صاحب خان ڀٽي
صوفين جي هي سرزمين قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، هتي پيٽرول، گيس ۽ ڪاري سون ( ڪوئلو ) جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ سڄي دنيا جون نظرون صوفين جي سرزمين تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ماڻهو اڄ بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن. سنڌ جي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي ۽ مذهب جي نالي تي سنڌين کي اقليت ڪرڻ لاءِ حڪمران سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگهن، جڏهن به سنڌ خلاف سازش ٿيندي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ڌاري لوڌ انهن ڌرين سان سهڪار ڪندي آهي، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن، جنهن جو چٽو ثبوت ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد پرڏيهي آهن، جن کي هن ملڪ جي حڪمرانن سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري انهن کي هتان جو رهواسي تسليم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي ۽ سنڌ جا دشمن انهيءَ فارمولي ۾ ڪامياب ويا آهن پر سنڌ مان ڪامياب ٿيندڙ نمائندا ڪڏهن به ڌارين جي لوڌ جي آبادڪاري خلاف ايوانن ۾ ناهي ڳالهايو ۽ نه ئي انهن ۾ ايڏي جرئت آهي جو اهي سنڌ جي حقن بابت جاکوڙ ڪري سگهن..
جيئن جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن، تيئن تيئن سنڌ جون حالتون به تبديل ٿي رهيون آهن، هڪ طرف بلڊر مافيا سنڌ جي سون واري زمين کي ڀڳڙن مٺ وٺي ڌارين کي آباد ڪرڻ جا وڏا وڏا منصوبا جوڙي رهيا آهن ۽ اهي بلڊر مافيا به سنڌ جي دشمنن جو ساٿ ڏيندا آهن. ڪالا باغ ڊيم هجي يا وري سنڌ جي پاڻي واري حصو جو معاملو اهي هميشه سنڌ جي مخالفن سان ئي گڏ هوندا آهن. ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ ساڃاهه وندن جي احتجاج کان پوءِ سنڌ جي نوجوان نسل ۾ هڪ اتساهه پيدا ٿيو آهي ۽ اهي پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ سنڌ جي غريب ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن تي نڪتا آهن پر ڪجهه ڌرين کي اهو احتجاج پسند نه آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ سنڌي نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو تيز ٿي ويو، ڪيترائي سنڌي نوجوان پنهنجن پيارن کان جدا ٿي ويا آهن، جنهن سبب انهن جا وارث نياڻين سميت روڊن تي اچي ويا آهن ۽ اهو روڊن تي اچڻ به انهن ڌرين کي پسند نه آيو آهي، جنهن سبب احتجاج ڪندڙن کي احتجاج کان روڪيو پيو وڃي۽ احتجاج ڪندڙن کي الائي جي ڪهڙا ڪهڙا لقب ڏنا پيا وڃن،
ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻائي سندن لٽا به ليڙون ليڙون ڪيا ويا . هونئن ته کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج جاري هو پر اُن احتجاج ۾ شدت ڪراچي واري احتجاج کان ٿي آهي، جڏهن ڪراچي پريس ڪلب ويجهو سنڌ جون نياڻيو پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ بک هڙتال ڪئمپ تي ويٺيون هيون ته اتي انهن مٿان حملو ڪيو ويو ۽ پنجن نوجوانن کي کنڀيو ويو پر جيئن ته اهي ماڻهو ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويا هئا، جنهن سبب انهن کي صبح ٿيندي ڇڏيو ويو پر انهن ماڻهن کي هن وقت تائين نه ته عدالتن ۾ آندو ويو آهي ۽ نه ئي وري انهن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. جنهن سبب سڄي سنڌ ڳڻتي ۾ ورتل آهي ته اهي سنڌي ڪٿي آهن، ڪهڙي اداري وٽ آهن،ڪراچي ۾ سنڌ جي نياڻين سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو، اُن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، جيڪي چينل سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جون خبرون نه هلائي رهيا هئا، اهي به خبرون هلائڻ لاءِ مجبور ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جون نياڻيون يڪجهتي طور روڊن تي نڪري آيون هيون، ليکڪ، اديب، ڏاها، ساڃاهه وند، سول سوسائيٽي ۽ وڪيل به احتجاج ۾ شريڪ ٿيا ۽ هڪ سگهارو آواز اٿيو، جنهن تي حڪمرانن کنڀي گم ڪيلن ماڻهن کي بازياب ڪرڻ بدران اهو چيو ته سنڌ جا ماڻهو انهن احتجاجن ۾ شريڪ نه ٿين،
مطلب ته هاڻ سنڌين کان ووٽ وٺي اقتدار ايندڙن کي سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه اهي سنڌ جي نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سنجيده نظر اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ جي حڪمرانن جو اهو حال هجي ته پوءِ ڌارين مان اها ئي اميد ڪري سگهجي ٿي، اهي ڪنهن به ريت سنڌ جي ماڻهن تي رحم نه ڪندا ۽ اهو ظلم جاري ۽ ساري رکندا، جيڪڏهن اهڙي صورتحال ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ته عالمي ميڊيا ۾ ٿرٿلو مچي وڃي ها پر جيئن ته سنڌين کي غلام سمجهي انهن جا حق غضب ڪيا پيا وڃن انهن جي وسيلن تي قبضو آهي ۽ پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ احتجاج ڪرڻ سان حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه چرندي آهي.
