Pages

Sunday 24 June 2018

اميدوارن جا اثاثا، هلندڙ ڇڪتاڻ: چونڊون ٿينديون؟

صاحب خان ڀٽي
ملڪ ۾ فوج جي نگراني ۾ آدمشماري کانپوءِ هاڻ 2018ع جون چونڊون به فوج جي نگراني ۾ ٿي رهيون آهن، اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ڏهاڙي فوج جا جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بچاءُ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست  به منظور ڪري چڪي آهي، پاڪ فوج جا ساڍا ٽي لک اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ فوج جا جوان چونڊن کان 4 ڏينهن اڳ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اميدوارن سيڪيورٽي ادارن ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن لاءِ هڪ چونڊ ضابطه  به تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي سڀني کي عمل ڪرڻو آهي. جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم به فوج جي نگراني ڪيو ويندو ۽ پاڪ فوج جا جوان 27 جون تي پرنٽنگ پريس جي سيڪيورٽي سنڀاليندا ۽ پاڪ فوج جا جوان پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر  مقرر هوندا، نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اهلڪارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي، جيڪو اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪيو آهي،
هڪ ڳالهه سٺي آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري لاڏلن ۾ وڏو جهيڙو ٿي سگهي ٿو، جن جي مٿي تي آشيردوارد آهي، اهي ته ٽي وي چينلز تي ويهي گاريون به ڏين ٿا ته گهلڻ جون ڳالهيون به ڪن ٿا، پر جن مٿان  هاڻ ڪو هٿ نه رهيو آهي، اهي پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، مطلب ته هي جنگ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نه پر پنهنجي مٿي تي نامعلوم ماڻهن جو آشير وارد برقرار رکڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ۽ پيپلزپارٽي  کي ان  سياسي رڌڻي کان تمام گهڻو پري رکيو آهي. هاڻ  جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته خبر پئجي ويندي ته ڪنهن جي مٿي تي آشيروارد آهي،  مون جيڪڏهن جو لفظ انهيءَ جي ڪري استعمال ڪيو جو ملڪ جون جيڪي حالتون آهن ان مان نه پيو لڳي ته چونڊ وقت تي ٿي سگهن ٿيون.  اڃا چونڊ ڪجهه  ڏينهن آهن ۽ فيصل آباد جي نشاط آباد ٿاڻي واري علائقي ۾ مخالفن جي فائرنگ ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪ 109 جو اميدوار وقار احمد مارجي ويو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هو چونڊ مهم ۾ سرگرم هو ته کيس فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. جئين ته آدمشماري به فوج جي نگراني ۾ ٿي هئي، ان وقت به صوبن آدمشماري کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن جو وڏو مثال سنڌ ۽  خيبرپختونخواهه آهي، پر جيئن ته چونڊون به هن ملڪ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، جيڪڏهن چونڊون نه ٿيون ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندي،
هونئن ته هن ملڪ ۾ ڪڏهن جمهوريت مضبوط نه رهي آهي ۽ نه   ئي جمهوريت کي هن ملڪ ۾ مضبوط ٿيندي  ڏسي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته شهيد بينظير ڀٽي جي شهادت کانپوءِ جيڪا جمهوريت آئي آهي، ان ۾ خبر ئي نه پئجي رهي آهي ته آخر هن ملڪ تي ڪهڙيون قوتون ڪم ڪري رهيون آهن، حڪمرانن کي خبر ئي نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا  معاهدي ٿي رهيا آهن ، حڪمرانن ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ کان لاچار آهن، ان جو سڀ کان وڏو مثال نگران حڪومت جو  به آهي، جيڪا چونڊون ڪرائڻ لاءِ آئي آهي پر چونڊون موجوده حالتن ۾ مقرر تي ٿيڻ تمام گهڻو ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته هڪڙن کي تڪڙو انصاف ملي رهيو آهي ته هڪڙا انصاف لاءِ در بدر ڀٽڪي رهيا آهن، جڏهن انصاف ئي دير ٿئي ته پوءِ آخر هن ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ڪئين  ٿيندي اسين ڏسي سگهون ٿا.  ڪجهه سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو خيال آهي ته ڪجهه به ٿئي پئي پر هو چونڊن ۾ دير برداشت نه ڪندا،  انهن جو اهو به خيال آهي ته جيڪڏهن چونڊون دير ٿيون ته اهو جمهوريت لاءِ وڏو خطرو آهي.
