Pages

Monday 25 June 2018

وچ اوڀر جي صورتحال ۽ گڏيل قومن جا انڪشاف

صاحب خان ڀٽي
سعودي عرب ۽ ايران جو وچ اوڀر  جي ملڪن جي موجوده صورتحال ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن سبب عراق، شام ۽ افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، انهن ٻنهي ملڪن جي ڪردار سان بهتر ٿي سگهن ٿيون پر ٻنهي ملڪن ۾ اختلاف سبب وچ اوڀر جي صورتحال ۾ بهتر نه اچي سگهي، آمريڪا به وچ اوڀر ملڪن تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ لاءِ انهيءَ بنهي ملڪن کي استعمال ڪندو رهيو آهي. هن وقت ايران جا لاڳاپا آمريڪا سان بهتر نه آهن پر سعودي عرب ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تمام گهڻي بهتري آئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ نائن اليون واري صورتحال کان پوءِ پيدا ٿيل اختلاف به ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن پاران هڪ ٻئي خلاف بيان بازي جو سلسلو به بند ٿي ويو آهي پر سڀ کان وڏي ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته عراق، شام ۽ يمن ۾ جيڪي ڪاررواويون ٿي رهيون آهن، انهن ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ هزارين ماڻهن جون زيان ٿي چڪيون آهن.آمريڪا نائن اليون  کانپوءِ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ جيڪي ڪارروايون ڪيون، اهي به ڪنهن کان لڪيل نه آهن.
نائن اليون کانپوءِ آمريڪا پاڪستان کي استعمال ڪندي افغانستان تي حملو ڪيو، جنهن جا پاڪستان تي تمام هاڃيڪار  اثر ٿيا، ايتري قدر جو دهشتگردن مهاجرن جو روپ اختيار ڪري پاڪستان ۾ اچي پنهنجا ٺڪاڻا ڪيا ۽ هن ملڪ جو امن ئي تباهه ڪري ڇڏيو، انهن دهشتگردن ڪڏهن مسجدن تي حملا ڪيا  ته ڪڏهن وري  امام بارگاهن ۾ داخل ٿي آپگهاتي ڌماڪا ڪري معصوم ٻارڙن کي به بخش نه ڪيو، اسڪولن تي به حملا ڪيا، جيڪڏهن آمريڪا جي ڪارروائي وقت سرحدن کي محفوظ ڪيو وڃي ها ۽ مهاجرن کي سرحدن وٽ ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ها ته ملڪ ۾ دهشتگرد ڪڏهن به داخل نه ٿي سگهن ها ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ معصوم شهرين جون جانيون ضايع نه ٿين ها. بهرحال جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو  پر آمريڪا عراق تي به ڪيميائي هٿيارن جو الزام هڻي ڪارروائي ڪئي ۽ اتي به هزارين ماڻهو مارجي ويا پر آمريڪا اهو به ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته اتي ڪي ڪيميائي هٿيار هئا، ان کانپوءِ يمن،شام ۽ ٻين ملڪن ۾ اتحادي فوج جي ڪاررواين ۽  دهشتگردن جي جوابي ڪاررواين ۾ هزارين بي گناهه ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون به شامل هيون.
ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قمن  جي ڪيمائي هيٿارن بابت نگراني ڪندڙ اداري  چيو هو ته گذريل سال شام تي حملي ڪيمائي هٿيار استعمال ڪيا ويا هيا،  انهي حملي ۾  استعمال ٿيندر هٿيارن ۾ انسانن  کي مفلو ڪندڙ ڪيمائي گيس ۽ ڪلورين جو استعمال ڪيو ويو هو. عالمي ادارري او بي سي ڊبليو کي حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ شام ۾ ڪيمائي حملن جي الزامن بعد جوڙيو ويو هو، ڪيميائي هيٿارن کان بچاءُ واري عالمي اداري  اهو به چيو  آهي ته نئين رپورٽ اهو ظاهر ڪري ٿي ته شامل جي ڏاکڻي علائقي الصامينا تي گذريل سال 24 مارچ امڪاني طور سرين گيس جو حملو ڪيو   ويو هو.      جڏهن ته انهيءَ ساڳي علائقي ۾ اسپتال ۽ ڀرپاسي ۾ ٻئي ڏينهن ڪلورين گيس جو استعمال ڪيو ويو هو. جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا هئا، جن جي جزن جي ٽيسٽ بعد اهو سڀ ڪجهه پتو پيو آهي.
