Pages

Monday 4 June 2018

ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جو بحران


صاحب خان ڀٽي

ڪجهه عرصو اڳ هن ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ڪو نه هوندو هو ۽ هر سال ٻوڏ ايندي هئي ۽ ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي ويندا هئا، سنڌو درياهه به ڀريل نظر ايندو هو، مڇيون ماريندڙ به مير بحر به خوش هوندا هئا ته ماڻهو سنڌو درياهه جي ڪپرن تي گهمڻ به ويندا هئا پر افسوس جو ملڪ جي حڪمرانن پاڻي وڪرو ڪري ملڪ  کي بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ اڄ ملڪ پاڻي جي ڦڙي لاءِ به ترسي رهيو آهي، پنجاب ته سرسبز آباد آهي پر سنڌ ڏينهون ڏينهن بنجر بڻجي رهي آهي، جر جو پاڻي به کارو ٿيندو پيو وڃي، اڳ ۾ سئو فٽ تائين پاڻي مٺو نڪرندو هو پر هاڻ ڏيڍ سئو فٽ بورنگ ڪرائڻ باوجود نلڪن مان مٺو پاڻي نه پيو اچي، ايتري قدر جو سمنڊ سنڌ جي زمين به ڳڙڪائي رهيو آهي، زمين ڪلر ۾ وٺجي رهي آهي، پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جا ماڻهو انوکا احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪڏهن ڪو مجنون ٿي پاڻي کوٽ خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي ته ڪڏهن وري مٿن تي مَٽ کڻي احتجاج ڪيو ويندو آهي پر نه ته سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ چري ٿي  ۽ نه ئي وفاق انهن جي احتجاج کي ڪو ڌيان ڏئي ٿو، رهندو سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج کي ڏسندي وفاق رڳو پنجاب ۾ ڊيم ٺاهي رهيو آهي، جيئن پنجاب پنهنجون گهرجون پورو ڪري سگهي، باقي ٻيا صوبا  ڀلي احتجاج ڪن، وفاق تي اُن جو ڪو به فرق نه پوندو.
اهو سلسلو ڪافي عرصي کان هلندو رهيو آهي، جڏهن پنجاب ۾ ڊيم ڀرجي ويندا آهن ته سڄو پاڻي سنڌ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ بند ٽٽڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو  آهي، سنڌ جو عوام خوش هوندو آهي ته پاڻي اچي رهيو آهي پر اها خبر نه هوندي آهي ته گهرج کان وڌيڪ پاڻي درياهن ۾ ڇڏڻ سان ڪپر ڪمزور ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي، جئين 2010ع ۾ پاڻي ڇڏيو ويو  هو ته سڄي سنڌ ٻڏي وئي هئي، جنهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، هزارين آبادگارن جو فصل تباهه ٿي ويو هو ۽ هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا ۽ ڪئمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿي ويا هئا، ڪراچي ۾جڏهن متاثر علائقن جا ماڻهو ٻوڏکان بچي اچي ڪراچي پهتا ته حڪومت ۾ ويٺل دهشتگردن انهن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي ڪڍڻ جو ڪوشش ڪئي، ايتري قدر جو انهن دهشتگردن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي ڊاهي لکين سنڌين کي بي گهر ڪري ڇڏيو، ڪيترائي  سنڌي دهشتگردن جي گولين جا کاڄ بڻيا، اهو سڀ ڪجهه ٻوڏ  سبب ئي ٿيو، ڇاڪاڻ ته خوشحال هارين کي خبر ئي نه هئي ته ڪراچي جيڪا سنڌ جي دل آهي، اها مذهب جي نالي تي دهشتگردن جي قبضي هيٺ آهي ۽ سمورا وسيلا انهن دهشتگردن وٽ آهن، جيڪي جڏهن چاهين سنڌي وسندين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏين ۽ انهن کي ڪو به چوڻ وارو نه هوندو،