جيڪي  سياستدان جمهوريت جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن  اهي حڪومت ۾ هئا ته اهي احتجاج ڪندڙن تي لٺيون  ۽ تشدد ڪرائيندا هئا، ايتري قدر جو استادن، نياڻين کي روڊن تي گيهلڻ  وارو ڪڌو عمل به انهن  سياستدانن جي حڪومت ۾ ٿيو، جيڪي سڀ ڪجهه ڏسندا به انڌا بڻيل رهيا. انهن جي وات مان هڪ لفظ به نه نڪتو. ايتري قدر جو پنهنجن پيارن  جي ڳولا لاءِ نڪتل ماڻهو به کنڀي گم ڪيل جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندا رهيا  پر انهن کي سندن احتجاج نظر نه آيو. بهرحال هن وقت سياستدان پاڻ  ئي سياڻي ڪانءُ وانگي ٻه ٽنيا ڦاٿا آهن ، پنهنجي ئي دولت ئي پاڻ ظاهر ڪري رهيا آهن، ايتري قدر جو سندن گهڻيون زالون آهن ۽ ڪيترا ٻار آهن،  ان جا تفصيل به ظاهر ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سڀ اچرج ۾ پئجي ويا آهن، ڪن جا والد امير آهن ته ڪن جا وري پٽ امير آهن، ڪن سياستدان جون گهرواريون امير آهن ته پاڻ وٽ گهٽ پئسو اٿن، ڪن سياستدانن جون ڌيئرون امير آهن ته پنهنجي وري دولت گهٽ ڏيکاري اٿن
. اليڪشن ڪميشن جي انهيءَ فيصلي کانپوءِ سياستدانن جا پٽڪا به لهي رهيا آهن پر بهتر آهي ته جن سياستدانن وٽ دولت آهي، اها ڪٿان آئي ۽ ان جي آمدني جو ذريعو ڪهڙو آهي، اهو پڇڻ جو ڪم هتان جي ادارن ۽ عوام جو حق آهي، جيڪو انهن کي  هرحال ۾ ٻڌائڻو پوندو. پر جيئن ته اسان گذريل حڪومت ۾ اهي خبرون به پڙهيون ته ڪجهه سياستدانن ڪاررواين کان بچڻ لاءِ پيسا ساڙي ڇڏيا هئا، ايتري قدر جو  بلوچستان جي ان وقت جي هڪ وزير جي گهر ۾ ٻورين ۾ ڀريل پيسا به هٿ آيا. ان مان صاف ظاهر آهي ته سياستدانن وٽ تمام گهڻو پيسو آهي، پر هي ته رڳو سياستدانن آهن، اسان جي ملڪ ۾ اڃا  ٻيا به ادارا آهن، جيڪڏهن انهن جي خلاف به جاچ ڪئي وڃي ته انهن وٽان به ملڪ  جي لٽيل وڏي دولت هٿ اچي سگهي ٿي، اسان ته اهو چاهينداسين ته جيڪي به وڏن عهدن تي آهن، انهن سڀني  عملدارن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ڀلي اهو ڪهڙي به اداري سان آهي، گڊ ۽ بيڊ پرسن جو ڪو به خيال نه رکيو وڃي، سياستدان  هجي يا ڪو سرڪاري  آفيسر سڀني کي هڪ ئي نظر ۾ ڏسندي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته انهن وٽان به ڪجهه نه ڪجهه نڪري ايندو ۽ انهن جا پرڏيهه ۾ پيل پيسا به ڏيهه گهرايا ويندا، اهو ڪم سياستدانن سان تمام جلد ٿيندي نظر اچي رهيو آهي،
ڇاڪاڻ ته سياستدانن پنهنجي پير تي پاڻ ئي  ڪهاڙي رهيا آهن، جن سياستدانن پنهنجا تفصيل ظاهر ڪيا آهن،  انهن ۾ تحريڪ انصاف، پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ سميت مختلف اميدوار شامل آهن. تحريڪ انصاف  ۾ به ڏڦيڙ پکڙجي ويو آهي. ڪارڪن به ٽڪيٽن جي معاملي تي پريشان ٿي ويا آهن ته عمران خان به خاطري ڪرائڻ ۾ لڳو پيو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته شاهه محمودقريشي کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران پنهنجي تڪ جي ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن. ڏکڻ پنجاب مان ڪنهن عورت کي ٽڪيٽ نه ملڻ ناانصافي آهي. هر تڪ مان ڪامياب ٿي عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ چاهيون ٿا. ٽڪيٽن جي ورڇ تي خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. جڏهن ته شاهه محمود سندس الزامن جي ترديد ڪندي کيس ڀرپور جواب ڏنو آهي.
