Pages

Tuesday 5 June 2018

اليڪشن 2018 کان اڳ تبديل ٿيندڙ منظرنامو





صاحب خان ڀٽي



ملڪ ۾ ٽيون ڀيرو 25 جولاءِ 2018ع تي عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن، ٻن جمهوري حڪومتن وڏن لاهن ۽ چاڙهن کان پوءِ پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن ۽ هاڻ  ٽيو ڀيرو   هڪ نئين حڪومت قائم ٿيڻ واري آهي پر اها  حڪومت ڪهڙي پارٽي جي هوندي، اُن بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ چونڊون دير ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي  ۽ ملڪ ۾ اهي افواهه  پکيڙيا پيا وڃن ته چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون پر  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار صاف صاف چئي ڇڏيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، مسلم ليگ ن جو به چونڊن بابت چوڻ آهي ته چونڊن ۾ ڪا به دير برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن هڪ ڏينهن به دير ٿي ته جمهوري لاءِ خطرو آهي. بهرحال اهو خطرو ته نوازشريف جي نااهلي کان  اڳ به ٻڌندا هئاسين ۽ هاڻ به ٻڌي رهيا آهيون،، اليڪشن ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ  واضح طور چئي ڇڏيو آهي. چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون پر خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر ڇو پيپلزپارٽي کي چونڊون ملتوي ٿيڻ جو خدشو  ٿيو آهي ۽ ان جا ڪهڙا ڪارڻ  هوندا جو چونڊون ڄاڻي واڻي دير سان ڪرايون وينديون،


هونئن ته  ملڪ  جي سمورن صوبن آدمشماري واري معاملي کي به پاسي تي رکي ڇڏيو آهي پر اُن باوجود  چونڊون دير سان ڪرائڻ واريون ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، جيئن ته سيڪيورٽي جا اتنظام به سخت  ڪيا ويا آهن ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪلهه حالتون به بلڪل ٺيڪ آهن،  جيڪڏهن ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ ڪنهن پارٽي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته  اهو جمهوريت لاءِ تمام وڏو خطرو هوندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ  بحرانن جي ور چڙهيل آهي، هڪ طرف ملڪ ۾  پاڻي بحران آهي ته ڪجهه قوتون ملڪ کي غير استحڪام ڪرڻ لاءِ رڌل آهن، سنڌ ۽ بلوچستان مايوسي جو شڪار آهي، سنڌ جا ماڻهو به پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نظر اچي رهيا آهن پر اُن باوجود  حڪمرانن کي عوام جي مايوسي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ پير  چوريندي ڏسي نٿو سگهجي، مطلب ته حڪمرانن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن.

جيئن ته نگران وزيراعظم ناصر المڪ به واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته هو پنهنجي اختيارن موجب قدم کڻندو ۽ جيڪي اختيار کيس ڏنا ويا آهن، انهن کي استعمال ڪندو ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون، مطلب ته  پيپلزپارٽي کان ويندي  مسلم ليگ ن ۽ مسلم ليگ ن کان ويندي چيف جسٽس تائين، سمورن جو اهو ئي ساڳيو خيال آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿين. پر اهو تڏهن ئي ٿي سگهن ٿيون جڏهن سموريون پارٽيون متحد ٿي غير جمهوري قوتن جي رستا روڪ ڪن، جيڪڏهن سياسي ميدان ۾ موجود  غير سياسي ماڻهن کي نه ڪڍيو ويو ته اهي سياست ۾ رهي ڪري جمهوريت کي تمام گهڻو نقصان پهچائندا. جيئن ته ملڪ ۾ چونڊون تمام گهڻو ويجهو  اچي چڪيون  آهن ۽ اُن حوالي سان ســُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي ويو، جيڪو سلسلو 8 جون تائين جاري رهندو،

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ،سمورن صوبن جي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي آفيسن مان نامزدگي ڪاغذ وصول ڪري سگهجن ٿا. جيڪڏهن  ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ پاڪستان ۾ هن وقت سياسي ماحول تمام گهڻو گرم ٿي ويو آهي ۽ اڳواڻن پاران پارٽيون ڇڏڻ  جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيئن ته هن وقت هڪ ئي پارٽي وڃي بچي آهي، جنهن جي ڪاميابي جي تمام گهڻا امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي، جنهن تي ڪرپشن جو  الزام نه لڳو آهي، هونئن ته تحريڪ انصاف تي غير ملڪي فنڊ وٺڻ سميت پارليامينٽ تي حملو ڪرڻ، پي ٽي وي تي حملو ڪرڻ ۽ ايس ايس پي تي تشدد ڪرڻ جا الزام آهن پر انهن ڪيسن جو فيصلو اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته عدالتن مان تحريڪ انصاف آجي آهي ۽ ملڪ ۾ جهڙي ريت جلسا جلوس ڪڍيا پيا وڃن،

