Pages

Friday 1 June 2018

ايندڙ چونڊون ۽ جمهوريت جي مضبوطي وارو سوال


صاحب خان ڀٽي
ملڪي تاريخ ۾ ٻيو  ڀيرو هڪ  چونڊيل جمهوري حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري چڪي آهي ۽ 60 ڏينهن اندر  چوندون به  ڪرائڻ لازمي آهن پر جهڙي ريت ملڪ جون حالتون آهن، ان مان لڳي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون پاڻ ئي رنڊڪ بڻجي وينديون ۽ چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته  بلوچستان به چونڊن جي حمايت نه پيو ڪري ۽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ به پيش ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ ايم ڪيو ايم به آدمشماري جو بهانو ڳولي رهي آهي پر اهو بهانو ته ايم ڪيو ايم کي نه پر پيپلزپارٽي کي ڳولڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته سنڌ اهو واحد صوبو آهي جو سنڌ جي دشمنن اُن کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي، مذهب جي نالي تي  پناهگيرن کي  ترسائي انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا پيا وڃن ۽ ان حوالي سان سڄي سنڌ ۾ احتجاج به ٿي رهيا آهن پر وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري رهي آهي، اهو سڀ ڪجهه اُن ڪري ٿي رهيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي سنڌ جا دشمن قابض رهن ۽ سنڌ جو عوام بک ۽ بدحال رهي ۽ ڌارين کي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين تي نوازي سنڌين کي اونداهي جي دور ۾ ڌڪيو وڃي، 
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهو ورتاءُ فلسطين ۾ اسرائيل نه پيو ڪري جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ سنڌين سان ٿي رهيو آهي ۽ احتجاج ڪرڻ تي غداري جو سرٽيفڪيٽ ڏنو پيو وڃي پر جن دهشتگردن  ڪراچي ۾ فيڪٽرين کي ڀتي نه ملڻ تان باهه ڏئي ماڻهن کي زندهه ساڙيو ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي، انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي ۽ نه ئي اهي ماڻهو قانون جي پڪڙ ۾ اچي سگهيا،  نواز ليگ آئي ته ان ڪراچي ۾ امن قائم ڪرايو ۽ سنڌ جي دشمنن جي ڳچي ۾ پٽو وڌو ۽ امن قائم ڪرايو پر اهو امن به گهڻو دير نظر نه پيو اچي،
بهرحال چونڊون تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن ۽ مختلف تنظيم پاران به رابطا مهم تمام گهڻي تيز ڪئي وئي آهي ۽ مختلف جماعتن خلاف به ڪارروايون  ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته اهي ڪارروايون اهي سموريون جماعتون  پنهنجي ڪاميابي لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿيون. اليڪشن ڪميشن   موجوده چونڊن کي سڀ کان وڌيڪ مهانگيون قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽  چونڊن ۾ وڌيڪ خرچ به ايندو،  جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن  14 نڪاتي  ضابطه اخلاق به جاري ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان غير ملڪي مبصرين کي  پنهنجي راءِ ڏيڻ جي به اجازت نه ايندي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن ، پولنگ عملي ۽ غير ملڪي مبصرين کي ضابطه اخلاق جي پابندي جي هدايت به ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو اليڪشن ڪميشن پاران کوڙ  سارين جماعتن کي چونڊ نشان به تبديل ڪيا ويا آهن، جن پارٽين جي سربراهن تي پابندي آهي ۽ انهن کي به ساڳيو ئي  چونڊ نشان جاري ڪيو آهي، جيڪا به هڪ حيرت جوڳي  ڳالهه آهي،
