيو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف کي اها پڪ ۽ اعتماد هو ته پاناما ليڪس ۾ پاڪستاني واپاري ۽ سياستدانن جا نالا  به شامل هوندا ، جنهن سبب هن عمران خان ڀرپور جواب ڏنو ۽ مخالف ڌر کي پنهنجو احتجاج ۾ ٿڌائپ آڻڻي پئي. شينهن جو پاناما جي ٻئي ڌماڪي جي اعلان کانپوءِ ڀڀڪيون به وڌي ويون هيون، جنهن بعد اپوزيشن خاموشي اخيار ڪري ورتي هئي. پاناما ليڪس جي ٻئي ڌماڪي ۾ 400 پاڪستانين جا نالا شامل ڪيا ويا آهن، جنهن کي آءِ سي آءِ  جي  تيار ڪيو آهي. آءِ سي سي جي، موجب دستاويزن تي 80 ملڪن جي 107 ادارن ڪم ڪيو آهي، جنهن بابت اهو به چيو ويو آهي ته پاناما ليڪس تي آءِ سي آءِ جي، جي 350 کان وڌيڪ صحافين  جاچ ڪئي  آهي جنهن بعد وڃي اهي دستاويز جاري ڪيا ويا آهن.
پاناما ليڪس جي ٻئي ڌماڪي وزيراعظم جون به مشڪلاتون آسان ڪري ڇڏيون آهن، ڇاڪاڻ ته  تحريڪ انصاف سربراهه خان جيڪو وزيراعظم نوازشريف جي اولاد  جي آف ڪمپنين جو جواز ڄاڻائي استعيفيٰ  گهري رهيو  آهي، هاڻ سندس ان هم شخصيت جو نالو به پاناما ليڪس ۾ سامهون اچي چڪو آهي جيڪو سندس  فنانسر آهي، هاڻ ان مان اندازو  ته لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪو پارٽي سربراهه ان شخص کان  مدد وٺندو هجي  جنهن جون آف شور ڪمپنيون هجن ته ان  شخص کي ڪهڙو حق آهي جو اهو هڪ عوامي جي چونڊيل وزيراعظم کان استيعفيٰ گهري. ايترو نه پر عمران خان جي اهم فنانسر  ذلفي بخاري سميت پي ٽي آٰءِ جي ٻين به اڳواڻن جو نالو پاناما ليڪس ۾  آيو آهي.  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعيم خان جو به نالو پاناما ليڪس جي فهرست ۾ شامل آهي.جيتوڻيڪ  پاناما ليڪس جي انڪشافن جو ٻيو بم ڦاٽي پيو  آهي ان باوجود ملڪ اندر مخالف ڌريون ان مطالبي تي بيٺل نظر اچي رهيون آهن وزيراعظم نوازشريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پاناما ليڪس جي فهرست ۾ واپارين ۽ شوبز شخصيتن سميت 400 پاڪستانين جا نالا ظاهر ڪيا ويا آهن. آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چناءِ جي والده جو نالو به شامل  آهي، جنهن بابت چيو ويو آهي ته شرمين عبيد چناءِ جي والده صبا عبيد جون 3 آف شور ڪمپنيون آهن. عمران خان جي فنانسر ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سئوٽ جو نالو به پاناماليڪس ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. عمران خان جو اهم فنانسر ذلفي بخاري جي خاندان جون 6 ڪمپنيون فهرست ۾ ظاهر ڪيون ويون آهن. آصف علي زرداري ۽ متحده سربراهه جي دوست سيٺ عابد جو نالو پاناما ليڪس جي فهرست ۾ شامل آهي. آصف علي زرداري ۽ متحده سربراهه جي ويجهو رهندڙ واپاري عرفان اقبال جون 3 ڪمپنين جي ملڪيت سامهون اچي وئي. پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ايم ڊي عبدالستار ڏيرو جو نالو پاناما ليڪس جي فهرست ۾ موجود آهي. پورٽ قاسم جي اڳوڻي ايم ڊي عبدالستار ڏيرو جون 2 آف شور ڪمپنيون آهن. اڳوڻي ايڊمرل مظفر حسين جي ڌيئرن جا نالا پاناما ليڪس جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. چيمبر آف ڪامرس ڪراچي جو اڳوڻو صدر شوڪت احمد جو نالو پاناما ليڪس جي فهرست ۾ شامل آهي. اڳوڻي صحت واري وزير نصير خان جي خاندان جي هڪ آف شور ڪمپني آهي. ذوالفقار عباس بخاري جي خاندان جون 6 آف شو ڪمپنيون آهن * تحريڪ انصاف جي عبدالعيم خان جو نالو به پاناما ليڪس جي فهرست ۾ موجود آهي. پاناما ليڪس پيپرز ۾ بيا به ڪيترائي  پاڪستاني واپاري ۽ سياسي اڳواڻ  آهن جن جا به نالا   پاناما ليڪس ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اهو به ٻڌڻ آيو آهي ته اڃان به وڌيڪ پاڪستاني اڳواڻن  جا پاناما ليڪس جي فهرست ۾ ظاهر ڪيا ويندا.
هاڻ جڏهن ٻئي ڌماڪي ۾ تحريڪ  انصاف سربراهه عمران جي اهم فنانسر ذلفي بخاري جو به نالو آف شور ڪمپني ۾ آيو آهي تڏهن لڳي پيو ته جيڪا ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم ڀڀڪيون هڻي رهيون هو اهي سڀ ان پاناما ليڪس جي ٻئي ڌماڪي سبب ئي هڻي رهيو هو. هن ڌماڪي بعد لڳي ٿو وزيراعظم نوازشريف کي هڪ ٻيو وڏو موقعو ملي ويو آهي ۽ هاڻ سندس  وزارت کي ڪو به خطرو نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي عمران خان  آهي جيڪو  ڪنهن نه ڪنهن هنڌ اهو چوندو  رهيو آهي ته ذلفي بخاري سندس اهم فنانسر آهي ۽ ان جو نالو به پاناما ليڪس پيپرز جي فهرست ۾ شامل آهي. جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ عمران خان ته ڇا ٻيون پارٽيون به وزيراعظم نوازشريف کان به اسيعفيٰ جو مطالبو نه ڪنديون.

No comments:

Post a Comment