Pages

Wednesday 6 June 2018

ريحام خان جي ڪتاب تي متل ٻڙڌڪ


صاحب خان ڀٽي
ملڪي سياست ۾  ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، جنهن بابت ڪنهن به سياستدان کي خبر ئي نه آهي، جيڪي پاڻ کي انقلابي اڳواڻ سڏائن ٿا، انهن جي پارٽي ٿي ايندر ماڻهو ايترو ته تبديل ٿي ويندا آهن جو هو ميڊيا تي اچي اهڙا لفظ ڳالهائيندا آهن جو هر هڪ حيران ۽ پريشان ٿي ويندو  آهي. اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ هڪ ڪتاب تي تمام گهڻو شور ڪيو پيو وڃي، اهو ڪتاب اڃان ته ڇپجي مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي پر ان ڪتاب جو مواد سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو شئر ٿي رهيو آهي، جنهن جي هن وقت تائين ترديد ناهي ڪئي وئي،  اهو ڪتاب ڪنهن ٻئي نه پر   تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان لکيو آهي، جيڪا هڪ صحافي به آهي ۽ کيس چڱي ريت خبر آهي ته ڪنهن تي الزام لڳائڻ جي ڪهڙي سزا ملي سگهي ٿي ۽ اُن جا سياستدانن تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا،
جيئن ته هن ڪتاب بابت چيو پيو وڃي ته ريحام خان پنهنجي ذاتي زندگي جون به ڳالهيون لکيون آهن، جنهن تي تحريڪ انصاف تمام گهڻو شور ڪري رهي آهي ۽ چونڊن کان اڳ ريحام خان جي ڪتاب جي ڇپائي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو  ڪيو ويو آهي ۽ عدالت ۾ درخواست به داخل ڪئي وئي آهي پر اُن باوجود  تحريڪ انصاف جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته چونڊن کان اڳ ريحام خان  جي ڪتاب سان تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان بابت جيڪي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيا  ويا آهن، اهي عوام آڏو اچي ويندا، مطلب ته ڪجهه هن وقت تائين سوشل ميڊيا تي شيئر به ٿي رهيا آهن. جيئن ته سوشل ميڊيا اڄ جي دور جو هڪ وڏو هٿيار آهي، سوشل ميڊيا تي سڀني ادارن جا پول پڌرا ٿي رهيا آهن، سياستدان جو ڪردار به وائکو ٿي رهيو  آهي ۽ جيڪي جمهوريت خلاف سازش ڪري رهيا آهن، انهن بابت هر هڪ لکي پنهنجي دل جو بار گهٽائي رهيو آهي،  پر ڪا به حڪمران جماعت جڏهن اقتدار ۾ هوندي آهي ته اُن کي تنقيد پسند نه هوندي آهي ۽ نه ئي سچ کي ٻڌڻ جو ڪو مادو هوندو آهي، جنهن سبب نوان نوان قانون ٺاهي سچ ڳالهائيندڙ ۽ سچ ٻڌائيندڙ جو آواز دٻائڻ لاءِ  انهن کي  سزا ڏيارڻ لاءِ  نوان نوان قانون لاڳو ڪيا ويندا آهن، جيڪو ڪجهه سلسلو اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ ۾ به هلي رهيو آهي،
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن پر  اها ڳالهه به  غلط نه آهي ته  حڪمران پنهنجيون غلطيون لڪائڻ ۽ پنهنجا ڪرتوت دنيا  کان لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا خلاف واويلا ڪندا رهيا آهن، جيئن مسلم ليگ نون  به پنهنجي اقتدار ۾ سوشل ميڊيا خلاف قدم کنيا آهن پر اڄ اها ئي  جماعت سوشل ميڊيا کي هڪ وڏو هٿيار سمجهي ٿي  ۽  سوشل ميڊيا ورڪرز  جي گڏجاڻين کي   انهيءَ پارٽي جا اڳواڻ خطاب  به ڪندا رهيا آهن، مطلب ته اڄ ڪلهه سياستدان هجي يا عام ماڻهو سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري رهيو آهي   پر تنقيد  ۽ سچ ٻڌڻ جي  ڪنهن ۾ به سگهه نه آهي. بهرحال سوشل ميڊيا تي ريحام خان جي ڪتاب جا تمام گهڻا چرچا آهن ۽   ريحام خان جي ڪتاب جو سهارو وٺي ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي هٿ ٺوڪيون ڳالهيون به شيئر ڪري رهيا آهن، جنهن کي ٻڌي  ماڻهو  پنهنجي کل روڪي نه سگهندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو تحريڪ انصاف  جي سربراهه عمران خان خلاف ڪا عورت ميدان تي نڪتي هجي، ان کان اڳ عائشه گلالئي به تحريڪ انصاف سان بغاوت ڪئي هئي ۽ هاڻ وري ريحام خان به ڪتاب لکي پنهنجي اندر جو  اوٻر ڪڍي رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو تحريڪ انصاف عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان جي ڪتاب تي پابنديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته ، ريحام خان جو ڪتاب چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي. رائيونڊ نيٽ ورڪ آهي جنهن کي حسين حقاني ذريعي آپريٽ ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي سائبر ونگ معاملي جي جاچ ڪري ۽ ريحام خان 24 ڪلاڪن اندر ڪتاب جي مواد جي تريد ڪري ڇو ته ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن تنهن تي قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ٻئي طرف وري اداڪار حمزه عباسي چيو آهي ته خوشي ٿي آهي ته ريحام خان ڪتاب جي مسودي جي ترديد ناهي ڪئي، اسان ڪو به ڪتاب ناهي چورايو. ريحام خان جنهن کي ڪتاب جو مسودو موڪليو انهيءَ شخص مون کي ڏنو آهي، اهو ريحام به ڄاڻي ٿي. جنهن شخص ڪتاب جو مسودو ڏنو، جنهن جو نالو نٿا ٻڌائي سگهون. جڏهن کان ڪتاب جو ذڪر شروع ٿيو آهي، تنهن  ڏينهن کان تحريڪ انصاف جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن، هر هڪ اڳواڻ ريحام خان جي ڪتاب  تي تبصور ڪري رهيو آهي،جيڪو هن وقت تائين  ڇپجيو ئي ناهي.
بهرحال تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان جي ڪتاب بابت سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ هر هڪ طرفان تبصرن جو سلسلو جاري آهي. تحريڪ انصاف لائرز ونگ جي صدر غلام مصطفيٰ چوهان طرفان ملتان جي سول ڪورٽ ۾ ريحام خان جي ڪتاب جي نمائش روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ريحام خان مسلم ليگ ن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، هن تحريڪ انصاف جي قيادت کي بدنام ڪرڻ جي سازش آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني سان گڏجي ڪئي آهي. ريحام خان جي ڪتاب جي متن جو ڪجهه حصو مبينا طور حقيقت خلاف آهي، تنهن ڪري ريحام خان جي ڪتاب تي پابندي لڳائي وڃي،  جڏهن ته ملتان جي عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان جي ڪتاب تي نمائش خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.، جڏهن ته عون چوڌري  چيو آهي ته ريحام خان پنهنجي ڪتاب ۾ غلط الزام هڻندي جيڪا گندگي پکيڙي مان محسوس ڪيان ٿو ته ريحام خان جا دوکا عوام سامهون آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي جيڪي ماڻ پاڻ ڏٺا آهن. 
جيڪڏهن اسان ڪتاب شايع ڪرڻ واري  اعلان کان پوءِ پيدا ٿيل سڄي صورتحال کي  ڏسنداسين ته ڪجهه عورتون ريحام خان  جي حمايت ڪري رهيون آهن  ۽ ڪجهه عورتون  تحريڪ انصاف سان گڏآهن  ۽ جيڪي ريحام خان جا مخالف آهن، اهي ڪتاب تي پابندي جو  مطالبو ڪري رهيا آهن پر جيڪي ريحام خان جا حامي آهن ۽ اهي ڪتاب جي شايع ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، مطلب ته چونڊن کان اڳ سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو بحث هاڻ اچي ريحام خان جي ڪتاب جو ٿي رهيو آهي ۽ هر هڪ عمران خان جي ذاتي زندگي بابت ڄاڻڻ لاءِ اهو ڪتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي، جيڪڏهن اهو ڪتاب نه پيو ڇپيو ته پوءِ به  ريحام خان کي ڪا به ڳڻتي  ڪرڻ جي  ڳالهه نه آهي، اڌ ڪم ته اينڪر پرسن ڪتاب جو مواد  عوام آڏو رکي ڇڏيو آهي، جنهن سبب تحريڪ انصاف کي به جوابي ڪارروائي جو اعلان ڪرڻو پيو، 
هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي رهي آهي ته ريحام خان جي ڪتاب ڪجهه نه ڪجهه اهڙيون خاص ڳالهيون ضرور آهن، جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف ان ڪتاب جي ڇپائي  تي پابندي جو مطالبو ڪري رهي آهي. تحريڪ انصاف کان ناراض عائشه گلالئي به ريحام خان جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي وئي آهي، عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان کي ريحام خان جي ڪتاب سان بي نقاب ٿيڻ جو خوف آهي، پي ٽي آءِ  سربراهه کي ڪير نه ٿو سڃاڻي، پاڪستاني عورتون ريحام خان جي مدد ڪن. عائشه گلالئي چيو آهي ته عمران خان اخلاقي زوال جو شڪار آهي، ريحام خان کي ڌمڪين جي مذمت ڪريون ٿا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت  ريحام خان جو تمام گهڻو ذڪر ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪتاب  تي تبصرا ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا تي به ٿي رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه اُن ڪري ٿي رهيو آهي جو ريحام خان هڪ صحافي ۽ اُن سان گڏ عمران خان جي اڳوڻي گهر واري آهي. ريحام خان چيو آهي ته جڏهن هو چاهيندي ڪتاب کي شايع ڪرائيندي ۽ ڪردارڪشي سان هوءَ رڪجڻ واري نه آهي. هوءَ آزاد آهي ۽ کيس ڪير به روڪي نه ٿو سگهي ۽ هوءِ  سچ لکندي ۽ هر عدالت آڏو به پيش ٿيندي. حمزه علي عباسي لفافا کڻي شهباز شريف جي مهم هلائي رهيو آهي.
ريحام خان اهو به چيو ته کيس ن ليگ جي لابي طرفان هڪ ميسيج به آيو ته   کين ڪتاب ڏنو ويو آهي ۽ مون چيو ته اهو ڪتاب پي ٽي آءِ کان وٺو. احتساب عدالت ۾ جڏهن پيشي دوران ڪنهن صحافي  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان جي ريحام خان سان ملاقات ٿي هئي، ته اُن وقت مريم نواز ڪجهه به چوڻ کانسواءِ هلي وئي هئي، پر جڏهن نوازشريف کان ريحام جي ڪتاب بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو هو ته جڏهن پي ٽي آ3 کي  ٻيو ڪجهه هٿ نه آيو ته ريحام خان جي ڪتاب جو الزام به مٿن  هنيو ويو. عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد به  پنهنجي توپن جو رخ نواز ليگ ڏانهن ڪري ڇڏيون آهن، جيئن ماضي ۾ رهيون آهن. شيخ رشيد چيو آهي ته ريحام خان جي ڪتاب جو اصل کلاڙي شهباز شريف آهي، ٿي سگهي ٿو ته شهبازشريف کي ريحام خان کي 2 لک پائونڊز  ڏيڻا هجن.
ان سڄي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف  الزام لڳايو آهي ته مسلم ليگ ن  عورتن کي استعمال ڪندي رهي آهي. بهرحال هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته ڪير عورتن کي استعمال ڪندو آهي؟ پر هن وقت سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن جو  جيڪي به عورتون تحريڪ انصاف کان ڌار ٿي رهيون آهن، اهي ڇو تحريڪ انصاف ۾ عورتن کي غير  محفوظ سمجهي رهيون آهن، تحريڪ انصاف کي ان جو جواب  قوم کي ڏيڻو پوندو .

No comments:

Post a Comment