هڪ ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته هن ملڪ وٽ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪرڻ لاءِ وسيلا آهن ۽ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ پئسا به آهن جنهن سبب انهن کي ڪراچي آباد ڪيو ويو پر جڏهن  سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻوڏ آئي ته انهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي گهر ڏيڻ لاءِ نه ته سنڌ  سرڪار وٽ پئسا هئا ۽ نه ئي وفاق وٽ فنڊ هئا جو انهن متاثرن جي مدد ڪري، بهرحال  اهو ته دهشتگردن جي اها هڪ جهلڪ هئي، جيڪا انهن مها ٻوڏ دوران ڏيکاري هئي، اُن وقت سنڌ  مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيل پارٽي جيڪا ان وقت اقتدار ۾ هئي، بلڪل خاموش تماشائي بڻيل هئي ۽ سنڌ جا غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو اکين مان رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا هئا پر سنڌ سرڪار کي اهي نظر نه آيا.
هن وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ آهي پر افسوس جو حڪومت اڄ تائين پاڻي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، جيئن ته پنجاب شروع  کان وٺي سنڌ جي پاڻي جي حصي تي ڌاڙو هڻندو رهيو آهي ۽ پنجاب جي اها خواهش رهي آهي ته وڏا ڊيم ٺاهي ٻين صوبن کي پاڻي ڍڪ لاءِ سڪايو وڃي ۽ ان حوالي سان اقتدار ۾ ويٺل ڪامورا   پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻي  رهيا آهن پر سنڌ سميت ٻيا صوبا اڻ کي منظور ڪرڻ  لاءِ تيار ئي نه آهن، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن ملڪ ۾ تمام گهڻا قدرتي وسيلا آهن، سنڌ مان گئس به نڪري ٿي ته پيٽرول به نڪري ٿو ۽ ان سان گڏ سنڌ مان ڪارو سون، مطلب ته ڪوئلو به نڪري رهيو آهي پر اُن باوجود هن ملڪ ۾ بجلي جو بحران آهي،
اهو سڀ ڪجهه اُن ڪري ڪيو پيو  وڃي ته جيئن پنجاب  وڏا ڊيم ٺاهي پنهنجون گهرجون پورو سگهي ۽ ٻين صوبن کي پاڻي جو ڍڪ به نه ملي، بلوچستان سنڌ تي الزام لڳائي رهيو آهي ته سنڌ بلوچستان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه پيو ڏئي پر جيڪڏهن اهي ماڻهو سنڌ ۾ اچي ڏسن ته  انهن کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ جون زمينون  پاڻي نه ملڻ سبب بنجر بڻجي ويون آهن ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويون آهن، ايتري قدر جو هاڻ ٽيوب ويلن ۾ به پاڻي مٺو نه پيو اچي ۽ پاڻي کارو ٿيندو پيو وڃي، اُن جو سڀ کان وڏو سبب برساتون نه پوڻ ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملڻ آهي.  سنڌ جي حڪمرانن کي اُن وقت پاڻي کوٽ نظر ايندي آهي، جڏهن چونڊون اينديون آهن  پر جڏهن اقتدار ۾ هوندا آهن ته  انهن کي سڀ ڪجهه ٺيڪ نظر ايندو آهي، پر جڏهن  انهن جو اقتدار ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ اهي روڊن تي سنڌ جي ماڻهن سان گڏ ”گهوڙا ڙي گهوڙا “ ڪندي نظر ايندا آهن.
بهرحال پاڻي کوٽ جو سڀ کان وڏو سبب ڌارين جي لوڌ آهي، اڄ سنڌ ۾ ڪروڙين غير ملڪي ترسيل آهن ۽ سڄو  ڪم وفاق جو آهي، وفاق ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ غير ملڪين کي ترسائي سنڌين کي اقليت ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪڏهن ماڻهن کي مذهب جي نالي تي دوکو ڏئي افغانين کي ترسايو ويو ته ڪڏهن مذهب جي نالي تي سنڌين کي جذباتي ڪري روهنگيا جي مسلمانن، بهارين، بنگالين کي سنڌ ۾ ڀريو ويو، هاڻ اچي سنڌ سجاڳ ٿيا آهن ته سعودي عرب جهڙو ملڪ  مذهب جي نالي تي اسان کي نه ٿو ترسايو، جيڪڏهن ڪنهن جي ويزا ختم ٿي وڃي ته اُن وقت ان شخص کي گرفتاري ڪري ڊي پورٽ ڪيو ويندو آهي، هن وقت به ڪيترائي پاڪستاني ڪاغذ مڪمل نه هئڻ سبب سعودي عرب جي جيلن ۾ پيا آهن پر حڪومت کي اهي نظر نه ٿا اچن، پر اسان جي ملڪ جا واڳ ڌڻي سعودي عرب جي نقش قدم تي هلن ها ته به اڄ ڌارين جي لوڌ ايڏي نه هجي ها ۽ مقامي ماڻهن جا حق غضب نه ٿين ها،
جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڌارين کي ڪڍي نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کان ووٽ جو حق ته کسي سگهي ٿي پر افسوس  حڪومت ايئن نه پئي ڪري رهندو، سنڌ ۾ بنگالين، بهارين ۽ افغانين ۽ ٻين پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن ۽ اهو سڀ ڪجهه نادرا چيئرمين جي آشيروارد سان ٿي رهيو آهي. مطلب ته هن حساس ادارا ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي پر  اسان جا ٻيا ادارا اُن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي عدالتون ڪو نوٽيس وٺي رهيون آهن. بهرحال آبادي وڌڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ بدامني ۾ اضافو ٿيو آهي رڳو سرحدن تي ڪنڊيڊار تار لڳائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهن کي ڪڍڻو پوندو، جيڪڏهن مذهب جي بنياد تي رحم ڪرڻو اٿئو ته اڳ ۾ مقامي ماڻهن تي ڪيو، انهن کي نوڪريون ڏيو ۽ انهن کي گهر ڏيو، بجلي ڏيو ۽ اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيو ته جئين اهي پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهن، وڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته سنڌ جا نوجوان نوڪريون نه هئڻ سبب در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن پر سنڌ ۾ موجود ڌارين جي لوڌ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ڪيترائي غير سنڌي سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مقامي ماڻهن کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙهيو ويو آهي.  
مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سرتاج عزيز به چيو آهي ته ملڪ ۾ پاني جو بحران آبادي جي انڌي ڦهلاءُ جي ڪري پيدا ٿيو آهي جڏهن پاڪستان بڻيو ته ان وقت جي ملڪ جي آبادي گهٽ هئي ۽ هاڻ 20 ڪروڙ آهي. سرتاج عزيز اهو به چيو ته پاڻي جو بحران آبادي جي وڌڻ سبب  ٿيو آهي، اسان جي آبادي وڌڻ جي شرح چائنا، بنگلاديش ۽ ڀارت کان وڌيڪ آهي. هن وقت آب هوا ۾ تبديل  جي ڪري به پاڻي جو بحران پيدا ٿيو آهي. اسان پنهنجي زمين هيٺ پاڻي کي بري طريقي سان استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن پاڻي کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي استعمال ڪيو وڃي ته اسان ٻيڻي زمين کي آباد ڪري سگهون ٿا ۽ پاڻي جي کوٽ تي تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. سرتاج عزيز جي ان بيان ۾ بلڪل سچائي آهي ته هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو  وڌندڙ آبادي آهي، اها آبادي هٿ وٺي وڌائي وئي آهي. افغانين کي زبردستي هتي ترسايو ويو، بنگالين، بهارين کي هتي آباد ڪيو ويو، انهن کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، جنهن سبب اڄ ملڪ بدامني ۽ بحرانن جي ور چڙهيل آهي.

No comments:

Post a Comment