Pages

Friday 15 June 2018

ملا فضل الله جي مارجڻ بعد پاڪ افغان لاڳاپن ۾ بهتري جو امڪان


صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگردي جو سلسلو ڪجهه عرصي کان جاري آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ بدامني وڌندي پئي آهي، ايتري قدر جو ملڪ ۾ دهشتگردي سبب هزارين ماڻهن جانيون قربانيون ڪري ڇڏيون آهن، دهشتگردن ڪڏهن اسڪولن تي حملا ڪيا ته ڪڏهن وري دهشتگردن مسجدن، امام بارگاهن تي حملو ڪيو،  پر دهشتگردن جو اڄ تائين خاتمو نه اچي سگهيوآهي پر ايترو ضرور ٿيو آهي جو دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن بعد ڪجهه دهشتگرد پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن، جيڪي وقتن به وقتن ضاهر ٿيندا رهيا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزاري سيڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترا زخمي به ٿيا آهن.

ڪجهه سال اڳ دهشتگردي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن سميت  150 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، ايتري قدر جو دهشتگردن ڪڏهن مسجدن کي نشانو بڻايو ته ڪڏهن وري گرجا گهرن ۾ داخل معصوم ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻايو، اهو سلسلو اڃا رڪجي نه سگهيو، اهو  سلسلو اڄ به ملڪ ۾ هلي رهيو آهي، جنهن سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين ۽ عوام جي ڏنل قربانين سبب ٿوري ماٺ ضرور آئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو محسوس ٿي رهيو  آهي ته دهشتگرد اسان جو ملڪ ڇڏي هليا ويا آهن، جيڪي حالتون بهتر ٿيڻ جي آسري ۾ ويٺا آهن، جيڪي ڪڏهن به وري هن ملڪ داخل حملا ڪري سگهن ٿا. هونئن به وفاقي گهرو  وازارت اهو چوندي رهي آهي ته ملڪ ۾ جيڪي به حملا ٿيندا آهن، انهن جون ڪڙيون پاڙيسري ملڪن سان ملندي آهي ۽ پاڪستان هميشه پاڙيسري ملڪن کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، پر  هاڻ ان ۾ هڪ وڏي اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

افغانستان جي بچاءُ واري وزارت آمريڪي ڊرون حملي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه ملا فضل الله جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اها اميد ظاهر ڪري  سگهجي ٿي ته  ملا فضل الله جي مارجڻ کانپوءِ هن ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن ممڪن ٿي سگهي ٿو، افغانستان جي بچاءُ واري وزارت به گذريل ڏينهن اها تصديق ڪندي چيو ته ملا فضل الله صوبي ڪُنـَڙ ۾ ڊرون حملي ۾ چئن ساٿين سميت مارجي ويو  آهي، جڏهن ته آمريڪي فوجي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل مارٽن اوڊونل جو چوڻ هو ته ڊرون حملي جو هدف دهشتگرد ڪمانڊر هو، 27 رمضان کانپوءِ جنگبندي جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي. افغان  بچاءُ واري وزرارت جي ترجمان محمد رد منيش جو چوڻ هو ته ملا فضل الله 13 جون تي آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو. افغانستان ۾ مقرر آمريڪي فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ ڪرنل مارٽن اوڊونل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو  ويو ته 13 ۽ 14 جون جي واري رات آمريڪي فوج پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي. جنهن جو هدف دهشتگرد ڪمانڊر هو، حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراهه ملا فضل الله چئن ساٿين سميت مارجي ويو.

واضح رهي ته ملا فضل الله حڪيم الله محسود جي مارجڻ بعد ٽي ٽي پي جو سربراهه بڻيو هو، هو 2014ع ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي ۽ ملالا يوسف زئي جو ماسٽر مائينڊ هو. آمريڪا ملا فضل الله کي انتهائي گهربل دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو ۽ سندس زنده گرفتاري توڙي مارڻ تي 50 لک ڊالر انعام جو به اعلان ڪيو هو. ان کان اڳ به ملا فضل الله جي مارجڻ جون خبرون هلنديون رهيون آهن پر انهن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي وئي پر هن ڀيري تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر عبدالرشيد  تصديق ڪندي چيو آهي ته ملا فضل الله ڪنڙ ۾ هڪ گهر اندر موجود هو ته   حملي ۾ مارجي ويو.

اهڙي  تصديق کان پوءِ اهو واضح طور چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان به افغانستان حڪومت کان  اهو مطالبو ڪندو رهيو  آهي، جيڪي دهشتگرد  پاڪستان فرار ٿي افغانستان هليا ويا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهڙي ڪارروائي کان پوءِ افغاستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپن  ۾ بهتري اچي سگهي ٿي،  پر لڳي ٿو ته  آمريڪا جي اهڙي ڪارروائي بعد دهشتگرد ڪا نه ڪا ڪارروائي ضرور ڪندا، ڇاڪاڻ ته ملا فضل الله تحريڪ طالبان پاڪستان جو هڪ رڪن هو ۽  ملا فضل الله جي مارجڻ سان پاڪستان ۾ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي ويندي  ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان  کي  سنڀالڻ تمام گهڻو طالبانن لاءِ ڏکيو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته  ملا فضل الله پاڪستان مان اُن وقت فرار ٿيو هو،  جڏهن ملڪ اندر دهشتگردن خلاف تمام گهڻيون ڪارروايون شروع ٿي ويون  پر جيئن ته کوڙ سارا دهشتگرد هن وقت ملڪ کان فرار ٿي ويا آهن، جيڪي افغانستان  سميت سرحدي علائقن ۾ لڪيل آهن، جن بابت  پرڏيهي کاتو به انڪشاف ڪندو رهيو آهي ته   پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد اچي ڪارروايون ڪن ٿا پر هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي دانهن نه  ٻڌي آهي.

پر هاڻ جيڪي افغانستان ۾ ڪارروائي ٿي  آهي، جنهن کان پوءِ لڳي پيو ته پاڙيسري ملڪن ۾ پيدا ٿيل اختلاف ختم ٿي ويندا ۽ سرحدي صورتحال بهتر ٿي ويندي. بهرحال افغان صدر اشرف غني به چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي جاري آهي ۽ هو دهشتگردن کي انجام تائين  پهچائيندا، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته دهشتگردي رڳو  پاڪستان جو مسئلو نه آهي پر اهو سڄي خطي جو مسئلو آهي، جيڪڏهن ٻئي ملڪ گڏجي دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ڪندا ته دهشتگرد  معصوم ماڻهن کي قتل ڪندا رهندا.  هونئن ته آمريڪا به  پاڪستان کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندو  رهيو آهي پر پاڪستان  جو واضح موقف آهي ته  هو بنا فرق جي دهشتگردن خلاف  ڪارروائي ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي.

No comments:

Post a Comment