Pages

Sunday 10 June 2018

عام چونڊن کان اڳ ٽڪيٽن جي ورڇ تي پيدا ٿيل اختلاف


صاحب خان ڀٽي
جيتوڻيڪ ملڪ ۾ چونڊون تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن پر مختلف پارٽين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ هن وقت به گهٽجي نه سگهي آهي، هر پارٽي طرفان روايتي طور هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو به سلسلو جاري آهي، خبر نه ٿي پئي ته اهو سلسلو  چونڊن کانپوءِبه جاري رهندو يا اُڻ جو خاتمو چونڊن کان اڳ ٿي ويندو، جيئن ته هي چونڊون تمام گهڻو  اهم ۽ هن سال وڏي تبديلي جي به اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي. هر طرف تبديلي جا نعرا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. تحريڪ انصاف به انهن اڳواڻن جي زور تي تبديلي جو نعرو هڻي رهي آهي، جيڪي اڳ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن ۾ رهي چڪا آهن، هر ڏسڻو اهو آهي ته اخر ڪيئن سياسي پارٽيون هن چونڊن کي درست نموني سان کڻي ٿيون هلن. بهرحال نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ ۽ وٺڻ جو سلسلو به اڄ ختم ٿي رهيو آهي ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سياسي پارٽين اندر ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۾ ٽڪيٽن تي ناراضگي جا اظهار ڪيا پيا  وڃن، ڄامشوري  جي هن ڀيري صورتحال تبديل نظر ايندي ڇاڪاڻ ته ملڪ اسد سميت ٻيا اميدوار هن ڀيري ڄامشوري کي فتح ڪرڻ جي تمام  گهڻي ڪوشش ڪندا، رهي ڳالهه پنجاب ۽ بلوچستان جي ته پنجاب ۾ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي ٽڪيٽ  ڏيڻ يا نه ڏيڻ تي تمام گهڻو  بحث ٿي رهيو آهي ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف وچ ۾ تمام گهڻا اختلاف  ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. بهرحال هن چونڊن ۾ ملتان ۾  اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت ٻين اڳواڻن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پرويز  مشرف کي به اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي وئي آهي، جنهن کانپوءِ لڳي رهيو اهي ته هن ڀيري  جيڪا حڪومت هوندي  اها حڪومت اڪثريت سان ڪامياب نه ٿي سگهندي، اُن جا سڀ کان وڏا سبب اهي آهن ته هن وقت ڪا به اهڙي جماعت نه آهي، جنهن جي پوزيشن مضبوط هجي.
بهرحال هن ملڪ ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ ڪا به پارٽي اقتدار ۾ اچي سگهي ٿي، جنهن سبب اها اڳڪٿي ڪرڻ ته ڪهڙي پارٽي ڪامياب ٿيندي، اهو وقت کان اڳ هوندو.  هونئن ته هن ملڪ هر دور ۾ جمهوريت تي ڪارا  ڪڪر ڇانيل رهيا آهن پر هاڻ جهڙيون حالتون پيدا ٿي چڪيون آهن، انهن حالتن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي  ٿو ته ايندڙ چونڊن ۾  هر پارٽي جي ڪوشش هوندي ته اها اقتدار ۾ اچي،  پر جيئن ته  پارٽين لاءِ سڀ کان وڏو مرحلو هو، پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست جو، اُن کي حل ڪرڻ پارٽين لاءِ  ڏکيائن جو سبب بڻجي رهيو آهي. جئين ته نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي، ، عمران خان ۽ شهباز شريف لاهور مان نامزدگي فارم وصول ڪيا، محمد ميان سومرو جيڪب آباد ۽ نصرت سحر پني عاقل ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، نادر مگسي شهداد ڪوٽ ۾ نامزدگي فارم  جمع  ڪرايا آهن، جڏهن ته تبديلي پسند پارٽي جي وزير علي مهر ۽ علي شير مهر سکر ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، نئون ديرو جي ٻن ڳوٺاڻين عورتن شهر بانو ۽ پروين راهوجو رتيديري ۾ فارم وصول ڪيا، هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ تان ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي آهي، هڪ عورت اڳواڻ ته تحريڪ انصاف خلاف قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته هن نواز ليگ کان ٽڪيٽ گهري هئي ڳ به هو نواز ليگ جي  هئي ۽ هاڻ به نواز ليگ جي هئي، سندن جاري ڪيل ٽڪيٽن واري فهرست ۾ نالو شامل ڪرڻ سندس سمجهه کان ٻاهر آهي. هوڏانهن اڳوڻي ايم اين اي علي محمد خان ۽ فيصل واوڊا کي ٽڪيٽس نه مليون، علي محمد خان چيو آهي ته جمود خلاف ڳالهائڻ سبب نظرانداز ڪيو پيو وڃي، فيصل آباد ۾ ناراض اڳواڻن چيو آهي ته پارٽي قيادت ميرٽ جي لتاڙ ڪندي لوٽن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، ٽڪيٽن جي ورڇ خلاف بني گالا ٻاهران به پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو مظاهرو، ساهيوال جي رانا تنوير ٽڪيٽ نه ملڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي،
