Pages

Saturday 9 June 2018

اليڪشن 2018: پرويز مشرف کي مليل اجازت تي خدشا

صاحب خان ڀٽي 
اليڪشن 2018ع جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن، سنڌ، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾  سياستدانن پاران نامزدگي فارم ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، مختلف هنڌن تي مضبوط اميدوارن  سان مقابلو ڪرڻ لاءِ فنڪارن ۽ اداڪارن پاران به فارم  جمع ڪرايا ويا آهن،  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ وفاداريون تبديل ڪرڻ وارو به سلسلو جاري آهي، جنهن تي خاص طور تي مسلم ليگ ن کي تمام گهڻي ڳڻتي  آهي، جنهن سبب نوازشري اهي بيان ڏيڻ تي مجبور  ٿي ويو آهي ته هونئن ته هر معاملي تي نوٽيس ورتو ويندو آهي پر جڏهن ڪو مسلم ليگ ن کي ڇڏي هليو وڃي ٿو ته اُن جو نوٽيس نٿو ورتو وڃي،  
بهرحال نوازشريف جا هن وقت ستارا گردش  ۾ آهن، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان نوازشريف کي لاڏلو چئي رهيو آهي ۽ نواز شريف عمران خان کي لاڏو قرار ڏئي پيو، جنهن سبب عوام مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ٻنهي جي الزامن واري سياست کان پوءِ ملڪي معيشيت سميت عالمي سطح تي ملڪ جو اميج تمام خراب ٿيو آهي ۽ اسان جا سياستدان هن وقت  پنهنجي جلسن، جلوسن ۽ گڏجاڻين ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن،  اُن سان جمهوريت کي تمام گهڻو  نقصان پهتو آهي ۽ عالمي سطح تي   ملڪي سياست کي خراب سمجهڻ وارو تاثر پيدا ٿي ويو آهي، ڪجهه پارٽيون هن وقت به ملڪ ۾ موجود آهن، جيڪي جمهوري قدرن جو خيال رکندي اخلاق جي دائري اندر ڳالهائي رهيون آهن. بهرحال ملڪ ۾ نگران حڪومت قائم ٿي چڪي آهي، صدرممنون حسين ايوانِ صدر ۾ 6 رڪني نگران وفاقي ڪابينا کان حلف وٺي ڇڏيو ۽ نگران حڪومت پنهنجي چارج به سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، عبدالله حسين هارون، روشن خورشيد بروچا، اعظم خان، سيد علي ظفر ۽ محمد يوسف شيخ شامل آهن، 
نگران ڪابينا ۾  شامل ٽن وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، عبدالله حسين هارون ۽ محمد يوسف شيخ  جو تعلق سنڌ سان آهي، جڏهن نگران وزيراعظم رٽائرڊ جسٽس ناصر الملڪ پهرين جون تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو ته ان وقت هن واضح طور چئي ڇڏيو هو ته هو چونڊون مقرر وقت تي ڪرائيندو ۽ 25 جولاءِ تي ئي چونڊون ٿينديون، اهو هو نگران جو  حڪومت جو پهريون مرحلي جنهن ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي  به تمام گهڻا مونجهارا  پيدا ٿي ويا هئا ۽ اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق تي تمام گهڻو سوچيو ويو هو.  پر اُن کان پوءِ ٻيو مرحلو شروع ٿيو، صوبائي نگران حڪومتن جون اُن ۾  به  تمام گهڻا خدشا  ظاهر ڪيا ويا ۽  مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن ۾ اتفاق ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت ضايع ڪيو ويو، ايتري قدر جو تحريڪ انصاف طرفان جيڪي نالا ڏنا ويا انهن تان به تحريڪ انصاف ڦري وئي هئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر تحريڪ انصاف کي يوٽرن  وٺڻ جو لقب ملي ويو، بهرحال وڏين ڪوششن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پاران  ملڪ جي وڏي صوبي لاءِ هڪ نالي  تي اتفاق ڪيو ويو پر  اُن تي وري مسلم ن اعتراض واريا ۽  پروفيسر حسن عسڪري  جي  نگران وڏي وزير طور نامزدگي  کي رد ڪري ڇڏيو هو پر ليڪشن ڪميشن طرفان نواز ليگ جا اعتراض رد ڪرڻ بعد پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري عهدي جو حلف کنيو ۽ پنهنجيون ذميواريون به سنڀاليون، گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جي حلف برادري تقريب ٿي، جنهن ۾ گورنر رفيق رجوانا پروفيسر حسن عسڪري کان نگران وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻايو. 