متاثر خاندانن جو ته اهو ئي مطالبو آهي ته سندن پيارن کي بازياب ڪيو وڃي، جيڪڏهن انهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ عدالتون به موجود آهي، جيڪي انهن کي جيڪا سزا ڏين، انهن کي قبول آهي، گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ظاهر ته ڪيو وڃي ته جيئن کين تسلي ٿئي ته اهي زندهه به آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو ڪو به مثال نه ٿو ملي جتي اهڙي ريت ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا هجن ۽ ڪو به ادارو انهن بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار به نه هجي، اتي انسان جو ڪو به قدر نه هوندو آهي، ڪراچي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪا احتجاج جي لهر اٿي اها رڳو سوشل ميڊيا جي ڪري ئي اٿي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙن جو احتجاج به ميڊيا تي ڏيکارڻ وڏو گناهه ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڪنهن به ميڊيائي چينل ڪراچي واقعي سميت کنڀي گم ڪيلن ماڻهن بابت خبر نه هلائي. پر احتجاج ڪندڙن بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري رکيو،
ايتري قدر جو بي بي سي جهڙي اداري به سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ڪيل احتجاج کي ڪا خاص ڪوريج نه ڏني ۽ نه ئي قومي ميڊيا احتجاج جون خبرون هلايون، ميڊيا تي کنڀي گم ڪيلن بابت جيڪي خبرون هليون آهن، انهن موجب، اعجاز تونيو، هدايت لوهار، خادم حسين آريجو ، سرويچ نوحاڻي، قيوم ناريجو، امجد شاھ، سهيل رضا ڀٽي، حيدر کوسو، اصغر بروهي، آصف بليدي،) مير سڪندر، دلدار جوڻيجو، انعام الله عباسي، ننگر چنا، ديدار امرت، ڪليم تونيو، نميل عرف گورو ۽ ٻيا شامل آهن، جن جا وارث در در ڀٽڪي رهيا آهن، جن جون دانهون ڪير به نه ٻڌي رهيو آهي. عيد جي موقعي تي به اهي پنهنجن پيارن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪمرانن ۽ شهيدن جي نالي تي سياست ڪندڙ حڪمرانن جون اکيون بلڪل بند آهن، جن کي سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن ماڻهن جي وارثن جي تڪليف محسوس نه ٿي رهي آهي. انهن ماڻهن کي ته اها به خبر نه آهي ته اهي آخر آهن ڪٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شهرين جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي پر افسوس جو حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويا آهن. روز روز احتجاج ڪرڻ باوجود ڪنهن به بيان ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. آخر اسان انهن حڪمرانن ڪهڙي اميد ڪري سگهون ٿا، جن جي هوندي ماڻهو کنڀجي وڃن ۽ انهن بابت ڪو به ادارو نه ٻڌائي ته اهو سان لاءِ وڏو الميو آهي.
سڀ کان وڏي اهم ڳالهه اها ته جيڪي ماڻهو گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، انهن کي به کنڀي گم ڪيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، احتجاج کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن کي کنڀڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري کي اپيل ڪري رهيا آهن ته سندن پيارن کي بازياب ڪرايو وڃي يا وري انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن سچ دنيا آڏو اچي سگهي.
No comments:
Post a Comment