بهرحال اهو سٺو سنوڻ آهي ته  هڪ ٻي چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو  ڪري چڪو  آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي هئي، جنهن دوران  يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ويو هو، جڏهن ته آصف علي زرداري صدر بڻيو هو  پر حڪومت  ٺهندي ئي  مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف عدليا  جي بحالي لاءِ  روڊن تي نڪري پيو، ان کان اڳ پيپلزپارٽي به  ججن جي بحالي واري تحريڪ ۾ سڀ کان اڳتي هئي  ۽ ججن جي بحالي واري مهُم دوران روڊن تي پيپلزپارٽي سميت ٻيون جماعتون به هيون ۽ ڪراچي 12 مئي ته  هڪ آمر جي حڪومت دوران  ڪراچي کي يرغمال بڻائي  فساد پکيڙيندڙن  رت جون نديون وهايون ويون  پر  پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ ان معاملي کي دٻايو ويو، پر مسلم ليگ ن 12 مئي کان ويندي، ججن جي بحالي واري تحريڪ تان هٿ نه کنيو ۽  پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف سندرا ٻڌي روڊن تي نڪري پئي ۽ مارچ به ڪيو ويو پر آصف زرداري سمجهداري کان ڪم وٺندي افتخار چوڌري  کي بحال ڪري ڇڏيو هو ۽ مسلم ليگ ن وڏو جشن ملهايو هو ۽ چيو هو ته اڄ هنن عدليا کي بحال ڪرائي ڇڏيو آهي  ۽ عدليا جي فتح آهي پر اڄ ڪلهه حالتون ٿوريون تبديل نظر اچي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته جنهن عدليا جي بحالي جو مسلم ليگ ن جشن ملهايو هو اڄ اها ئي مسلم ليگ ن عدالتن ۽ ججن خلاف ڳالهائي  رهي آهي ۽ پي سي او تحت حلف کڻندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهي آهي.
نوازشريف ته  پاڻ کي نظرياتي ليڊر سمجهندي  ٻين کي اسٽيبلشمنٽ جو مهرو قرار ڏئي رهيو آهي پر اُن باوجود پيپلزپارٽي خاموش آهي ۽ پيپلزپارٽي طرفان چيو پيو وڃي ته هي اهو نوازشريف آهي، جنهن  سياسي اڳواڻن کي عدالتن ۾ گهلڻ جي سياست ڪئي ۽ پاڻ ڪارو ڪوٽ پائي عدالتن ۾ وڃي بيهي رهيو. ميمو گيٽ ڪيس کان ويندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي نااهلي تائين نوازشريف پيپلزپارٽي خلاف رهيو پر اُن وقت نوازشريف کي جمهوريت ياد نه آئي پر هاڻ کيس جمهوريت ياد اچي رهي آهي، اهو سڀ ڪجهه پيپلزپارٽي جا مختلف اڳواڻ چئي رهيا آهن، جن جو خيال آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪارروائي سان جمهوريت تي ڪو به اثر نه پوندو،
بهرحال مسلم ليگ ن جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ  اها ساڳي تاريخ ٻيهر  ورجائي پئي وڃي، پر هن ڀيري مسلم ليگ ن خلاف پيپلزپارٽي عدالتن ۾ نه وئي آهي پر تحريڪ انصاف عدالتن جو در کڙڪايو آهي ۽ تحريڪ انصاف پاڻ به عدالتن کي منهن ڏئي رهي آهي، غير ملڪي فنڊنگ ڪيس به تحريڪ انصاف تي هليو  پر تحريڪ انصاف اهڙي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جهڙي نوازشريف خلاف ٿي آهي، اهو ئي سبب آهي جو نوازشريف هر وقت اهو ئي چئي رهيو آهي ته ” مجهي ڪيون نڪالا“. هونئن ته  تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڪيترائي ڀيرا پريس ڪانفرنس ڪري نوازشريف کي ان بابت جواب ڏئي چڪو آهي پر مجال آهي نوازشريف اهو سوال ڪرڻ و ساري. مسلم ليگ ن چئي رهي آهي ته عمران خان لاڏڻو آهي ۽ عمران خان چئي رهيو آهي ته نوازشريف اسٽيبلشمنٽ جي پيدوار آهي، مطلب ته هن وقت ٻنهي لاڏلن ۾ سياسي جنگ هاڻ ذاتي جنگ بڻجي وئي آهي. هڪڙو ادارن خلاف ڳالهائي رهيو آهي ته ٻيو وري ادارن جو ترجمان بڻجي انهن جي حمايت ڪري رهيو آهي. مطلب ته نواشريف ڪنهن به اداري خلاف هڪ لفظ به ڪڍندو ته پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ق، عوامي مسلم ليگ سميت ٻيون جماعتون ايترو جلدي بيان جاري نه ڪنديون پر تحريڪ انصاف ان اداري جو ترجمان ٿي نوازشريف کي  اهڙو ته جواب ڏيندي جو نوازشريف ٻيهر پريشان ٿي ويندو آهي.
