صاحب خان ڀٽي
تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کانپوءِ اين آر او
۽ 18هين ترميم جو ذڪر تمام گهڻو ٿيڻ لڳو آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾
چيو هو ته ڪن کولي ٻڌي ڇڏئو، اين آر نه ملندو، ان کان پوءِ ملڪ ۾ هڪ وڏو ٿرٿلو مچي
ويو هو، هر طرف سياستدان اهو اشارو پاڻ ڏي سمجهي رهيا هئا، نواز ليگ اڳواڻ
پنهنجو دفاع ڪري رهيا هئا ته پيپلزپارٽي وارا وري پنهنجو موقف ميڊيا تي ڏئي رهيا
هئا، جڏهن اپوزيشن طرفان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان واضح ڇو
نه ٿو ٻڌائي ته آخر کائنس ڪنهن اين آر او گهريو آهي، جنهن جي رد عمل سڌ
سماءَ واري وفاقي وزير چيو هو ته هو ته اين آر او جي ڳالهه ئي نه پيا ڪن،
هن اهو به چيو هو ته هو رڳو اهو ئي چئي رهيا آهن ته نه رئو پر هي سمجهن ٿا
اين آر او.
بهرحال تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فواد چوڌري
ڪجهه به چئي پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته وزيراعظم عمران خان اين آر
جو ڳالهه ڪئي هئي پر اهو اشارو تحريڪ انصاف ڏانهن هو يا وري پيپلزپارٽي ڏي،
اها اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي، ڪجهه سياستدان چئي رهيا آهن ته اهي سڀ
ڪجهه حربا 18هين ترميم ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن، جئين ته ملڪ ۾ پيپلزپارٽي
۽ نواز ليگ جي اڳواڻن تي ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن ۽ انهن کي عدالتن ۾ پيش
پئجي رهيو آهي، نوازشريف ته جيل جي ٻيو چڪر ڪٽنب سميت ياترا ڪري آيو
آهي پر هاڻ وارو ڪنهن جو آهي؟ ان بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ڇاڪاڻ ته
پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين چئي چڪو آهي ته هو حڪومت کي ڪيرائڻ نه ٿا چاهين ۽ نه ئي
وري حڪومت خلاف ڪنهن سازش ۾ شامل ٿيندا،.
پيپلزپارتي ته پنهنجو موقف صاف ظاهر ڪري چڪي
آهي ته هو حڪومت سان گڏ آهي، ايتري قدر جو بلاول به قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران
عمران خان کي چيو هو ته اوهان قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون پر جيڪڏهن ڏٺو
وڃي ته اهڙن بيانن باوجود تحريڪ انصاف جي رويي ۾ ڪا به نرمي نه آئي آهي، اهو ئي
سبب آهي جو تحريڪ انصاف جو اڳواڻ فواد چوڌري پيپلزپارٽي سميت ٻين جماعتن تي ڪاوڙيل
نظر ايندو آهي، ايتري قدر جو هر هڪ خلاف ڳالهائيندو رهيو آهي، جئين ته هاڻ
هڪ ڀيرو ٻيهر مني لانڊرنگ واري معاملي جي جاچ وڌائي وئي آهي ته ان وقت اڳوڻي صدر
آصف علي زرداري نوازشريف سان واسطو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪا به خاص خاطري نه
ملي سگهي آهي، ان سان گڏوگڏ ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ڪنهن اهم شخصيت جي
گرفتاريون جون ڳالهيون هلڻ شروع ٿي ويون آهن، هاڻ خبر نه آهي ته اها ڪهڙي شخصيت
آهي، پر ميڊيا تي جيڪي خبرون نشر ٿي رهيون آهن، انهن موجب اهو ئي آهي ته مني
لانڊرنگ ڪيس ۾ تمام جلد اهم اڳڀرائي ٿيڻ واري آهي، ڪنهن اهم شخص جي گرفتاري جو به
امڪان آهي.
هاڻ اسان اهو ئي انتظار ڪري رهيا آهيون ته
آخر اها وڏي شخصيت آهي، ڪهڙي؟ جيڪا مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهي آهي، هڪ طرف نواز
شريف ۽آصف علي زرداري وچ ۾ تمام گهڻيون دوريون ٿي ويون آهن ته ٻئي طرف وري پيپلزپارٽي
کي به ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اومني گروپ کي
به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عبدالمجيد غني کي به اڊيالا جيل ۾ منتقل ٿيڻ جو اعليٰ
عدالت طرفان اشارو ڏنو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته سنڌ جي شگر ملز جو رڪارڊ به هٿ ڪيو
ويو آهي ۽ نمر مجيد کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.
