Pages

Saturday 2 June 2018

پيارن جي ڳولا ۾ نڪتل قافلا ۽ انصاف جو قتل


صاحب خان ڀٽي


جڏهن ڪو  پنهنجو عزيز وڇڙندو آهي يا وري ڏور هليو ويندو آهي ته اُن جو احساس تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ اُن کي هر وقت ياد ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪو پٽ پنهنجي ماءُ کان وڇڙندو آهي ته اُها امڙ بي حال ٿي ويندي آهي ۽ پنهنجي ٻچي لاءِ در در ڀٽڪندي رهندي آهي، اهو ئي حال هاڻ سنڌ جو ٿي ويو آهي،  ڪيترائي ماڻهو پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا آهن، جن جو ڪو ڏس پتو نه آهي ته آخر اهي ڪاٿي آهن، انهن بابت اها به خبر نه آهي ته آخر اهي زندهه به آهن  يا نه؟ وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت اهڙي حساس معاملي تي ڪن لاٽار ڪري رهي آهي پر جڏهن  مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا ماڻهو کنڀجي ويا ته پوءِ انهن ٻنهي پارٽين جون دانهون ميڊيا تي ٻڌڻ۾ اچي رهيون هيون، ايوان ۾ به پيپلزپارٽي پنهنجي کنڀجي ويلن ماڻهن جي لاءِ رڙيون ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو پيپلزپارٽي جا پنهنجا هئا ۽ اُن وقت پيپلزپارٽي کي به آئين ياد آيو ۽ هن ملڪ جو قانون به ياد آيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو ادارو کنڀي کڻي ويندو ته پوءِ انهن کي عدالتن پيش ڪيو ويندو آهي، اهو ساڳيو رويو مسلم ليگ ن جو به هو،
جڏهن پنجاب ۾ نوازشريف جي نااهلي کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي چونڊ ٿي ۽ مسلم ليگ ن جا ماڻهو کنڀجي ويا ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف چئي رهيو هو ته سندن ماڻهن کي ڪاريون پٽيون  ٻڌي گم ڪيو پيو وڃي. بهرحال انهن ٻنهي پارٽين کي سنڌ مان کنڀي گم ٿيلن ماڻهن جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه ئي ٻنهي پارٽين پاران کنڀي گم ڪيلن بابت ڪا حڪمت عملي آهي، هونئن ته هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي پر اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان جاري  آهي ۽ ماڻهو پنهنجن پيارن جي ڳولا لاءِ ڪفن ٻڌي روڊن تي نڪري پيا آهن ۽ نياڻيون پنهنجي پيئرن لاءِ بک هڙتال ۽ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن، جيئن جيئن ماڻهو پنهنجي پيارن لاءِ پنهنجي احتجاج کي تيز ڪري رهيا آهن، تيئن تيئن ماڻهن جي کنڀجڻ جو سلسلو تيز  ٿي رهيو آهي،
ايتري قدر جو سنڌ جي ساڃاهه وندن، قلم ڌڻين کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو به هن وقت تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. ڪراچي ۾ به جڏهن سنڌ  جي نياڻين احتجاج ڪيو ته اُن وقت به سادي لباس ۾ اهلڪارن نياڻين  تي حملو ڪيو ۽  نوجوانن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهڙي معاملي تي  نام نهاد اردو ميڊيا ڪا به خبر نه هلائي، جيئن ته انهن سڀني اردو چينلن جون آفيسون سنڌ ۾ آهن ۽ انهن چينلن جو رويو سنڌ ۽ سنڌين سان دشمني وارو رهيو آهي، اهي سمورا چينل سنڌ ۾ ڪمائي رهيا آهن ۽ سنڌ  خلاف ئي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن. هن وقت تائين ڪنهن به چينل سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن ماڻهن جي معاملي کي درست نموني ڪوريج نه ڏني آهي ۽ نه ئي انهي معاملي کي  سٺي نموني کنيو آهي. جڏهن حيدرآباد ۾ هزارين ماڻهو  سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن ماڻهن جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي ته اُن وقت به سمورن اردو  چينلن ڪوريج ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي. اهو سلسلو هاڻ نه پر ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي، 