جئين ته هڪ ڳالهه واضح آهي ته پروفيسر حسن عسڪري جي مقرري تي مسلم ليگ ن طرفان اعتراض ڪيو ويو هو پيپلزپارٽي به خدشا ظاهر ڪيا هئا پر اُن باوجود حسن عسڪري کي نگران وڏو وزير مقرر ڪيو، مطلب ته ملڪ جي ٻن وڏين جماعتن  جي اعتراضن کي به ٻڌڻ جي زحمت نه ڪئي وئي. پنجاب جي نگران وڏي وزير پروفيسر حسن عسڪري چارج سنڀاليندي چيو هو ته منهنجي پهرين کان سياسي ايجنڊا هئي ۽ نه وري هاڻي آهي، جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو هر حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. منهنجي بنيادي ذميواري چونڊون شفاف ڪرائڻ آهي جنهن لاءِ امن امان برقرار رکڻ لازمي آهي. خلاقي مخلوق وارو بيان سياسي آهي. هوڏانهن سنڌ جي 7 رڪني نگران ڪابينا به قسم کڻي ورتو، گورنر هائوس ۾ قسم کڻڻ واري تقريب منقعد ڪئي وئي، جنهن ۾ نگران وڏي وزير فضل الرحمان سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.نگران ڪابينا جي ميمبرن ۾ مشتاق شاهه،  ڪرنل رٽائرڊ دوست محمد چانڊيو، خير محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر جنيد شاهه، سائمن جان ڊينيل، جميل يوسف ۽ سعديه رضوي شامل آهن.مطلب ته ٻن صوبن ۾ نگران وڏي وزير معاملو حل ٿيڻ بعد خيبرپختونخواهه وارو معاملو به مونجهاري جو شڪار هيو ۽ نگران وڏي وزير جو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويو، 
اهڙي ريت بلوچستان وارو معاملو به اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويو هو. مطلب ته چئني صوبن ۾ نه ته سياسي جماعتن ۾ نگران  وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿيو ۽ نه ئي وري نگران وڏن وزيرن جي نالن تي اتفاق ٿيو، ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت ٻه ڌڙا آهن،  جن جو هڪ رخ جمهوريت ڏانهن آهي ۽  ٻيو وري امپائر ڏانهن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ اها ڪهڙو ڌڙو هوندو، جيڪو ملڪ جون واڳيون سنڀاليندو؟ اهو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو. ڪجهه سياستدانن جو خيال آهي ته ملڪ ۾ هر چونڊ دوران ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، پر سياستدان اهو ٻڌائڻ جي جرئت نه ٿارکن ته آخر اها  ڪهڙي قوت آهي، جيڪا ڌانڌلي ڪرائيندي رهي آهي. بهرحال ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين صاف شفاف چونڊون نه ٿيڻ تي اعتراض اٿندا رهيا آهن ۽ مختلف سياسي پارٽين پاران اهي رڙيون به ٿينديون رهيون آهن.  جئين ته خيبرپختونخواهه  جي نگران وڏي وزير جو معاملو به حل ٿي ويو آهي، ملڪ جو نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ ته خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ دوست محمد خان کي مقرر ڪيو ويوآهي، جنهن عهدي جو حلف کڻڻ بعد ذميواريون به سنڀالي ورتيون  آهن.  
رهي ڳالهه بلوچستان جي ته اليڪشن ڪميشن علاوالدين کي مري کي بلوچستان جو وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جئين ته چئني صوبن ۽ وفاق ۾نگران حڪومت قائم ٿي چڪي آهي پر  اليڪشن ڪميشن جي خاطري باوجود نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن طرفان اڃا تائين اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا ويا آهن. نگران وزيراعظم کي قسم کنئي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرايا ويا آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت قسم کڻڻ جي ٽن ڏينهن ۾ اثاثن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لازم آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب، اثاثن جا تفصيل نه ڏيڻ تي قانوني طور پارليامينٽ ميمبرن جي ميمرشبپ معطل ڪئي ويندي آهي. بهرحال تفصيل جمع  ته ٿي ويندا پر اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي شيڊول ۾ تبديلي ڪري نئون چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. نئين چونڊ شيڊول موجب چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار هاڻي 11 جون تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ ساڳي ڏينهن اميدوارن جي شروعات لسٽ جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال جو عمل 10 کان 14 جون تائين رکيو هو پر هاڻي نئين شيڊول موجب 19 جون تائين ڪيو ويو آهي. نامزدگي ڪاغذن جي منظوري ۽ رد ڪرڻ خلاف اپيلون 22 جون تائين داخل ٿي سگهنديون ۽ اپيلن کي 17 جون تائين اڪلايو ويندو. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 28 جون تي جاري ٿيندي ۽ اميدوار 29 جون تي پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا جڏهن ته اميدوارن جي آخري لسٽ 30 جون تي جاري ٿيندي ۽ سڄي ملڪ ۾ پولنگ 25 جولاءِ تي ئي ٿيندي. پنجاب ۾ ڪيترن ئي پارٽين جي اڳواڻن نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. 