بهرحال عراق، شام  ۽ يمن جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، عراق ۾ ڪافي بهتري اچي چڪي آهي پر شام ۽ يمن جي  صورتحال تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، عرب فوجي اتحاد به يمن جي حديده جي هوائي اڏي جو ڪنٽرول سنڀالڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جنهن  تي حوثيون باغين جو قبضو هو، عرب فوجي اتحاد جي ڪمانڊر عبدالسلام الشيهي اها دعويٰ ڪئي آهي ته هنن حوثين باغين جوڪنٽرول هوائي اڏي تان ختم ڪرائي ڇڏيوآهي. پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي ته سهر تي قبضي تي عرب فوجي اتحاد جي ڪوشش انساني حقن جي بحران کي جنم وٺڻ جو خوف پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته  اهو شهر حوثي باغين جي داخل ٿيڻ  جو بنيادي هنڌ ۽ يمن جي لکين شهرين جو شهه رڳ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري اهو به چيو آهي ته  سعودي قيادت واري فوجي اتحاد 2015ع ۾ يمن  ۾ گهرو ويڙهه ۾ مداخلت  ڪئي ته جئين شهر تان حوثي باغين جو ڪنٽرول ختم  ڪرائي سگهجي. يمن جي اختيارن جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي  فوجي اتحاد سامونڊي شهر حديده جي هوائي  اڏي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، جيئن ته هن شهر جي آبادي لڳ ڀڳ ڇهه لڳ آهي، سعودي فوجي اتحاد جي ڪارروائي کانپوءِ حوثي باغين جي ويڙهه وڌي وڃڻ جو خطرو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت تائين اها ويڙهه اڃا شهر ۾ داخل نه ٿي آهي پر سعودي فوجي اتحاد جي ڪارواين کانپوءِ اها ويڙهه شهر جو امن وڌيڪ  تباهه ڪري سگهجي ٿي.  ڪجهه ڏينهن اڳ جنگي جهازن الحديده کي گادي واري شهر صنعا سان ملائيندڙ  مرڪزي رستي تي بمباري به ڪئي هئي ته جيئن حوثي باغين کي هٿيارن جي پهچ روڪي سگهجي.
الحديده سان گڏوگڏ يمن جي گادي واري شهر صنعا جي به مختلف هنڌن تي حوثي باغين جو قبضو آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت تائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، جن ۾ وڌکان وڌ ماڻهو فوجي اتحاد  جي ڪاررواين ۾ مارجي ويا آهن،  اهو سڀ ڪجهه نقصان رڳو فضائي ڪاررواين جي ڪري ٿيو آهي.  ڪجهه ڏينهن اڳ بين الاقوامي اتحاد پنهنجي بيان چيو هو ته مئي جي مهيني ۾ شام ۽ عراق ۾ داعش جي ٺڪاڻن تي 225 حملا ڪيا ويا، جيڪي ٻن مهينن دوران ڪيل حملن کان 304 ڀيرا وڌيڪ هئا. هوڏانهن وري انٽرنيشنل ريڊ ڪراس ڪميٽي تشدد جي صورتحال ۽ ڌمڪين سبب يمن مان پنهنجا 71 ڪارڪن واپس گهرائي ورتا آهن، ريڊ ڪراس طرفان  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويوآهي ته اسان جي امدادي ڪاررواين جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي سڌي ريت نشانو بڻايو پيو وڃي ،
جڏهن ته اسان جي تنظيم کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ريڊ ڪراس جي ترجمان ميري ڪليئر فيگالي چيو آهي ته يمن ۾ اسان جا 450 ڪارڪن بدستون پنهنجيون خدمتون سرانجام  ڏيندا رهندا، ڪارڪنن جي جزوي طور نيڪالي سان اسان جي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ واري امدادي سرگرميون متاثر ٿيون آهن. بهرحال هي صورتحال ته رڳو يمن جي آهي. جيڪڏهن اسان عراق، شام ۽ افغانستان  جي صورتحال کي ڏسنداسين ته اتي به فوجي اتحاد جون ڪارروايون هجن يا  وري دهشتگردن جون ڪاررواوين هجن نقصان عام ماڻهو جو ٿيندو آهي، زميني ڪارروايون نه ٿيڻ سبب سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کي ٿي رهيو آهي،
جيڪڏهن فوجي اتحاد فضائي ڪارروائي کان پاسو ڪن ته لکين بي گناهه ماڻهن جون حياتيون بچي سگهن ٿيون پر افسوس هڪ دهشتگرد کي مارڻ جي سبب اتي موجود ڪيترائي بي گناهه ماڻهو به مارجي ويندا آهن، انهن جو سڀ کان وڏو مثال ڊرون حملا آهن ۽ شهري آبادي تي فضائي ڪارروايون آهن. گڏيل قومن جي اداري جو ڪم  هاڻ رڳو  دهشتگردن جي ڪاررواين ۽ فوجي اتحاد جي ڪاررواين تي بيان ڏيڻ تائين محدود ٿي ويو آهي. گڏيل قومون پنهنجي ٺهرائن تي به عمل نه ڪرائي سگهيون آهن، آبادي وارن علائقن تي حملن سبب  لکين بي گناهه ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ڪيترائي معصوم ٻارڙا پنهنجي والدين جي شفقت کان محروم ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن کي گهرجي ته عام ماڻهن جون حياتيون بچاڻ لاءِ قدم کڻي.  

No comments:

Post a Comment