سنڌ جي ساڃاهه وندن، سياسي، سماجي اڳواڻن، قومپرست ڌرين، اديبن، شاعرن، دانشورن، صحافين،  وڪيلن، شاگردن توڙي انساني حقن جي اڳواڻن سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ مختلف شهرن ۾ ريليون  ڪڍي احتجاج به ڪيا پيا وڃن پر هن وقت تائين سنڌ سرڪار اکيون بند ڪري ستي پئي آهي، يوٿ ايڪشن ڪاميٽي طرفان به سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتال ڪئي، سکر ۾ به سنڌ جي ساڃاهه وندن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته مختلف سياسي سماجي ۽ علمي ادبي ڌرين طرف سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ شاگردن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيا، حيدرآباد ۾ سڀ کان وڏي ريلي هيومن رائٽس ڪميٽي جي سڏ تي اولڊ ڪئمپ کان پريس ڪلب تائين نڪتي، جنهن ۾ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي،  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي جي روشن ٻرڙو ، دودو مهيري، جيئي سنڌ محاذ جي رياض چانڊيو، سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جي اڳواڻن ابرار قاضي، امر سنڌو، تاج جويو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. ڪئمپ تي ويٺل ماڻهن جبري گمشدگين خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان زبردستي کڻي گم ڪيل ماڻهن جي گمشدگي خلاف ڪراچي ۾ وارثن احتجاج ڪيو ته انهن کي تشدد جو نشانو بڻائي نياڻين جي تذليل ڪئي وئي، جنهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي.
 ملڪ جي شهري کي کنڀي گم ڪرڻ ملڪي آئين ۽ عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سنڌ مان ڪافي عرصي کان ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي. اُن کان پوءِ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪراچي، ٺٽي، ٺل ۽ ٻين شهرن وڪيلن عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو.جمعي ڏهاڙي ڪراچي جي عدالتن ۾ وڪيلن جي هڙتال جروزي رهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون ٿي نه سگهيون، جڏهن ته ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر حيدر امام رضوي چيو ته موجوده صورتحال ۾ خاموش ويهڻ مناسب ناهي، ماڻهن عدالتن ۾ چڪر لڳائڻ تي مجبور آهن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.گم ٿيل ماڻهن واري معاملي بابت وڏي وزير سان ملاقات ڪنداسين، جلد ايندڙ حڪمت عملي به جوڙي ويندي. سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين صلاح الدين گنڊاپور چيو ته ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.ماڻهن سالن کان گم آهن، پتو نٿو پوي ته اهي ماڻهو ڪٿي آهن، ٻين ملڪن جي وڪيلن گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي تي رابطا ڪيا آهن.ايتري قدر جو اسلام آباد ۾ سنڌي شاگردن پاران به سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ  ڌرڻو هنيو ۽ بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي ته اسلام آباد پوليس ڪئمپ پٽي کڻي هلي وئي پر اُن باوجود سنڌي شاگردن همت نه هاري ۽ نٽهڻ اُس تي ويهي پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ احتجاج تي ويٺل رهيا. سنڌ مان رڳو هڪ سسئي پليجو سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن ماڻهن جو معاملو اٿاريو پر سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ ته اهڙا بيان ڏنا، جن کي ٻڌي الائي ڇا پيو محسوس ٿئي،
