Pages

Tuesday 12 June 2018

سعودي عرب ۾ هيفا بنت عبدالله السعود جي تصوير تي ٿيل هنگامو

صاحب خان ڀٽي
سعودي عرب اهو واحد ملڪ آهي، جتي عورتن کي اڪيلو گهمڻ ۽ ڦرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ نه ئي انهيءَ ملڪ ۾ عورتن  کي گاڏي هلائڻ جي اجازت هوندي هئي، عورت نه ته اڪيلي بازار وڃي سگهندي هئي ۽ نه ئي عورتن کي ڪي ٻيا حق حاصل هوندا هئا، هي اهو واحد ملڪ آهي، جتي چور ي ڪندڙ جو هٿ ڪٽيو ويندو  هو ۽ منشيات اسمگلنگ ڪندڙ کي  سخت سزا ڏني ويندي هئي ۽ سينيمائن تي پابندي لڳل هوندي هئي پر ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان جي کنيل قدمن کان پوءِ تمام گهڻي تبديلي اچي رهي آهي، جنهن سبب ڪجهه ڌريون وائڙائپ جو شڪار ٿي ويون آهن.
جيئن ته سعودي عرب جي ولي عهد جي کنيل قدمن سان سعودي عرب جا ڪجهه عرب خوش نه آهن ۽ ان سان گڏ اسان جي ملڪ مان به ڪجهه ماڻهو ٿورو پريشان نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته نئين شهزادي ايندي فنڊ جو بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهڙا قانون آڻي رهيو آهي، جنهن کي هتان جا ڪجهه ماڻهو سعودي عرب جي قانون جو مثال ڏئي ماڻهن کي پريشان ڪندا هئا پر جيئن ته هاڻ سعودي عرب ۾ عورتن  کي حق ملي ويا آهن ۽ سعودي عرب ۾ به عورتن  کي  آزادي ملي رهي آهي ته موجوده حڪمرانن تي ٿوري تنقيد به ٿي رهي آهي پر اهڙي تنقيد کي  هو منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪي انتهاپسند آهن، اهي سوشل ميڊيا تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  خلاف واويلا ڪري رهيا آهن ۽  سندس خلاف هڪ پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي ته عورتن کي حق ڏيڻ ۽ قانون ۾ نرم ڪرڻ واري عمل سان سعودي عرب جي ڪلچر کي نقصان پهچندو پر اُن باوجود سعودي عرب جو شهزادو پنهنجي فيصلي تي قائم آهي،
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن سعودي عرب ۾ شهزادن کي بدعنواني ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار  ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو هو ته اُن وقت چيو ويو هو ته اهو سڀ ڪجهه شاهي خاندان جو جهيڙو آهي پر ان کان پوءِ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن خلاف به ڪارروائي ڪئي هئي پر اُن وقت هيفا بنت عبدالله خلاف ڪارروائي نه ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هوءِ سعودي عرب جي شهزادي هئي ۽ ان سان گڏ عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ  انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ هئي پر اُن وقت کيس گرفتار  نه ڪيو ويو هو،
اهڙي عمل خلاف سعودي ولي محمد بن سلمان خلاف سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي هئي. بهرحال  پوءِ آهستي آهستي سعودي عرب ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، اها تبديلي آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪٽنب سميت سعودي عرب ۾ دوري ڪرڻ کانپوءِ آئي. هن وقت جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سعودي عرب  سعودي عرب ۾ سينيمائن تان پابندي ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رياض ۾ پهرين سينيما جو لائسنس آمريڪي ڪمپني کي ڏنو ويو آهي. ايتري قدر جو آمريڪي سينيما ڪمپني اي ايم سي جي ترجمان پاران چيو ويو آهي ته آمريڪي ڪمپني ايندڙ پنج سالن دوران سعودي عرب جي 15 شهرن ۾ 40 سينيما گهر کوليندي، جنهن سان سعودي عرب جي سينيما جو سالياني ڪمائي هڪ ارب ڊالر ٿي ويندي ۽ سينيما جي حوالي سان وڏي مارڪيٽ هوندي. ان کانپوءِ سعودي عرب ۾ ڪلب کولڻ جو به اعلان ڪيو ويو، سعودي عرب جي معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪلب،  سينيما گهر کولڻ  سان  سعودي عرب جي معيشيت ۾ واڌ ايندي ۽ معيشيت مضبوط ٿيندي، اُن سان گڏ سعودي عرب ۾ روزگار جا ذريعا به وڌندا.
ڏٺو وڃي ته هن وقت سعودي عرب ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو روزگار سانگي ڪم ڪري رهيا آهن پر  ڪجهه عرصو اڳ  سعودي عرب جي معيشيت کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو هو ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿي ويا هئا، اُن سان گڏ جن ڪمپنين  کي نقصان پهتو  هو، انهن ملازمن کي پگهارون به نه ڏنيون هيون، ايتري قدر جو اهي ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ۽ انهن وٽ ڏيهه اچڻ لاءِ به پيسا نه بچيا هئا، اهڙيون خبرون ميڊيا تي به نشر ٿيون هيون پوءِ وڃي مختلف ملڪن جون حڪومتون جاڳيون هيون ۽ انهن ملازمن جي واهر ڪئي وئي هئي. پر سعودي شهزادي  ملڪي معيشيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ته پوءِ وڃي سعودي عرب ۾ تبديلي آئي. جيئن ته هن وقت سعودي عرب نوان نوان قانون  ٺاهيا پيا وڃن، جيڪي انتهاپسندن کي پسند نه پيا اچن،
عورتن کي  نوڪرين جي اجازت ڏيڻ، بازارن ۾ اڪيلي وڃڻ ۽ گاڏيون هلاڻ جي اجازت سان گڏ کين حراسان ڪندڙ کي سزا ڏيڻ وارا قانون انهن انتهاپسندن کي بلڪل به پسند نه آهن، گذريل سال سعودي ٽريفڪ واري کاتي عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏيڻ جي اجازت ڏني هئي ۽ بعد ۾ نئين فرمان موجب جون 2018ع کان عورتون لائسنس حاصل ڪري موٽر سائيڪل ۽ ٽرڪ به هلائينديون. اهو ئي سبب آهي جو تبديل ٿيل سعودي عرب انهن کي پسند نه آهي ۽ سوشل ميڊيا تي جيڪي سعودي ولي عهد خلاف پروپيگنڊا هلي رهي آهي، اها به انهيءَ جي هڪ ڪڙي آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته جو سعودي شهزادي هڪ اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته هنن مدرسن کي فنڊ ڏنا پر هاڻ نه ڏيندا،  جئين ته سعودي عرب ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان عورتن کي حق ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽پراڻن قانون ۾ تبديلي به ڪئي پئي وڃي. سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لاڳو سخت گارجين سسٽم ۾ تبديليون ڪندي عورتن کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا ۽ عورتن کي واپار شروع ڪرڻ لاءِ مڙس، محرم يا ولي کان اجازت وٺڻ جي پابندي ختم ڪري ڇڏي.  
جئين ته  سعودي عرب ۾ عورتن کي گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي هئي، اُن اعلان کان پوءِ  سعودي عرب جي شوريٰ ڪونسل جي 2 ميمبرن ميجر جنرل عبدالله سعدون ۽ فيصل الفاضل واضح ڪيو ته ٽريفڪ واري کاتي ۽ پوليس ۾ عورتن جو مقرري هڪ سماجي ضرورت آهي ۽ عورتن کي ڊرائيونگ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ ٽريفڪ عدالتن ۾ به عورتن جي مقرري لازمي ٿئي وئي آهي. بهرحال سعودي عرب ۾ سينيمائن ۽ عورتن کي حق ڏيڻ کان پوءِ هڪ  وڏي تبديلي اها آئي  جو سعودي عرب جون شهزاديون  به آزادي کان تمام گهڻو خوش ٿي ويون ۽ انهن پنهنجي آزادي کي ڀرپور نموني ملهايو ۽ ملهائي به رهيون آهن،
ڪجهه ڏينهن اڳ  سعودي عرب جي شهزادي هيفا بنت عبدالله السعود جي فيشن ميگزين جي پهرئين ورق تي تصوير ڇپي هئي، جنهن تي سعودي عرب ۾ هنگامو شروع ٿي ويو هو ۽ سڄي دنيا حيران ٿي وئي هئي ته ڇا سعودي عرب ايڏو تبديل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو سڀ ڪجهه تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو، هونئن ته سعودي شهزادي . محمد بن سلمان اشارو ڏئي ڇڏيو هو پر اها خبر نه ئي هئي ته عورتن کي حق ڏيڻ واري مهم جي شروعات  سعودي جي شاهي خاندان کان شروع ٿيندي. بهرحال سعودي شهزادي هيفا بنت عبدالله السعود جي تصوير رسالي ووگ Vogue جي سعودي عرب جي ايڊيشن ۾ شايع ٿي هئي، جڏهن ته انهيءَ رسالي جي ٽائيٽل تصوير ۾ شهزادي هيفا اڇن ڪپڙن ۾ وڏي هيل جا جوتا پهري هڪ گاڏي ۾ ويٺل نظر  اچي رهي آهي ۽ سندس چهرو  کليل آهي، جڏهن ته انهيءَ رسالي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان  کينل قدمن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي وئي آهي.
ايتري قدر جو انهيءَ رسالي کي سعودي عرب جي عورتن جي نانءُ ڪيو ويو آهي.  سعودي عرب جي ڪجهه شهزادن جو خيال آهي ته شهزادي هيفا جي اهڙي عمل سان سندن ڪلچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي پر سعودي عرب جي سڃاهه وندن جو چوڻ آهي ته شهزادي هيفا جي اهڙي قدم سان سعودي عرب جي گهريلو عورتن کي  به همت ٿيندي ۽  اهي پنهنجي  حقن ۽ آزادي جي گهرُ ڪري سگهنديون. بهرحال هاڻ ڏسڻو آهي ته آخر جيت ڪنهن جي ٿي ٿئي؟ ڇاڪاڻ ته هڪ طرف انتهاپسند ٽولو عورتن جي حقن خلاف آهي ته ٻئي طرف وري سعودي عرب جي ولي عهد جي نئين قانون خلاف واويلا  ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن اڄ سعودي عرب تبديلي  آئي آهي ته  ولي عهد محمد بن سلمان جي ڪري ئي آئي آهي، جنهن جي جيتري واکاڻ ڪجهي اها گهٽ آهي.   



No comments:

Post a Comment