هوڏانهن تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ زرتاج  گل الزام لڳايو آهي ته  پاڪستان مسلم ليگ ن جو اميدوار  جمال خان لغاري هن کي سري عام  سنگين ڌمڪيون  ڏئي رهيو آهي  ۽ جيڪڏهن  هن کي ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار جمال لغاري آهي . کيس ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هو اين اي 191 تان نالو واپس وٺي .جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته  ۽ علائقي ۾  پنهنجي چونڊ مهم  جاري رکي ته  سمورا نتيجن جي ذميواري  هن تي هوندي .بهرحال چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ به اها صورتحال پيدا ٿيڻ واري آهي، ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي جو هن ڀيري  نئين جڙندڙ اتحادسان ٿيڻ وارو آهي ۽ هاڻ سنڌين کي پنهنجي قست جو فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويوآهي ته اهي سنڌ مان جبري گمشدگين، پاڻي جي کوٽ، ڌارين جي لوڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تان قبضو ختم ڪرائڻ چاهي ٿي ته ساڳي ريت مورثي سياست جو ڏئي سنڌ کي تباهه ٿي ڪري. بهرحال  اميدوارن پاران جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل به منظر عام تي اچي رهيا آهن، جن کي ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته عوام انهن اميدوارن وٽ ان کان وڌيڪ ملڪيت جي اميد ڪري رهيو هو  پر لڳي ٿو سياستدان پنهنجي ملڪيت جا انگ اکر گهٽ ٻڌايا آهن.
جئين ته چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياستدانن  تي پنهنجي ۽ پنهنجي گهروارن جي اثاثن  جا تفصيل  جمع ڪرائڻ جي پابندي  کانپوءِ  سياستدانن جا اثاثا سامهون اچي رهيا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جا اثاثا به منظر عام تي اچي ويا آهن، دستاويزن ۾ظاهر ڪي ويو آهي ته خورشيد شاهه جا مجموعي اثاثا 3 ڪروڙ 59 لک، 15 هزار 359 ارب رپين جا آهن، وٽس ريجنٽ جي علائقي ۾ 3 لک 10 هزار رپين جو گهر آهي، جڏهن ته هو ميمڻ سوسائٽي ۾ ٽن لک رپين جي پلاٽ جو مالڪ به آهي.   سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جي مد ۾ 21 ڪروڙ 39 لک 18 هزار 499 رپيه ظاهر ڪيا آهن. مراد علي شاهه ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپين جي بنگالي جو مالڪ آهي، جڏهن ته هن اثاثن ۾ مختلف هنڌن تي 51 ايڪڙ زمين به ظاهر ڪئي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. عمران خان جي آمدني جو ذريعو، زراعت، پگهار ۽ بينڪ جو منافعو ظاهر ڪيو ويو آهي . دستاويزن موجب عمران خان 168 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ آهي،
جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا، دستاويزن موجب مولانا فضل الرحمان طرفان ظاهر ڪيل اثاثن ۾ سندس بينڪ بيلنس 20 لک رپيا ڄاڻايو ويو آهي، هن وٽ ساڍن 9 لک رپين جا زيور، 15 لک رپين جي ماليت جو پلاٽ آهي، اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل دستاويزن موجب، ڪئپٽن صفدر جي راجن پور ۾ 2922 ڪينال ايراضي ۽ مانسهره ۾ 172 ڪينال ايراضي جو مالڪ آهي، جڏهن ته مانسهره ئي ۾ سندس پٽ جنيد جي نالي تي 16 ڪينال جي ملڪيت آهي.اڳوڻي ي بچاءُ واري وزير خرم دستگير جا اثاثا به منظر عام تي اچي ويا آهن، دستاويزن موجب، خرم دستگير هڪ ڪروڙ 28 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي.خرم دستگير وٽ هڪ ڪار ۽ 200 گرام سون جو به مالڪ آهي.عابد شير علي جا به اثاثا منظر عام تي اچي ويا آهن، عابد شير علي پنهنجي اثاثن جي ماليت 9 ڪروڙ 4 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي، سندس اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 45 لک رپيا آهن.  سندس گهرواري بينڪ اڪائونٽ بيلنس سميت 2 ڪروڙ 30 لک 54 هزار جي مالڪ آهي.
مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي اثاثن جي ماليت 15 ڪروڙ رپيه ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سندس بئنڪ اڪائونٽس ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 14 لک رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ 43 لک 70 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته هو 155 ڪنال ايراضي جو مالڪ آهي، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ٻن سالن جا اثاثا به سامهون اچي ويا آهن، نصرت شهباز مڙس کان به وڌيڪ امير نڪتي.  دستاويزن موجب نصرت شهباز جي ڪل اثاثن جي ماليت 22 ڪروڙ رپيا آهي، شهباز شريف جي ٻئي گهر واري تهمينه دراني رڳو 57 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، سندس گوادر ۾ 4 ڪنال جو پلاٽ، 5 لک ماليت جي گاڏي، 5 لک رپين جو بئنڪ بيلنس آهي ۽ 15 لک رپين جا زيوار آهن.
تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر عليم خان جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب سندس اثاثن جي ماليت 91 ڪروڙ 82 لک کان وڌيڪ آهي جڏهن ته هو هڪ ارب رپين جو قرضي آهي سنڌ جي اڳوڻي بلديات واري وزير ڄام خان شوري 5 ڪروڙ 63 لک 3 هزار 566  رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن . ڄام خان شوري 262 ايڪڙ زمين  جو مالڪ آهي جنهن جي ماليت 37 لک  50 هزار آهي  ۽ سندس  گهرواري  جي نالي  15 لک رپين جي زمين آهي پر ڄام خان شوري وٽ  هڪ سائيڪل به ناهي .   پي ايس 62 تي ڄام خان شوري جو ننڍو ڀاءُ ڪاشف شورو  چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، سندس اثاثا29 ڪروڙ جا آهن  جيڪي گذريل  سال 30 ڪروڙ  کان وڌيڪ هيا .  پي ايس 59 تي  مٽيار جو اميدوار مخدوم جميل الزمان 16 ڪروڙ  کان وڌيڪ  اثاثا ظاهر ڪيا آهن .  مخدوم رفيق الزمان 30 لک  رپين جون ٽي گاڏيون  ظاهر ڪيون آهن . سندس پرڏيهي اڪائونٽ ۾ 1 لک پائونڊ پيل آهن
بهرحال اهي اثاثن جا تفصيل ڪيترا صحيح ۽ ڪيترا غلط آهن، اهو ته وقت ئي ٻڌائندو پر تمام جلد اهي سمورا سياستدان جن به  پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا آهن ۽ قرض ورتا آهن ۽ قرض معاف ڪرايا آهن، تمام جلد قانون جي پڪڙ ۾ اچي رهيا  آهن، جن سياستدانن تمام جلد ترقي ڪئي ۽ سندن بينڪ اڪائونٽس جلد ڀرجي ويا، انهن جو به احتساب ٿيندو، جن پنهنجي ملڪيت ظاهر ڪئي انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ته جن سياستدان پنهنجي ملڪيت جا تفصيل ظاهر ناهي ڪئي اهي به ڪارروائي کان بچي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ ۾ پرڏيهه ۾ رکيل پاڪستانين جي ملڪيتن جو ڪيس به هلي رهيو آهي ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته جن وٽ ٻٽي شهريت هوندي انهن جا انهن ملڪن ۾ بينڪ اڪائونٽ به هوندا ۽ اها پئسا ڏيهه کڻي اچڻ لاءِ ڪو به وڏو فيصلو اچي سگهي ٿو. مطلب ته هي اليڪشن سياستدانن لاءِ تمام گهڻي ڏکئي ثابت ٿيندي، جنهن کان بچڻ هاڻ شايد ممڪن نه آهي. هونئن ته به اليڪشن ڪميشن چئي چڪي آهي ته 2013 ع جي ڀيٽ هن ڀيري چونڊن ۾ حصو وٺڻندڙ اميدوارن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. 

No comments:

Post a Comment