جئين ته سڄي ملڪ ۾ ٽڪيٽن تي سياسي پارٽين ۾ اختلاف مچي ويا آهن، پي ٽي آءِ پاران ڪارڪنن جي احتجاج ۽ تنقيد کانپوءِ فردوس عاشق اعواڻ ۽ شهريار آفريدي کي ٽڪيٽون جاري ڪيو ويون آهن، فردوس عاشق اعواڻ کي اين اي 72 سيالڪوٽ ۽ شهريار آفريدي کي ڪوهاٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، شوڪت يوسفزئي شانگلا ۽ حميده شاهد اپر دير مان صوبائي تڪ تي چونڊ وڙهندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ اه يته اپر دير ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عورت کي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. پي ايس 10 تي فريال ۽ آصفه سان مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پي آءِ بي گروپ جي اڳواڻ فاروق ستار ڪورنگي جي تڪ 241 تي نامزدگي فارم جمع ڪرايو، فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسو بند ٿيڻ گهرجي، چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ته چونڊن کانپوءِ ڌرڻا هنيا ويندا. ايتري قدر جو پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين عام چونڊون وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  سندس چوڻ آهي ته تعليم جي ڪري سياست کي ٽائيم نه ٿو ڏئي سگهان، ٽڪيٽ ڏينهن رات محنت ڪندڙ اميدوارن کي ملڻ گهرجي، علي ترين اين اي 161 لوڌران لاءِ نامزدگي جا ڪاغذ به ورتا هئا، جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته علي ترين تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ چونڊون نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو جيڪا وڏي ڳالهه  آهي. اهڙي ريت مسلم ليگ ن ۾ ٽڪيٽن تان اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن،
چوڌري نثار کي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏيڻ تان نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ اختلاف نه نبريا آهن، شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي لوٽن کي ٽڪيٽون ڏئي رهيو آهي ۽ آصف زرداري کان ڪير ٽڪيٽون وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، لاهور ۾ نامزدگي فارم وصول ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ نيازي ۽ زرداري جي ڳٺ جوڙ کي دفن ڪري ڇڏينداسين. ميڊيا تي خبرون نشر ٿي رهيون آهن ته نوازشريف جو موقف آهي ته چوڌري نثار پاران درخواست نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس جاءِ تي ٻئي ڪنهن اميدوار کي ٽڪيٽ ڏني وڃي، شهباز شريف جو اصرار  آهي ته درخواست نه ڏيڻ جي صورت ۾ به چوڌري نثار کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وڃي، نواز شريف چيو آهي ته مون ڪڏهن به 35 لک رپين جي رقم نه ورتي، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دُراني توڙي يونس حبيب کان ڪا به رقم نه ورتي، اصغر خان ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائيندي نواز شريف چيو ته آڪٽوبر 2015 ۾ به ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي آڏو بيان ڏنو هو، پارٽي جي ڪنهن نمائندي کي به 1990 وارين چونڊن دوران پئسا وٺڻ جي هدايت نه ڪئي هئي. پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته خلائي مخلوق سياسي جماعتن جو بيانيو آهي، شفاف چونڊون ڪرائڻ نگران حڪومتن جي ذميواري آهي، حسن عسڪري چيو ته پنجاب ۾ نگران ڪابينا مختصر ۽ اڻ ڌري هوندي.
اهڙي ريت سنڌ ۾ به خيرپور ضلعي ۾ ٽڪيٽس جي معاملي تان پيپلزپارٽي ۾ ڏڦيڙ، جيلاني هائوس ۽ وساڻ هائوس ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، نفيسا شاهه ۽ نواب وساڻ اين اي 208 جي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ بضد، ڏڦيڙ سبب پارٽي قيادت ضلعي جي ٽن قومي ۽ 7 صوبائي تڪن تي ٽڪيٽس ڏيڻ بابت ڪو فيصلو نه ڪري سگهي، ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 247 تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي اهي، جڏهن ته تڪ تان متحده پاڪستان جو فاروق ستار، پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال، پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ۽ جماعت اسلامي جو نعيم الرحمان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اچي وئي آهي، اهو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، جو سنڌ جون حالتون چونڊن ۾ ايترو تبديل ٿي وڃن. ان کان اڳ به  اهڙيون صورتحال تبديل ٿينديون رهيون آهن، 
اڳوڻي وزيراعظم ظفر الله جمالي چيو آهي ته آئون تحريڪ انصاف ۾ شامل نه پيو ٿيان، منهنجو پٽ ۽ سئوٽ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ظفر الله جمالي پي بي 13 جعفرآباد تي پنهنجي پٽ مير عمر خان سان گڏ سندس نامزدگي فارم جمع ڪرايو ۽ چيو ته ملڪ ۾ ڪڏهن به چونڊون شفاف نه ٿيون آهن، پر هيل شفاف چونڊون ٿينديون. اڳوڻو آمر پرويز مشرف ۽ سماجي اڳواڻ جبران ناصر به هتان چونڊ وڙهي رهيا آهن، عوامي نيشنل پارٽي قومي ۽ صوبائي تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پارٽي سربراهه اسفند يار ولي کي اين اي 24 چارسده ٽو، غلام احمد بلور کي اين اي 31 ۽ زاهد خان کي اين اي 6 تان ٽڪيٽ جاري، اڳوڻي وڏي وزير امير حيدر هوتي کي اين اي 21 مردان ٽو تان ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي، هاڻ ڏسڻو اهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي پارٽي چونڊن کتي ٿي، اسان ته اهو ئي چاهيون ٿا ته هي چونڊون صاف ۽ شفاف ٿين ۽ عوامي ميڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي.

No comments:

Post a Comment