Pages

Sunday 3 June 2018

آمريڪا ۽ اترڪوريا جا اختلاف ختم ٿيڻ لڳا



صاحب خان ڀٽي

آمريڪا ۾ 2016ع جي چونڊن کان پوءِ اقتدار ۾ ايندڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا کي ئي لوڏي ڇڏيو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 جون 1946ع ۾ پيدا ٿيو هو. هو هڪ واپاري شخصيت آهي ۽ هو هاڻ گڏيل آمريڪي رياستن جو پنجيتاليهون صدر  ٿي ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾ ايندي ئي اهڙيون ته پابنديون لڳايون جو  سڄي دنيا حيران ٿي وئي ۽  دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سندس خلاف احتجاج شروع ٿي ويا ۽ اڄ به هن ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن پر انهن احتجاجن سان ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪو به فرق نٿو پئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي وڌيڪ پابنديون لڳايون ۽ پاڪستان سميت مختلف ملڪن  جي لاءِ هڪ الڳ پاليسي به تيار ڪئي، جنهن تي مٿس تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي، هونئن به آمريڪا جو رويو مسلمان  رياستن کان ٿورو اڍنگو رهيو آهي، رڳو سعودي عرب واحد ملڪ آهي، جنهن سان آمريڪا ڪڏهن به ڦٽائڻ نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب سندس تيل جي ضرورت کي پورو ڪري رهيو آهي ۽آمريڪا عربن جي پيسن سان سڄي دنيا پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ کي 13 سالن جي عمر ۾ نيويارڪ جي ملٽري اڪيڊميءَ ۾ موڪليو ويو، جتي هن پنهنجي تعليم حاصل ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ 1968ع ۾ يونيورسٽي آف پينسلوينيا مان اقتصاديات ۾ گريجوئيشن ڪئي. بزنس ٽائيڪون فريڊ ٽرمپ جي پٽ ڊونلڊ پنهنجي والد کان مليل قرض تي پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو. 1971ع تي خانداني ڪمپنيءَ جو ڪنٽرول حاصل ڪيائين ۽ ان جو نالو مَٽائي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيائين. ٽرمپ پنهنجي هوٽلن، ڪسينوز ۽ اڏاوتي منصوبن جي ذريعي ملڪ گير مشهوري ماڻي. 70 سالن جي ٽرمپ موجب، سندس ملڪيت 10 بلين ڊالرن کان وڌيڪ آهن ۽ 2016 جي چونڊن ۾  ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو صدر بڻيو ۽ هن  آمريڪا ۾ موجود  غير ملڪين کي ڪڍڻ جو حڪم به جاري ڪيو ، ان کان علاوه ڊونلڊ ٽرمپ  ايران سان گڏ اتر ڪوريا کي به ڌمڪيون ڏيندو رهيو، جيئن ته اتر ڪوريا آمريڪا کي ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون به ڏيندو رهيو آهي، جنهن سبب اتر ڪوريا تي به پابنديون لڳنديون رهيون آهن پر هن ڀيري ٿوريون حالتون تبديل نظر اچي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اڳ جڏهن  اتر ڪوريا ميزائل تجربا ڪندو هو ته آمريڪا ڏمرجي ويندو  هو پر هاڻ اتر ڪوريا سان به ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو رويو نرم رکيو  آهي.
اڳ ۾ ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي سربراهه سان ملاقات ڪرڻ پسند نه پيو ڪري پر هاڻ  ڊونلڊ ٽرمپ ملاقات جو اشارو  ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جيمس ميٽس چيو آهي ته چين تڪراري ڏاکڻي سمنڊ ۾ ميزائل لڳائي پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي رهيو آهي. چين جي اهڙي قدم سان سندس مقصدن تي سوال اٿي رهيا آهن. هلندڙ مهيني آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي ملاقات دوران ڏکڻ ڪوريا ۾ آمريڪي فوجين جي موجودگي جو معاملو غور هيٺ نه ايندو. جيمز ميٽس اهو به چيو ته چين ڏاکڻي سمنڊ ۾ جهاز ٽوڙ، زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ۽ اليڪٽرانڪ جيمرز لڳايا آهن. جئين ته آمريڪي صدر 12 جون تي اتر ڪوريا جي سربراهه سان ملاقات لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ  ٽرمپ چيو آهي ته اتر ڪوريا جي ليڊر  ڪم جونگ تي هن جي خط جو اثر پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾اتر ڪوريا جو نائب چيئرمين ڪم يون نگ چوئي آمريڪا اچي رهيو آهي. ٽرمپ ته اهو به چيو ته پيانگ يانگ سان ڳالهين لاءِ بهترين ٽيم جوڙي ڇڏي آهي ۽ اتر ڪوريا سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي طرف وري ايران آمريڪا طرفان سخت ترين اقتصادي ۽ معاشي پابنديون لاڳو ڪرڻ بابت نئين حڪمت عملي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
ايراني صدر حسن روحاني آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو طرفان ايران خلاف سخت پابنديون لاڳو ڪرڻ واري بيان جي رد عمل ۾ آمريڪا کي شديد تنقيد جو نشانو  بڻائيندي چيو آهي اڄ دنيا اهو قبول نه ڪندي ته آمريڪا ان لاءِ فيصلو ڪري، سمورا ملڪ آزاد آهن، ايران پڻ آزاد ملڪ آهي ۽ اسان پنهنجي مرضي جي مطابق فيصلا ڪنداسين.
بهرحال  اتر ڪوريا  ۽ آمريڪا جي ٻن اڳواڻن ۾ملاقات کانپوءِ جيڪي خطي ۾ ڇڪتاڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو هو، اهو ختم ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. ايندڙ وقت ۾ لڳي ٿو ته ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان به پنهنجا لاڳاپا بهتر بڻائيندو، جيئن ته سڄي دنيا ۾ هڪ چين ۽ ٻيو آمريڪا  واحد سپر ملڪ آهن، جيڪي  پنهنجي ڪاروبار کي دنيا ۾ وسيع ڪري رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي ملڪن ۾ هن وقت تائين ٺاهه نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ملڪ سان چين هٿ وڍائيندو آهي ته آمريڪا ان ملڪ کان ناراض ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ ڪاروباري آهن ۽ ٻنهي ملڪن جون تيار ڪيون شيون دنيا ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ وڪرو ٿينديون آهن. جڏهن اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان چين آيو هو ته اُن کان پوءِ آمريڪا تمام گهڻو پريشان ٿي ويو هو، اڳ ۾ ته آمريڪا اتر ڪوريا کي ڌمڪيون ڏيندو هو پر جڏهن هن ڏٺو ته اتر ڪوريا چين سان واسطو واڌئي رهيو آهي ته آمريڪا پنهنجو هٿ اتر ڪوريا تي هلڪو رکيو ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ ٻنهي ملڪن جي سربراهن وچ ۾ 12 جون تي ملاقات ٿي رهي آهي.  

No comments:

Post a Comment