انهن کي ڏسندي اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي اچي يا نه اچي پر پارٽين ۾ تبديلي ضرور ايندي، ڇاڪاڻ ته جهڙي ريت سياسي پارٽيون لفظ استعمال ڪري رهيون آهن ۽ ڪٿي به ڳالهائڻ جوڳا نه هوندا آهن. بهرحال سنڌ ۾ چونڊون  ويجهو ايندي پارٽين کي تبديل ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. شيرازي گروپ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي، ميڊيا ۾ رپورٽون آهن ته پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيل شيرازي گروپ کي سجاول مان هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي سيٽ ڏني وئي آهي. جيئن ته مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ذوالفقار علي کوسو پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان سينيئر اڳواڻن سان ذوالفقار کوسا سندس گهر ملاقات  به ڪئي هئي، جڏهن ته ذوالفقار کوسا جو چوڻ هو ته  هو وڏي عرصي تائين مسلم ليگ جو حصو رهيو ۽ هن ن ليگ کي عروج جي وقت ڇڏيو. پر هاڻ هو تحريڪ انصاف شامل ٿي ويو آهي.ٻئي طرف وري پي ٽي آءِ ۽ ڏکڻ پنجاب محاذ وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڏکڻ پنجاب محاذ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي وئي آهي، ايتري قدر جو ايم ڪيو ايم جو  سينيئر اڳواڻ  رشيد گوڊيل به تحريڪ انصاف جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب مان به تحريڪ انصاف جا حامي وڌي رهيا آهن،

بهرحال ملڪ ۾ جيئن ته نامزدگي فارم حاصل ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻنهي ڄڻن نامزدگي وارا فارم حاصل ڪري ورتا آهن،. بلاول ڀٽو زرداري اين اي 200 لاڙڪاڻي ۽ اين 246 لياري تان چونڊ وڙهندو جڏهن ته آصفه ڀٽو زرداري پي ايس 10 رتو ديرو تان نامزدگي وارا فارم حاصل ڪري ورتا آهن. ان کان سواءِ فريال ٽالپور، آصفه ڀٽو اين اي 202 تان نامزدگي فارم وصول ڪري ورتا آهن. جڏهن ته  پنجاب ۾ فارم  حاصل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ملتان ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به فارم حاصل ڪري ورتا آهن،  راڻا ثناءُ الله، عابد شير علي  ۽ مسلم ليگ ن  سميت تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي  جي  اميدوارن پاران فارم حاصل ڪرڻ جو  سلسلو جاري آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته آخر پارٽيون تبديل ڪرڻ وارو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو ۽  اڳواڻ پنهنجيون پارٽيون ڇو ڇڏي رهيا آهن تحريڪ انصاف جي دعويٰ آهي ته هو ملڪ ۾ تبديلي ۽ انقلاب آڻيندا ۽ هن وقت تائين تحريڪ انصاف تبديلي جي نالي تي سڄي ملڪ ۾ شهرت ماڻي رهي آهي.

جيئن ته نوازشريف خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن ۽ پاڻ نوازشريف تاحيات نااهل ٿي چڪو آهي، نوازشريف واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته سندس مقابلو ” خلائي مخلوق “ سان آهي ۽ هن ڀيري عوام ” خلائي مخلوق “ کي شڪست ڏيندو. بهرحال اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ڪير ڪنهن کي ٿو شڪست ڏئي، جيڪڏهن  سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت ۾ سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ته به پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيٽون حاصل نه ڪري سگهندي، ڇاڪاڻ ته هن وقت پيپلزپارٽي پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ جي سگهه وڃائي چڪي آهي. باقي رهي ڳالهه نوازشريف جي ته نوازشريف عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ اهو ڪو به سياستدان نه هوندا، جنهن پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت عدالتن جا چڪر لڳايا هجن.



No comments:

Post a Comment