Pages

Wednesday 13 June 2018

آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه وچ ۾ ٿيل تاريخي ملاقات

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا پنهنجا هٿيار سپلاءِ ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏ آمريڪا پنهنجيون شيون سڄي دينا ۾ وڪرو ڪري رهيو آهي،  مطلب ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو انسانن تي جوهري هٿيار استعمال ڪرڻ وارو ملڪ به آمريڪا به آهي، جنهن سبب سڄي دنيا سندس خوف ڇانيل آهي. جاپان، چين، اترڪوريا ۽ ايران سميت ڪيترائي ملڪ سندس خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته جوهري هٿيارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪنالاجي آمريڪا وٽ ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جهاز ۽ هٿيار ڏيڻ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ڪاروبار  آهي. 
عراق، شام ۽ افغانستان ۾ جيڪي تباهي آئي آهي، اها به آمريڪا جي ڪري ئي آهي، هوئن ته آمريڪا جو ايشيا تي تمام گهڻو ڪنٽرول رهيو آهي پر آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ چين به ميدان تي لهي آيو آهي ۽ ان سان گڏ روس، ايران سميت ٻيا ملڪ گڏ آهن. اتر ڪوريا ۽ جاپان سان به چين جا سٺا لاڳاپا آهن ۽ گڏيل قومن ۾ به چين، روس ۽ ٻيا ملڪ آمريڪا سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن.
 جيئن ته هن وقت سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرو دهشتگردي کان آهي، جنهن سبب آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي جو جواب بڻائي افغانستان، عراق ۽ شام  تي حملا ڪري رهيو آهي جنهن سان لکين معصوم شهرين جون جانيون زيان ٿي چڪيون آهن، مطلب ته ڪڏگهن آمريڪا آبادي وارن علائقن ۾ تي حملا تي ڪري ٿو ته ڪڏهن اسپتالن مٿان بم ڪيرايا وڃن ٿا، اهڙي ريت پاڪستان ۾ ڪجهه عرصو اڳ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته انهن ڊرون حملن ۾ دهشتگرد ماريا ويا 
بهرحال آمريڪا طاقتور ملڪ آهي، جتي چاهي ٿو ته ان ملڪ تي پنهنجو حڪم هلائي رهيو آهي. پر اڄ ڪلهه اتر ڪوريا، چين ۽ روس سندس رستي آڏو رنڊڪ بڻجي رهيا آهن ۽ ڪجهه ملڪ هاڻ پنهنجا جوهري هٿيار تيار ڪري رهيا آهن، جنهن سبب آمريڪا کي ڳڻتي ٿي وئي آهي ته متان سندس ڪاروبار کي ڌڪ رسي. ان جو اندازو اسان اتر ڪوريا جي سربراهه جي بيانن مان لڳائي سگهون ٿا. هن وقت آمريڪا، ايران ۽ اترڪوريا کان تمام گهڻو ڪاوڙيل آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ آمريڪا جي حڪمن کي نه مڃي رهيا آهن ۽ ايران ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽  اتر ڪوريا  روز روز تجربا ڪري دنيا کي حيران ڪري رهي آهي. جيڪو آمريڪا لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيو آهي. 
اهو ئي سبب آهي جو هاڻ آمريڪا اتر ڪوريا سان ڳالهين لاءِ راضي ٿي ويوآهي ۽ ٻنهي ملڪن طرفان جيڪي ماضي ۾ هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون، هاڻ اهو سلسلو آهستي آهستي بند ٿي رهيو آهي.  گذريل اڱاري ڏهاڙي امريڪا ۽ اتر ڪوريا پاران گڏجي  ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو ويو هو. ،  امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اترڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن سموريون غلط فهميون ۽ ڌمڪيون هڪ پاسي تي رکي هڪ ٻئي سان هٿ ملائي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هو. 12 جون تي سنگاپور ۾ هڪ هوٽل  تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ۾ نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي هئي. 
ميڊيا جي رپورٽن موجب، سنگاپور جي سينٽوسا آئي لينڊ ۾ ٿيندڙ هن تاريخي ملاقات لاءِ ڪم جونگ اُن پنهنجي وفد سان گڏ هوٽل پهتو هو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ قافلي سميت هوٽل پهتو هو. جنهن کان پوءِ ٻنهي ۾ هٿ ملائي ملاقات جي شروع ٿي هئي، جنهن دوران ٻئي اڳواڻ سنجيده نظر اچي رهيا هئا، ايتري قدر جو روايتي طور ڊونلڊ ٽرمپ خوش نظر اچي رهيو آهي، اهڙي ملاقات کانپوءِ دنيا تمام گهڻو حيران ٿي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ملڪ ماضي ۾ هڪ ٻئي خلاف تمام سخت جملا استعمال ڪندا رهيا آهن پر سٺو ٿيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، نه ته ان جا به دنيا تي تمام گهڻا خراب اثر پون ها. ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه وچ ۾ 45 منٽن تائين ملاقات جاري رهي، جنهن ۾ اتر ڪوريا کي ايٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جو معاملو سرفهرست هو. ملاقات دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هي ملاقات سندس لاءِ اعزاز آهي ۽ هو گڏجي وڏي ڪاميابي حاصل ڪندا، جڏهن ته صدر ڪم جونگ ان جو چوڻ هو ته انهي ملاقات کانپوءِ خدشا ۽ اڳڪٿيون رد ٿي ويون آهن ۽کيس يقين آهي ته هي ملاقات امن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.اتر ڪوريا جي صدر اهو به چيو ته سموري دنيا جون نظرون هنن لمحن تي لڳل آهن، ڪيترائي ماڻهو هن کي خيالي ۽ سائنس فڪشن فلم جو سِين سمجهي رهيا هوندا. 
جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هو اتر ڪوريائي هم منصب سان ملاقات بابت بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽  سنگاپور ۾ ماحول ۾ جوش ۽ خروش آهي.ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات کانپوءِ اهو واضح چيو ته اترڪوريا تي پابنديون برقرار رهنديون. ٻئي طرف وري  اترڪوريا جي سرڪاري نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ۾ ڪوريائي خطي ۾ امن جي مستقل ۽ ديرپا طريقي ڪار تي ڳالهه ٻول ٿي. سٺو ٿيو ته انهن ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات ٿي ۽دنيا  ڏٺو ته سپر پاور  ملڪ به هڪ ننڍڙي ملڪ سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي ويو، ان جو سبب اهو هو جو اتر ڪوريا وٽ جوهري هٿيار هئا ۽ اهو آمريڪا جهڙي ملڪ سان مقابلو ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. بهرحال هاڻ جيڪو ٿئي پر دنيا تي هڪ پيغام ويوآهي ته مسئلن جو حل جنگ ڪرڻ سان نه پر انهن جو حل ڳالهين ذريعي کي ڪڍي سگهجي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا جهڙو ملڪ اتر ڪوريا سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿو. ٻيا ملڪ به  اهڙيون حالتون پيدا ڪن جو   ڪنهن جنگ  ڪرڻ کان بدران ڳالهين وارو دڳ اختيار ڪيو وڃي. 

No comments:

Post a Comment