Pages

Thursday 7 June 2018

ڪالا باغ ڊيم جي رينگٽ پٺيان ڪهڙا مقصد آهن؟





صاحب خان ڀٽي

پاڻي جيڪو هر هڪ ملڪ جي ضرورت آهي، پاڻي کانسواءِ ڪو به ملڪ زندهه رهي نٿو سگهي، جنهن جي ڪري  مختلف ملڪ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهيندا آهن ته جيئن پاڻي کوٽ دوران اُن کي استعمال ڪري سگهجي پر  اسان جي ملڪ ۾ ڊيم ته ٺاهيا وڃن ٿا پر اهو پاڻي رڳو هڪ ئي  صوبو استعمال ڪندو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ وڏن ڊيم تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ اڄ تائين سنڌ ۾ اهڙو ڪو خاص ڊيم نه ٺهي سگهيو آهي ، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته پاڻي کوٽ دوران سنڌ  پنهنجيون گهرجون پوري  ڪري سگهندي، جڏهن حڪمرانن کان پڇيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ اوهان ڊيم نٿا ٺاهيو ته چيو ويندو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به اهڙو هنڌ نه آهي، جتي ڊيم ٺاهيو وڃي، پر جڏهن اهو پڇيو ويندو آهي ڀلا ننڍا ڊيم ٺاهيو ته اُن وقت  اهو چيو ويندو  آهي ته فنڊ نه آهن  پر وفاق وٽ پنجاب ۾ ڊيم ٺاهڻ لاءِ فنڊ به هوندا آهن ته ۽ عالمي بينڪ مان کين قرض به ملي ويندو آهي،

جيڪڏهن پيسا ناهن ته رڳو سنڌ لاءِ نه آهن، ملڪ کي ٺهي 71 سال گذري ويا آهن پر اڄ تائين سنڌو درياهه  سميت ٻين درياهن جا ڪپر مضبوط نه ڪيا ويا آهن ۽  پر پنجاب ۾ سنڌ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ٿيا آهن اتي ننڍي کان ننڍي شاخ به پڪي ڪئي وئي آهي،  جيئن پاڻي کي بچائي سگهجي ۽ زراعت به ججهي مقدار ۾ ٿئي پر سنڌ ۾ نه ته پاڻي آهي ۽ نه ئي ئي سنڌ جون ننڍيون ننڍيون شاخون پڪيون آهن، جڏهن به ٿورو پاڻي جو دٻاءُ وڌندو آهي ته  ٻوڏ واري صورتحال ٿي  ويندي آهي، نه ته وفاق  اُن وقت ڪو قدم کڻندو آهي ۽ نه سنڌ جي حڪمرانن وٽ وقت هوندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي  ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو آهي، اهو  صرف اُن ڪري ٿيو آهي جو  سنڌ ۾ پاڻي ناهي ۽ سنڌو درياهه ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي آهي ۽ سکر بئراج جي پيٽ ۾ ٻارڙن کي راند کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو،

جيڪڏهن  صوبائي حڪومت کي پنهنجي پاڻي جي حصي لاءِ ڪي قدم کڻي ها ۽ پنهنجو ڪيس مضبوط ڪري ڪنهن سٺي فورم تي کڻي وڃي ها ته اڄ پنجاب  پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيندي نظر نه اچي ها ۽ نه ئي پنجاب سنڌ جي وسيلن تي قابض هجي ها.  بهرحال چونڊون به تمام گهڻو ويجهو اچي چڪيون آهن  ۽ چونڊن جي ويجهو ايندو ئي مئل گهوڙي ڪالا باغ ڊيم کي زندهه ڪرڻ جي ڪوشش جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي ۽ خدائي خدمت گار  جن کي ٻين صوبن جا حق نظر نه ٿا اچن، انهن وڃي  عدالت جو در کڙڪايو آهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ به ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن بعد سنڌ، خيبرپختونخواهه جي عوام جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪالا باغ ڊيم سميت جيڪي به  ڊيم ٺهندا ، انهن سان سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه کي ڪو به فائدو نه پوندو ۽ رڳو پنجاب کي فائدو ملندو، جيئن هن وقت ٻين ڊيم جو پاڻي پنجاب کي ملي رهيو آهي،

پنجاب جيئن ته هن ملڪ جو وڏو صوبو آهي، جنهن سبب هن ملڪ جي هر اداري  پنجاب جي ماڻهن جي اڪثريت ٻين صوبن جي ڀيٽ  80 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ڪو به اهڙو سرڪاري  توڙي خانگي ادارو نه  بچيو هوندو، جتي پنجاب جي ماڻهن جي اڪثريت هجي، مطلب ته سمورن ادارن تي رڳو پنجاب جو ئي حڪم هلي رهيو آهي، جنهن سبب  سنڌ جي  وسيلا به وفاق ئي استعمال ڪري رهيو آهي، هاڻ جڏهن وري ڪالا باغ ڊيم جو معاملو اٿاريو ويو آهي ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جو عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي،. پر هن ڀيري ڪالا باغ ڊيم جي حاميتن ٿورو مختلف رستو اختيار ڪيو آهي، اڳ ۾ طاقت ذريعي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون پر هاڻ انهن خدائي خدمتگارن عدالت جو در کڙڪايو آهي، جيڪو تمام گهڻي ڳڻتي جوڳو عمل  آهي.

سنڌ جا ساڃاهه وند به سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن پر  وفاق هدايتون ڪري رهيو آهي ته ڪالا باغ ڊيمجي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي، اُن سان گڏ ڪالا باغ ڊيم جي حامي لابي به ميدان ۾ لهي آهي، جن جو سڌي ريت تعلق پنجاب سان آهي،جن جو مقصد ئي پنجاب ۾ وڏا ڊيم ٺاهي ننڍن صوبن کي سڪائڻ آهي ۽ ننڍن صوبن کي پاڻي ڍڪ لاءِ به ترسائڻ آهي پر جيئن ته هاڻ جديد دور آهي ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ڀلي پابندي لڳائي وڃي پر مظلوم ماڻهو پنهنجو آواز سوشل ميڊيا تي اٿاري رهيا آهن. ڪالا باغ ڊيم جي حامي لابي جن کي رڳو پنجاب جو مفاد ئي نظر ايندو آهي، هن ڀيري انهن جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي اهو انتهائي خطرناڪ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن مظلومن قومن کان احتجاج به کسيو ويندو آهي ته پوءِ اُن جا اهڙا نتيجا نڪرندا آهن جو ڪڏهن به اهي وسرندا نه آهن ۽ اهي هڪ تاريخ بڻجي ويندا آهن.

هڪ طرف چيو پيو وڃي ته هي ملڪ آزاد آهي ۽ هر هڪ کي احتجاج جو حق حاصل آهي پر هن ملڪ ۾ ته احتجاج ڪرڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، اهو رڳو اُن ڪري جو پنجاب جا ناپاڪ مقصد ڪامياب ٿي وڃن ۽ ٻيا صوبا پنجاب جا غلام بڻيل رهن ۽ پنجاب جڏهن چاهي ته پاڻي ڏئي، جيڪڏهن نه چاهي ته پوءِ اڃ ماري. بهرحال احتجاج اسان جو حق آهي ۽ اُن حق کي پنجاب لابي غداري جا لقب ڏئي روڪي نٿو سگهي، سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن ملڪ سان غداري ڪئي آهي، سڀ کان وڏي غداري ته هن ملڪ ۾ غير ملڪي ڀرڻ آهي ۽ انهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ آهي ۽ ٻي سڀ کان وڏي غداري ته اها آهي ته ننڍن صوبن جي وسيلن تي قبضو آهي، پر اهي غدار ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج ڪندڙن کي غدار  چئي رهيا آهن، مطلب ته هن ملڪ ۾ جيڪو به پنهنجي حقن لاءِ وڙهندو، اُن کي پنجاب لابي غدار جو لقب ڏيندو، اهڙو ورتاءُ ته برٽش دور ۾ به ٿيو، جيڪو اڄ ملڪ کي ٺاهڻ وارن سان ٿي رهيو آهي. خبر  ئي نه ٿي پئي ته آخر پنجاب ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو ڇو هڻي رهيو آهي، هونئن ته هي اسلامي ملڪ آهي پر پوءِ اُن باوجود عالم سڳورا ڇو خاموش آهن ۽ پنجاب جي اهڙي ورتاءُ تي ڇو نه ٿا ڳالهائن،

بهرحال پنجاب پنهنجي دماغ  مان اها ڳالهه ڪڍي ڇڏي ته سوشل ميڊيا تي هٿ ٺوڪي  وڊيو ٺاهي ۽  ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج ڪندڙن کي دشمن ملڪ جو ايجنٽ ۽ غدار  قرار ڏئي پنهنجي ناپاڪ  مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويندو. پاڻي اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جو معاملو آهي ۽ اسان پنهنجي جائز حق لاءِ  پنهنجي آخري ساهه تائين وڙهنداسين. خيبرپختونخواهه جو به ڪالا باغ ڊيم خلاف چٽو موقف آهي، اين اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم ڪڏهن به نه ٺهندو، جيڪو ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته خيبرپختونخواهه ٻڏي مري ويندو ۽سنڌ پاڻي لاءِ سڪي مرندو، جنهن جي ڪري سنڌ جو عوام ڪالا باغ ڊيم جدوجهد ۾ سنڌ  سندن ساٿ ڏئي. بهرحال هن وقت معاملو عدالت ۾ پهتو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن پاران ڪارو ڏينهن ملهائڻ  جو به اعلان ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو سوشل ميڊيا تي هلي رهيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو  گڏ ٿي ڪالا باغ ڊيم خلاف هڪ آواز ٿي ڀرپور نموني آواز اٿاريندا. ڀلي کڻي پنجاب جيڪا به آگاهي مهم هلائي پر سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آهن ته پنجاب جيڪڏهن وڏا ڊيم ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو  ته پوءِ سنڌ پاڻي لاءِ سڪندو رهندو.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته آبي وسيلن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ به واپڊا چيئرمين تصديق ڪئي آهي ته ڪالا باغ ڊيم بابت سنڌ جا خدشا درست آهن، جيستائين اتفاق راءِ  نٿو ٿئي، تيستائين هو ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جو ڪم شروع نه ڪندا، مطلب  ته سڀني کي خبر آهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ پٺان پنجاب  جا ڪهڙا مقصد آهن. اسان رڳو ايترو ئي چونداسين ته غدار ي جا لقب ڏيڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کي ضرور ڏسو ته اوهان ڇا آهيو، غدار اوهان پاڻ آهيو يا جيڪي مظلوم ماڻهو پنهنجا جائز حق گهري رهيا آهن. عوام اهو به ڄاڻي ٿو ته آخر هن وقت تڪراري معاملو ڪالا باغ ڊيم ڇو اٿاريو  ويو آهي، هڪ طرف چونڊون آهن ته ٻئي طرف خلائي مخلوق جي لاڏلي خلاف عدالت ۾ڪارروايون هلي رهيون آهن،  ته مٿان وري اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس هلي رهيو آهي،  اهڙن معاملن تان ڌيان هٽائڻ لا3 ڪالا باغ ڊيم جو معاملو اٿاري ملڪ فساد پکيڙي  انهن معاملن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪا ملڪ جو غيرت مند عوام ناڪام بڻائيندو.

No comments:

Post a Comment