لڳي پيو ته حڪومت کي سڀ خبر آهي ته ڪير ماڻهو کنڀي گم ڪري رهيو آهي پر حڪومت انهن کي عدالتن ۾ آڻڻ  بدران احتجاج ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ  چاهي ٿي،  هوئن ته  هن ملڪ جي آئين ۾ شهرين کي پرامن احتجاج ڪرڻو جو پورو حق حاصل آهي پر سنڌين کي اهو حق نه پيو  ڏنو وڃي، ان جو سڀ کان وڏو مثال ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٿيل احتجاجن مان لڳائي سگهي ٿو ته ڪهڙي ريت سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ڪئمپ تي حملو ڪري نياڻين کي تشدد جو نشانو بڻائي، انهن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري نوجوانن کي کنڀيو ۽ ان سڄي صورتحال کي اسان جي نام نهاد اردو ميڊيا ڏيکارڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪا خبر هلائي، مطلب ته  آزاد صحافت هن ملڪ لساني صحافت بڻجي وئي آهي. هڪ صحافي ٽولو لساني  صحافت ڪري رهيو آهي، ڪجهه صحافي حقيقي صحافت ڪري رهيا آهن، جيڪي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي آواز کي اٿاري رهيا آهن.  
بهرحال هن ملڪ ۾ ماڻهو کنڀي گم ڪرڻ  وارو سلسلو نه  ته عدالتون روڪي سگهيون آهن ۽ نه ئي وري هتان جا ادارا ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهن. انساني حقن جون تنظيمون به الائي ڪٿي گم آهن، نظر نه پيون اچن، بي بي سي اردو جهڙو ادارو به سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي احتجاج کي ڏيکارڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. هونئن ته  سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيلن مان ڪجهه  نوجوانن جا چچريل لاش مليا آهن ته ڪجهه جا سڙيل لاش مليا آهن، ڪجهه کنڀي گم ڪيلن جي ته خبر ئي نه ٿي پئي ته اهي ڪٿي آهي. ڪراچي مان اديبن، دانشورن کي کنڀي گم ڪيو ويوآهي، جيڪو ماڻهو کنڀيلن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي ته اهو پاڻ ئي گم ٿي وڃي، لاڙڪاڻي مان به هڪ نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جي عيد کان پوءِ شادي ٿيڻ واري هئي. جنهن جا وارث به هاڻ روڊن تي اچي ويا آهن ته سندس بازيابي لاءِ نعرا هڻي رهيا آهن.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مشرف دور ۾ به ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو هو پر ان دور ۾ به چچريل لاش نه مليا هئا پر جڏهن کان پيپلزپارٽي  اقتدار ۾ آئي ته سنڌ جي روڊن تان سنڌي نوجوانن جا چچريل لاش مليا، ماڻهن جي کڀنجڻ جو سلسلو  تيز ٿي ويو ۽ دهشتگردن ڪراچي ۾ رت جي راند کيڏي ۽ هزارين ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فيڪٽرين کي باهيون ڏنيون. مطلب ته آمريت ۽ مارشل لا جي دور ۾ به ماڻهن کي نه کنڀيو ويندو هو  ۽ نه ئي انهن چچريل لاش ملندا هئا ۽ نه ئي ماڻهو پنهنجي پيارن جي ڳولا لاءِ قافلن جي صورت ۾ در در ڀٽڪندا هئا پر افسوس جو جمهوريت ۾ ماڻهن کي کنڀڻ ۽ چچريل لاش ملڻ وارو سلسلو تيز ٿي ويندو آهي. مسلم ليگ ن جي حڪومت هجي يا پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ماڻهو غير محفوظ ٿي ويندا آهن ۽ ڌارين جي لوڌ کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي ۽ ڌرتي ڌڻين کي گم ڪيوويندو آهي. چوندا آهن ته معاشرو تڏهن قائم رهي سگهندو آهي، جڏهن هر هڪ کي انصاف ملندو آهي پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ عوام کي انصاف ڏيڻ جا سمورا در بند ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي صورتحال هن ملڪ جي لاءِ تمام گهڻي خطري جوڳي آهي. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي انصاف نه مليو ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي پيارن جي لاءِ پنهنجي نياڻين سميت روڊن تي هوندا پوءِ انهن کي ڪير به روڪي نه سگهندو.

No comments:

Post a Comment