Pages

Friday 8 June 2018

ڪوٽ لکپت جيل جي قيدي کي سنڌ جي سورمين جو سرخ سلام

رسول بخش پليجي جي وڇوڙي جي حوالي سان..............
صاحب خان ڀٽي
سنڌ ڌرتي صوفين جي ڌرتي آهي، جتي انيڪ ناليوارن شخصيتن جنم ورتو، جن پنهنجي جدوجهد، فڪر ، محنت، دانشوري، ڏاهپ ۽ جستجو سان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏو نانءُ ڪمايو  آهي، جيڪي هن جهان کي ڇڏي هليا ويا آهن پر اڄ هزارين ماڻهن  جي دلين ۾ راڄ ڪري رهيا آهن، انهن مان رسول بخش پليجو صاحب هڪ هو، جنهن جي قومي جدوجهد تاريخ جو هڪ باب آهي، جنهن هميشه ناانصافين خلاف آواز اٿاريو ۽ سنڌ جي سياست ۾ هڪ لازوال تبديلي آندي، جيڪو ڪو به دانشور، اديب يا سياستدان نه آڻي سگهي ها، سندس فڪر  سان هزاري نه پر ڪروڙين ماڻهو سلهاڙيل آهن، رسول بخش پليجي صاحب سنڌ ۾ اها تبديلي آندي جيڪو ڪو به سياستدان يا پاڻ کي انقلابي ڪوٺائيندڙ نه آڻي سگهي ها، هونئن تي سنڌ جي حقن جي ته سموريون جماعتون ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ وڏا وڏا بيان ڏينديون آهن پر جڏهن عورت کي حق ڏيڻ ۽ آزادي ڏيڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي ته سڀ خاموش ٿي ويندا هئا پر رسول بخش پليجي صاحب جي جدوجهد کان پوءِ سنڌ ۾ اها تبديلي جيڪو شايد  ئي ڪو آڻي سگهي ها. 
رسول بخش پليجو صاحب 21 فيبروري 1930ع ۾ ڳوٺ منگر خان پليجو “ جُنگشاهي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو هو، هن پرائمري تعليم مقامي مدرسن ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هو سيڪنڊري تعيلم سنڌ مدرسته الاسلام هائير سيڪنڊري اسڪول ڪراچي جهڙي مشهور درسگاهه مان حاصل ڪئي، محترم رسول بخش پليجو صاحب  قانون ۾ گريجوئشن سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ڪئي.، هو کاٻي ڌر جي اڳواڻ هئڻ سان گڏ انساني حقن  جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ به هو. رسول بخش پليجي صاحب لا جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ ۾ چوٽي جو وڪيل پڻ بڻجي ويو هو.
. رسول بخش پليجي صاحب کي سنڌ  جي ماڻهن جي تمام گهڻي ڳڻتي هوندي هئي ۽ هو سنڌ جي  اهڙي حالت کي ڏسي تمام گهڻو  فڪر مند به هوندو هو، جنهن سبب هن سياسي جدوجهد جي  به شروعات ڪئي. هو سنڌ ۾ جاگيرداري نظام جو سخت مخالف هوندو هو،  پليجي صاحب لا ڪاليج حاصل ڪرڻ بعد  سپريم ڪورٽ جو وڪيل به رهيو، کيس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي  جلد آواز اٿارڻ  جو هڪ فن هوندو هو ۽ هو سنڌ جي هر هڪ  مسئلي جي حل لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪندو هو.  هو سنڌ جي سياست جو متحرڪ ڪردار رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سياسي ميدان ۾ سائين جي ايم سيد، ، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمدسان گڏجي سرگرميءَ سان حصو ورتو.  جڏهن به  سائين جي ايم سيد سنڌ جي ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاريندو هو ته هي بهادر شخص سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ تيار رهندو آهي، 
جڏهن 1968ع ۾ سائين  جي. ايم. سيد، کي ايوب خان جي مارشل لا دوران نظر بند ڪيو ويو هو ۽ سائين جي ايم سيد کي ڪيترو ئي عرصو نظربنديءَ کانپوءِ سائين جي ايم سيد ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ قائم ڪئي ته سائين جي. ايم. سيد اُن تنظيم جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري بڻيو هو. رسول بخش پليجي پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي ۽ هو عورتن جي آزادي جو  حامي هو ۽ کيس هر هڪ وقت سنڌ جي عورتن کي حق  ڏيارڻ جو اُلڪو رهندو هو،  رسول بخش پليجي صاحب ايم آر ڊي جي  دور ۾ متحرڪ ڪردار ادار ڪيو، جنهن سبب کييس جيل ۾ به رهڻو پيو پر هن بهادر انسان پنهنجا حوصلا ڪمزور نه ڪيا ۽ پنهنجي جدوجهد تان هٿ نه  کنيو. 1980ع   ڌاري ۾ کيس ڪوٽ لکپت جيل ۾ به قيد  ڪيو ويو هو، گهڻو عرصو  سياسي مخالفن  سندس خلاف واويلا به ڪئي پر هو جيل ۾ رهڻ باوجود ثابت قدم رهيو، جنهن سبب کيس 1981ع ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل  ضمير جو قيدي  قرار ڏنو. 
رسول بخش پليجو صاحب عوامي تحريڪ، سنڌي هاري ڪميٽي، سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، پاڪستان جمهوري اتحاد جو باني اڳواڻ رهڻ سان گڏ عوامي نيشنل پارٽي، سنڌ متحده محاذ، سنڌ قومي اتحاد، بزم صوفيا سنڌ، پونم، سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻ به رهيو. رسول بخش پليجي صاحب کي لکڻ جو هڪ وڏو ڏنءُ هو، هن ڪيترائي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. سنڌي ادب جي ميدان ۾ رسول بخش پليجي جو شمار ليکڪن ۽ نقادن ۾به ٿيندو هو. پليجو صاحب ڪيترائي  ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي ذات هجن، انڌا اونڌا ويڄ، صبـح ٿيـنـدو،  ڌراڙن جـا ڌڪـ جن جهوناڳڙهه جلايو، سَندي ذات هنجن، پسي ڳاڙها ڳل، ويهڻ مون نه وڙاءُ، اوهان جي پڄاڻان، ڪوٽ لکپت جو قيدي، وڳ ڪيئن وسرياءِ، سياسي ادب (جلد I، II، III)، هرڻ، هٺيلا بيٺا سوچينذاتي زندگي  شامل آهن. سندس ڪتاب سنڌ جا نوجوان وڏي شوق سان پڙهندا آهن، سنڌ ۾ سندس انيڪ شاگردن سندس فڪر کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي  جو ٻين تنظيمن ۾ ايتري ٻڌي ۽ اتفاق نه هوندو آهي ۽ نه ئي انهن تنظيمن ۾ نظم ۽ ضبط هوندي آهي پر رسول بخش پليجي صاحب جي پارٽي هڪ نظرياتي پارٽي آهي، جنهن جو هر هڪ ڪارڪن هڪ نظرياتي سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن سبب  رسول بخش پليجي جو نظريو  تمام تيزي سان سنڌ ۾ پکڙجي ويو هو، سندس پارٽي ۾ سنڌ جا ساڃاهه وند ۽ ذهين ماڻهو آهن، جيڪي سندس نظريي تي هلي سندس ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهن،  
رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، هو هميشه سنڌ جي ماڻهن  ۾ انقلاب اڻڻ جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ سندس تقريرون نوجوانن هڪ نئون اُتساهه پيدا ڪنديون هيون. رسول بخش پيلجو صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان سندس پهرين گهر واري پليجي خاندان مان هئي، جڏهن ته ٻي گهر واري ڪشميرڻ هئي ، سندس ٽين گهر واري ناليواري فنڪارا جي جي زرينا بلوچ هئي. 
رسول بخش پليجي صاحب سنڌ جي عورتن  ۾ هڪ سجاڳي پيدا ڪئي، جيڪا شايد ڪو به نه آڻي سگهي ها، اهو ئي سبب آهي جو ٻين پارٽين جي ڀيٽ سندس پارٽي ۾ عورتن جو وڏو انگ شريڪ هوندو هو،  جنهن دور ۾ سنڌ جا ماڻهو عورتن کي جلسن ۽ جلوسن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئي، ايتري قدر جو عورتن جو گهر کان نڪر به ناممڪن هوندو هو، اُن دور ۾ رسول بخش پليجي  صاحب سنڌ جي عورتن کي سياسي ميدان ۾ آندو ۽ سنڌ  جي عورتن کي به  گهرن جي  چئو  ديواري کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو مليو، سنڌ ۾ ڪا به اهڙي پارٽي نه اُن دور ۾ نه هوندي هئي،  جنهن ۾ عورتون وڏي انگ ۾  شريڪ ٿينديون هجن پر اُن وقت رسول بخش پليجي صاحب عورتن  ۾ اهڙي ته سجاڳي پيدا ڪئي  جو اڄ جون سورميون هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا  کڻي سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪري رهيون آهن. 
اُن مان صاف ظاهر آهي ته رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي  ڪارڪن جي اهڙي تربيت ڪئي آهي جو سندس پارٽي جو هر ڪارڪن پنهنجين عورتن کي سمورا حق ڏئي  ڪوٽن ۾ قيد ڪرڻ بدران  انهن کي سموري آزادي ڏئي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ به سڀ کان اڳ ڀرو هوندو آهي.جڏهن ڪراچي ۾ دهشتگردن جو راڄ هو، اُن وقت به هن بهادر شخص سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکي هئي، جڏهن سنڌ جي دشمنن سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ جي سازش رٿي ته پليجي صاحب انهن جي آڏو رُڪ جي ديوار بڻيل رهيو. ڪالا باغ ڊيم واري معاملي تي به سندس موقف چٽو ۽ واضح هوندو هو ۽ هو هميشه چوندو هو ته کيس جناح جو  پاڪستان کپي، هو هميشه چوندو هو، هي پاڪستان جناح جو پاڪستان نه آهي.
 عوامي تحريڪ جو سرواڻ،  ناميارو ڏاهو بخش پليجي کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب سائوٿ سٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.جتي هو  وينٽي ليٽر تي به رهيو،  طبعيت سڌرڻ کيس گهر منتقل ڪيو هو پر اچانڪ ٻيهر سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي، جنهن سبب هو 88 ورهين جي ڄمار ۾  7 جون 2018ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن  سندس مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ نيو پئي ويو ته هر رستي تي سنڌ جون سورميون ۽ سنڌ جا جوڌا رستن تي قطارون لڳائي کيس سرخ سلام پيش ڪري رهيا هئا، اهو سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جو قطارون لڳائي ڪنهن اڳواڻ کي سرخ سلام پيش ڪيو ويو هجي، هونئن ته سنڌ ۾ڪيترائي سياسي ۽ قومي اڳواڻ اسان کان وڇڙي ويا ۽ لکن جي تعداد ۾ماڻهو گڏ ٿي روئيندا رهيا پر ايتري تعداد ۾ عورتن پاران سلام پيش ڪرڻ  وارو مثال شايد سنڌجي تاريخ ۾ ملي..
sahibalisindhi@gmail.com


No comments:

Post a Comment