جئين ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته اهو سلسلو پاناما پيپرز کان پوءِ شروع ٿيو آهي پر  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پريس ڪانفرنس ڪري  اهو واضح ڪري چڪو آهي ته  سندس خلاف ڪارروائي مشرف خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ کانپوءِ شروع ٿي  آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ مان   پهريون ڀيرو ڪنهن آمر خلاف غداري جو ڪيس  هلايو ويو،   نواز شريف اهو به  چيو آهي ته  پرويز مشرف خلاف ڪارروائي هاڻ ڪير به نٿو روڪي سگهي، هڪ نه  هڪ ڏينهن  هو پڪڙ ۾ ضرور ايندو.  بهرحال اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته  ته پرويز مشرف کي  رڳو سزا ملندي يا وري جن به آمرن آئين ٽوڙيو ۽ آئين  ٽوڙيندڙ  جو ساٿ ڏنو، انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي يا  وري ڪارروائي رڳو  پرويز مشرف خلاف ٿيندي.   جڏهن نوازشريف پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته  سندس دل ۾ کوڙ سارا راز دفن آهن ۽ جمهوريت خلاف سازش ٿي رهي آهي، ته اُن وقت مختلف جماعتن طرفان چيو ويو  هو ته نوازشريف کلي نه پيو  ڳالهائي ،
جيڪڏهن جمهوريت خلاف واقعي سازش ٿي رهي آهي ته پوءِ اُن کي وائکو ڪري، پر اُن وقت به نوازشريف لڪيل لفظن ۾ ڳالهايو ۽ اڄ به کلي عام نه  پيو ڳالهائي رڳو  بنگلاديش جا مثال ڏئي رهيو آهي.  بنگلاديش   جڏهن الڳ ٿيو، اُن وقت ڇا ٿيو، هاڻ نوازشريف  کي اُن بابت نه ڳالهائڻ گهرجي ڇو ته هاڻ اهو هڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي. جئين ته پيپلزپارٽي جي هڪ اڳواڻ سوال ڪيو ته آخر  مسلم ليگ ن پرويز مشرف کي ڇو نه روڪيو، جنهن تي نواز ليگ جي هڪ اڳواڻ چيو ته جمهوريت جيتري مضبوط هئي اوترو نوازشريف کي روڪيو. مطلب ته  جيڪڏهن  پرويز مشرف پرڏيهه نه وڃي ها  ۽ نواز ليگ پرويز مشرف خلاف  ڪارروائي ڪري ها ته پوءِ جمهوريت مضبوط هئي پر جيئن ته هاڻ پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر آهي ته جمهوريت مضبوط نه آهي.
بهرحال ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته  حڪمران جماعت جي وزيراعظم کي نااهل ڪري گهر اماڻي پوءِ کيس پارٽي صدارت  تان هٽايو ويو  مطلب ته هن وقت  نوازشريف جي ڪٽنب مان ڪو به چونڊ وڙهي نٿو سگهي. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ رطانوي مئگزين دي اڪانومسٽ جي انٽيليجنس  يونٽ جي رپورٽ ايندڙ چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر مسلم ليگ ن جي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي آهي. مئگزين پاڪستان جي عام چونڊن تي پنهنجو ذاتي تجزيو پيش ڪندي لکيو آهي ته شهباز شريف پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم هوندو ۽ نواز شريف پارٽي جي قيادت سنڀاليندو. مئگزين پنهنجي تجزئي ۾ لکيو آهي ته مسلم ليگ ن پنجاب ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، جولاءِ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ ٻين سياسي پارٽين لاءِ ڪابه خوشخبري ناهي. هوئن ته زيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته  صاف ۽ شاف چونڊون ملڪ جي اهم ضرورت آهن، پاڪستان جي مسئلن جي حل لاءِ سول ڳالهيون ضروري آهن. سول ۽ فوجي قيادت گڏجي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو،  اسان جي فوج اهڙي هنڌ دشمن کي شڪست ڏني جتي سموري دنيا جي فوج شڪست نه ڏئي سگهي.
بهرحال جهڙي ريت ملڪ جون موجوده  حالتون آهن اُن مان سولائي سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته ڪا به جماعت اڪثريت سان ڪامياب نه ٿيندي، پنجاب ۾ مسلم ليگ ن اڪثريت سان سيٽون کٽي سگهي ٿي، جڏهن خيبرپختونخواهه ۾ به آزاد گروپ کٽي سگهي ٿو يا وري تحريڪ انصاف وڌيڪ سيٽون کڻي سگهي ٿي، باقي رهي ڳالهه خيبرپختونخواهه جي ته اهو ته تحريڪ انصاف جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي. رهي ڳالهه سنڌ جي ته هن ڀيري پيپلزپارٽي لاءِ به سيٽون کٽڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌ مان کنڀيلن ماڻهن جي پوئواري نه ڪرڻ ۽ قبيلن جهڙن ۾ پيپلزپارٽي جي حامين جو ملوث هجڻ سميت صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو هن ڀيري  پيپلزپارٽي کي گهٽ ووٽ ڏئي سگهن ٿا.



No comments:

Post a Comment