بهرحال اليڪشن ويجهو ايندي ئي سپريم ڪورٽ اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي پرڏيهه  مان ڏيهه اچڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ سان گڏ کي  چونڊ فارم جمع ڪرڻ جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي، ايتري قدر جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار   کيس گرفتار نه ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته هو ٽن يا چئن تڪن تي چونڊ وڙهندو .جڏهن ته  ريحام خان جو ڪتاب ن ليگي منصوبو آهي .ان جو مقصد عمران خان کي نقصان پهچائڻ آهي .هاڻي به نواز شريف جو سرڪاري مشينري تي اثر رسوخ آهي . عدالت جي خاطري کانپوءِ ميڊيا تي اهي خبرون هليون ته اميگريشن اينڊ پاسپورٽ ڊائريڪٽوريٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.گهرو وزارت خاص عدالت جي حڪم جي روشني ۾ گذريل مهيني 22 مئي تي پرويز مشرف جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي عملدرآمد ڪندي اميگريشن اينڊ پاسپورت ڊائريڪٽوريٽ اڳوڻي صدر مشرف جو ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. 
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پرويز  مشرف کي گارنٽي ڏيڻ واري معاملي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته سڀ ڪجهه قانون کان مٿڀرو ٿي رهيو آهي، مشرف جهڙي شخص کي گارنٽي ڪيئن ٿي ملي سگهي؟ اسان جي عقل ۽ سمجهه ۾ ڳالهه نه اچي رهي آهي ته ڪاڏي ويو آئين ۽ قانون، آرٽيڪل 6 ۽ ڪاڏي ويا سمورا ڪيس؟ مشرف خلاف هڪ ته سنگين غداريءَ جو ڪيس هلي رهيو آهي ٻي طرف کيس چونڊ وڙهڻ جي مشروط اجازت ملي وئي، جڏهن ته مون کي تاحيات نااهل ڪيو ويو آهي. ڪنهن آئين ۽ قانون ۾ مشروط اجازت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اسان کي به ڏيکاريو، سڀ ماڻهو حيرت ۾ ٻڏل آهن ته چيف جسٽس اهڙو حڪم ڪيئن ٿو ڏئي سگهي.  پيپلزپارٽي  جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پرويز مشرف ڏيهه واپس نه ايندو. جيئن ته بلاول ڀٽو زرداري به ڪيترن ئي خابرو ادارن کي انٽرويو  ڏيندي پرويز مشرف تي سندس امڙ جي قتل جو الزام لڳايو آهي پر هن وقت تائين شهيد بينظير ڀٽو جو قتل ڪيس  اڪلائجي نه سگهيو آهي ، 
بهرحال هي چونڊون انتهائي اهم آهن ۽ هن  ڀيري  آمريڪا سان گڏ چين جون اکيون به ملڪ جي چونڊن تي آهن  ۽ آمريڪا پاران سول ۽ عسڪري اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جو به اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه ٻين ملڪن جون به اکيون به اسان جي  ملڪ جي چونڊن تي آهن، اهي ملڪ اهي آهن، جيڪي سي پيڪ ۾ شامل آهن،  مطلب اقتصادي راهداري جا ڀاڱي ڀائيوار آهن. هاڻ ڏسڻو اهو  آهي ته هي چونڊون ڪير ٿو  کٽي، مسلم ليگ ن ته واضح طور چئي چڪي آهي ته سندن مقابلو خلائي مخلوق سان آهي  پر   پيپلزپارٽي اڃا ته واضح طور نه چيو آهي ته انهن جو مقابلو ڪهري پارٽي سان آهي، جيئن ته مسلم ليگ ن جا اهم اڳواڻ ته هن چونڊن کان آئوٽ آهن ۽ مک اڳواڻ مسلم ليگ ن جو قائم نوازشريف تاحيات نااهل آهي ۽ سندس ڪٽنب به شايد ئي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهجي، رهي ڳالهه شهباز شريف ته ان بابت جيڪي افواهون هلي رهيون آهن، اها سڀني کي خبر آهي، جيڪي روز ميڊيا تي خبرون هلي رهيون آهن ته   نوازشريف ۽ شهبازشريف ۾ اختلاف آهن پر هن وقت تائين اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي وئي آهي. 
sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment