Pages

Wednesday 13 June 2018

عيد جي موقعي تي آيل مهانگائي جو طوفان

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد جي موقعي تي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ عوام جون خوشيون ئي ختم ٿي ويون آهن.  هونئن ته ٻين ملڪن ۾ مذهبي ڏهاڙن تي حڪومت عوام کي رليف ڏيندي آهي پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن عوام کي رليف ڏيڻ ته ٺهيو، رهندو مهانگائي جو  بم ڪيرائي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ نه حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ چاهي ٿي، مهانگائي سبب عوام ڏکيائن کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.  
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ مهانگائي جو طوفان اچڻ کان نئين ڳالهه نه آهي پر هن ڀيري  مسلم ليگ ن جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ اوچتو مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي، جنهن سبب ملڪي معيشت تي تمام گهڻا خراب اثر پئجي رهيا آهن، عيد جي موقعي سبب واپارين، ٽرانسپورٽرن ۽ دڪاندارن به مهانگائي کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، ايتري قدر جو عيد جي موقعي تي نگران حڪومت پاران پيٽرول جو بم ڪرايو ويو آهي، اڳ ۾ جڏهن به حڪومت بم ڪيرائيندي هئي ته عوام جي چيلهه چٻي ٿي ويندي هئي پر هن ڀيري نگران حڪومت جي اچڻ کان پوءِ جيڪي مهانگائي ٿي آهي، انهيءَ ته عوام جو ڳاٽو ئي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هاڻ سندن جيئڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. 
مسلم ليگ ن جو موقف آهي ته اها مهانگائي سندن وڃڻ کانپوءِ آئي آهي ۽ ان جي ذميوار نگران حڪومت آهي. نگران حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ عيد جي موقعي کي ڏسندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هڪ ته منافعي خورن هٿرادو اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏيندا آهن مٿان وري جڏهن حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪندي آهي ته  ان جا عام ماڻهو جي زندگي تي تمام گهڻا اثر پوندا  آهن. حڪومت طرفان جيڪو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،  ان موجب، پيٽرول  جي اگهه ۾ 4 رپيا 26 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول في ليٽر 91 رپيا 96 پيسن جو ٿي ويو  آهي. جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 14 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئون اگهه 74 رپيا 99 پيسا آهي.  گاسليٽ جي اگهه ۾ 4 رپيا 46 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد گاسليٽ 84 رپيا 34 رپيا في  ليٽر ٿي ويو آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 55 پيسا واڌ ڪرڻ بعد نئون اگهه 105 رپيا 31 پيسا ٿي  ويو آهي. 
مطلب ته  نگران حڪومت عوام جي عيد جي خوشين کي مهانگائي جي طوفان ۾  ختم ڪري ڇڏيو آهي. هونئن به هن ملڪ ۾ ايتري ته مهانگائي آهي جو غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجا ٿي ويو آهي. حڪمرانن قرض کڻي پنهنجا پيٽ ڀريا ۽ ان قرض جو عوام کي ڪو به لاڀ نه مليو، رڳو پيسو خرچ ٿيندي نظر آيو ته اهو رڳو پنجاب ۾ آيو. بهرحال هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هڪ طرف هڪ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي ته ٻئي طرف وري انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾  ڊالر 2 رپيا 66 پيسا مهانگو ٿي 122 رپيا 50 پيسن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، فاريڪس ڊيلرز موجب، گذريل ڪجهه ڏينهن کان انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 88 پيسا مهانگو ٿي چڪو  آهي
. پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن به ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ ريلوي نظام اسان جو ايترو ڀلو آهي جو ٽڪيٽون ئي نه ٿيون ملن، هر طرف رڳو ماڻهن جو رش لڳل آهي ۽ ٽرانسپورٽر  عيد جي موقعي جو فائدو کڻندي ماڻهن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺي رهيا آهن، پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري، موٽر وي پوليس پاران ڪجهه  مسافرن ڪوچز خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي مسافرن کي وڌيڪ ورتل ڀاڙو واپس ڏياريو ويو، پر اهو مسئلي جو حل نه آهي، جيستائين حڪومت ٽرانسپورٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون نه ڪندي ته ٽرانسپورٽرن کي ڏسندي ٻيا ماڻهو به اُن جو فائدو حاصل ڪندا، مطلب ته حڪومت پيٽروليم جو اگهه وڌائي، تڏهن عوام کي بار برداشت ڪرڻو پوندو  آهي، 
جيڪڏهن ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ واڌ ڪن ته اهو به عوام کي ئي لوڙڻو پوندو آهي. بهرحال اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڊالر جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهتو آهي، اهو به عيد جي موقعي تي واڌ ٿي آهي، جيڪا سمجهه کان بلڪل ٻاهر  آهي، جيڪڏهن حڪومت ڊالر جي اگهه ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ته رپئي جو ملهه تمام گهڻو گهٽجي ويندو ۽ اسان جو ملڪ وڌيڪ قرضن ۾ دٻجي ويندو، جنهن سان اسان جي ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچندو، تنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته تمام جلد تڪڙا قدم کڻي عوام کي رليف مُهيا ڪرڻ سان گڏ  پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيل واڌ واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي.  ڇاڪاڻ ته رپئي جي ڀيٽ ۾ پرڏيهي قرضن ۾ واڌ سان عوام تي ٽيڪسن جو نئون بار ۽ مهانگائي جو خدشو وڌي ويو آهي. 
پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي نگران حڪومت کان قيمتون وڌائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته رپئي جي قدر ۾ سخت گهٽتائي سان اڳوڻي حڪومت جي هٿرادو معاشي ترقي جا پول کلي ويا آهن، گذريل حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بدران عوام کي سزا ڏيڻ تي يقين رکندي هئي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي قيمتن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان اٿندو ۽ عيد کان اڳ ئي مهانگائي جو اهڙو طوفان عوام لاءِ ناقابل برداشت آهي. 
بهرحال سياسي بيان پنهنجي جاءِ ته آهن پر هڪ ڳالهه ته بلڪل واضح آهي ته جيڪڏهن ڊالر جو اگهه نه گهٽيو ته رپئي جي مُلهه ۾  لاڳيتو لاٿ ٿيندي رهي  آهي ته ملڪ قرضن جو دٻاءُ برداشت نه ڪندو.  حڪمران ته قرض کڻي هليا ويندا آهن ۽ مهانگائي کي برداشت ڪرڻو عوام کي پوندو آهي. جيڪي به هن وقت تائين قرض کنيا ويا آهن، انهن کي لاهڻ لاءِ حڪومت ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي آهي، جنهن سبب جڏهن آءِ ايم ايف چاهي ملڪ ۾مهانگائي آڻي سگهي ٿي. اڄ ڪلهه جيڪا اسان جي ملڪ ۾ مهانگائي آهي، اهو به ان جو چتو ثبوت آهي. جيڪڏهن اسان جا حڪمران قرض نه وٺن ها ته اڄ هر هڪ ملڪ جو شهري قرضي نه هجي ها ۽ نه ئي دنيا جي ڀيٽ اسان هر شئي ته سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڀريون ها. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ پيٽرول سستو آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ٻيڻ ٽيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ به ڪيس هليو هو. 
بهرحال قرض لهي يا نه لهي پر لڳي ٿو عوام جي کل ضرور لهي ويندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت جيڪو هن ڀيري بم ڪيرايو  آهي. ان بم سان هاڻ عوام ڪڏهن به سنئون سڌو نه ٿي سگهندو. عوام تمام گهڻو خوش هو ته عيد جي موقعي تي  حڪمران عوام کي تحفو ڏيندا پر انهن کي اها خبر نه هئي ته حڪمران کين مهانگائي جو تحفو ڏيندا. هڪ طرف کائڻ، پيئڻ جون شيون مهانگيون آهن ته مٿان وري  ٽرانسپورٽرن جي ملي ڀڳت سبب ڀاڙن ۾ واڌ  عوام کي ٻٽي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. 

No comments:

Post a Comment