ايتري قدر جو مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم
بچي نه سگهي آهي، هاڻ ڏسون ٿا ته آخر وارو ڪنهن جو آهي؟ جيئن ته هاڻ اڳوڻو
وزيراعظم نوازشريف ضمانت تي آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بابت اپيل تي
ٻڌڻي به سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهي آهي ته نوازشريف جي ضمانت رد ڪرڻ جو امڪان به
ظاهر ڪيو پيو وڃي، پر هن وقت تائين اهو فيصلو ناهي ٿي سگهيو ، ڇاڪاڻ ته عدالت رڳو
نيب جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار
رکيو آهي ۽ ضمانت کي معطل نه ڪيو آهي پر نوازشريف جي خاموشي مان لڳي رهيو آهي ته
نوازشريف ڪجهه اهم قدم کڻڻ طرف وڃي رهيو آهي، جنهن سبب ميڊيا تي تمام گهڻو
نظر ايندڙ مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر اڄ ڪلهه پردي پٺيان لڪيل آهن ۽
ميڊيا تي نظر نه اچي رهيا آهن، انهن سڀني جي خاموشي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا
آهن.
جيئن ته هاڻ شريف ڪٽنب ۽ نواز ليگ جا ميمبر
خاموش ٿيا آهن ته مٿان وري پيپلزپارٽي جا اڳواڻ بيان ڏيڻ شروع ٿي ويا
آهن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، جو آصف علي زرداري جي
حمايت ۾ پيپلزپارٽي جا ميمبر ميدان تي لٿل آهن، سڌ سماءَ واري وفاقي
وزير فواد چوڌري آصف علي زرداري کي وڪيلن سان مشورو ڪرڻ جي صلاح به
ڏني هئي، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پيپلزپارٽي
جي اڳواڻن خلاف به نواز ليگ جي اڳواڻن جيان ڪارروايون ڪيون وينديون، هونئن
ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرد صفدر به روز ميڊيا تي
نظر ايندو هو پر هاڻ لڳي ٿو سندن حوصلا ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ اهي حڪومت جي ٽڪراءُ
۾ نه ٿا اچڻ چاهين.
جيتوڻيڪ نواز ليگ پيپلزپارٽي کان تمام گهڻو
پري ٿي وئي آهي، جيئن چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ وقت پيپلزپارٽي نواز ليگ جي
اميدوارن جي حمايت ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي هئي، هاڻ جيئن ته وقت تبديل
ٿي چڪو آهي ۽ نواز ليگ جي حڪومت به نه رهي آهي ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت هلي رهي
آهي، ان وقت مهانگائي به چوٽ چڙهي رهي آهي ۽ غريبن لاءِ کاڌي پيتي جون شيون به
تمام گهڻيون مهانگيون ڪيون ويون آهن ته ان وقت عام شهري ڪا به شئي خريد ڪرڻ جي
سگهه نه ٿو رکي،جيڪڏهن هن حڪومت ۾ عوام کي رليف فراهم ٿئي ها ته اڄ به تبديلي
جا نعرا روڊن تي گونجن ها ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف ايترو جلد ڌرڻانه لڳن ها ۽
نه ئي وري فتوائون جاري ٿين ها. بهرحال هي وقت حڪومت پاران اپوزيشن سان
ٽڪراءُ جو نه آهي پر هي وقت ڏکين حالتن مان ٻاهر نڪرڻ جو آهي، جيڪڏهن هن وقت
حڪمرانن موجوده صورتحال تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ته پوءِ هن ملڪ جي معشيت ته
تباهه ٿي ويندي ۽ هي ملڪ وڌيڪ قرضن ۾ ٻڏي ويندو.
بهرحال هاڻ جيڪي سنڌ جي اهم شخصيت جي
گرفتاري جو راڳ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، ان مان هڪ ڳالهه ته صاف
ظاهر ٿي وئي آهي ته حڪمران عوام جو لٽيل پيسو آڻڻ لاءِ هرممڪن قدم کڻندا، اهو
پيسو رڳو ٻن پارٽين جي اڳواڻن خلاف ڪارروائي ڪري وصول ڪيو ويندو، باقي رهي
اتحادين جي ته جيڪڏهن انهن ۾ ڪو مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث هوندو به ته ان خلاف
ڪارروائي ناممڪن لڳي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت کي احتساب ڪرڻو آهي ته پوءِ سڀني جو
احتساب ٿيڻ گهرجي، رڳو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ حڪومت ڪرپشن نه ٿي
هوندي، ٻين حڪومتن ۾ ڪرپشن ٿي هوندي هئي ۽ سٺو احتساب تڏهن ئي ٿيندو، جڏهن سمورن
ادارن ۾ ويٺل ڪرپٽ عنصرن کي وائکوڪيو وڃي، جيڪي نيڪ عمل واري چادر ويڙهي پاڻ کي
صادق ۽ امين سڏائي وڏن عهدن تي ويٺل آهن، جيڪڏهن هن وقت ڪرپشن ڪندڙن خلاف
ڪارروائي نه ٿي ته پوءِ ماڻهو نوازشريف خلاف ٿيل ڪاررواين کي انتقام
ڪوٺيندا، جنهن جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته جلد کان جلد هر حڪومتي دور ۾ ٿيل
ڪرپشن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪري پوءِ ڀلي اهو آمريتي دور هجي يا وري جمهوري دور ڇو نه
هجي، جيڪڏهن سڀني جو احتساب نه ٿيو ته پوءِ هن ملڪ ۾ انصاف ملڻ تمام گهڻو
ڏکيو ٿي ويندو.
03213631398
sahibalisindhi@gmail.com
No comments:
Post a Comment