Pages

Thursday, 15 October 2020

جمهوري دور ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون

صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي تماشو شروع ٿي ويو آهي، ڪجهه پارٽين حقيقي جمهوريت کي آڻڻ لاءِ جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم عمران خان به پنهنجو پاڻ کي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو آهي، حڪومت پاران چيو پيو وڃي ته ملڪ ۾ ڪورونا پکڙجڻ جو خطرو آهي، سياسي جماعتن کي عوامي سگهه ڏيکارڻ کان پاسو ڪرڻو گهرجي، ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ماڻهو گڏجڻ سان وائرس تيزي سان پکڙجي سگهجي ٿو، اڳڪٿيون ڪندڙ ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد به دهشتگردي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سندس اڳڪٿي  ثابت ٿيندي نظر اچي پئي، تازو ئي ڪراچي ۾ مولانا عادل کي شهيد ڪيو ويو آهي، مذهبي ڌرين سان گڏ سياسي پارٽيون به روڊن  اچي ويون آهن ۽ ملڪ جو عوام مهانگائي کي ڪيئن منهن ڏيجي؟ جي حوالي سان سوچ ويچار ڪري رهيو آهي، عوام کي نه ته حقيقي جمهوريت جي فڪر آهي ۽ نه ئي وري هٿرادو جمهوريت جي، عوام رڳو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ لڳو پيو آهي، ڇاڪاڻ ته موجود حڪومت عوام تي ايترا ته ٽيڪس لڳائي ڇڏيا آهن جو انهن کي پنهنجا حق ئي وسري ويا آهن ته هڪ جمهوري حڪومت ۾ عوام کي ڪهڙا حق مليل هوندا آهن،  بجلي ۽ گئس جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن پر  ان باوجود ملڪ جي عوام کي نه ته گئس ملي ٿي ۽ نه بجلي فراهم ڪئي وڃي ٿي پر بل ساڳيا اچي رهيا آهن، لڳي ايئن  رهيو آهي ته ملڪ اندر قانون  نالي ڪا شيءَ ناهي، هر طرف ڏاڍ ۽ جبر وارو سلسلو جاري آهي، جيڪو به جنهن اداري ۾ ڏاڍو آهي، ان پنهنجي وس آهر ڪرپشن جاري رکي آهي، جيڪڏهن ڪو غلطي سان قانون جي پڪڙجي پئي ته سيد ۽ شاهه جي ڪري ڇڏائجي وڃي ٿو يا وري پلي بارگنگ ڪري ڪجهه پئسا ڏئي پاڪ ۽ صاف ٿيو وڃي، باقي ڪنهن غريب تي ٻڪري چوري ڪري ته ان لاءِ تمام خطرناڪ سزا هوندي، سالن جا سالن کيس جيل ڀوڳڻي پوندي پر امير چورن لاءِ قانون ئي اميرن جا آهن، جيئن ته  موجوده حڪومت به ڪرپشن جي خاتمي جي نعاري سان آئي ۽ عمران خان ايندي چور حڪمرانن کي جيل ۾ وڌو، ايتري قدر جو نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو هو ته اسان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪا ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن آصف زرداري کي ڪنهن هٿ وڌو ويو ته حالتون تمام خراب ٿي وينديون، پوءِ  اسان ڏٺو سين ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي ڀيڻ فريال ٽالپر سان گڏ جيل جو منهن ڏسڻو پيو، نوازشريف به پنهنجي ڌيءُ سان گڏ جيل ۾ قيد رهيو، ايتري قدر جو خورشيد شاهه سميت ڪجهه ٻيا به اپوزيشن اڳواڻ جيل ويا ۽ عدالتن مان ضمانتن تي ٻاهر نڪري آيا پر  هن ڀيري حالتون ٿورو تبديل نظر اچي رهيون آهن، اڳ ۾ اسلام آباد ۾ عمران خان ڌرڻو هڻندو هو پر هاڻ غريب ماڻهو،  سرڪاري ملازم ۽ ظلم جا سٽيل ماڻهو هڻي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن کان اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازم به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، ايئن سنڌين سان به ٿي رهيو آهي.

سنڌ جا ٻيٽ صدارتي آرڊيننس ذريعي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، صدر عارف علوي به پنهنجا ديرا اسلام آباد ۾ ڄمائي ڇڏيا آهن، گورنر سنڌ به ٻيٽ کپائڻ واري عمل کان پوءِ سنڌ مان ايئن گم ٿي ويو آهي، جيئن چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ کانپوءِ غائب ٿي ويندا آهن، ڪروڙين سنڌي ڀرپور احتجاج ڪري رهيا آهن پر نام نهاد قومي ميڊيا ڪروڙين سنڌين جو آواز دٻايو ويٺي آهي، سنڌي ميڊيا ئي سڄي دنيا ۾ سنڌين سان ٿيندڙ بدترين ظلم کي دنيا آڏو وائکو ڪري رهي آهي، افسوس سان چوڻو ٿوپئي، جيڪي خانگي ٽي وي چينلز جون آفيسون سنڌ ۾ آهن ۽ سنڌ جي سرڪاري اشتهارن تي پلجي رهيا آهن، اهي ئي سنڌي قوم جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر هيل تائين قومپرستن پاران اهڙي ڪڌي سازش خلاف آواز ناهي اٿاريو ويو، سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل يا وري ڌارين  کي سرڪاري نوڪيون ڏيڻ وارا معاملا هجن، قومي ميڊيا سنڌين جي اهڙين سازشن تي ٿيل احتجاج کي نظر انداز ڪيو آهي.

بهرحال هن ڀيري سنڌين کي هڪ ئي ڌڪ سان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا حڪمران ملوث رهيا آهن، شروعات ۾ سنڌي قوم کي ٻڌايو ويو ته ٻيٽن تي وڏا شهر آباد ٿيڻ سان سنڌ ۾ ترقي ٿيندي، پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي عوام کي نوڪريون به ملنديون، هي اهي حڪمران آهن، جن سنڌ جي سرڪاري نوڪرين ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪري سنڌي نوجوانن جو مستقبل تباهه ڪيو آهي،  لکين سنڌي نوجوان بيروزگار گهمي رهيا آهن، جن کي  اسان ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندا آهيون، اهي ئي حڪمران سنڌي نوجوانن سان ويساهه گهاتي ڪري سرڪاري نوڪرين ڌارين کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن، ڪجهه ته وري عياشي طور مشهور آهن، جن جا نالا کڻڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، هن وقت سنڌ جو اهو شهر ناهي بچيو،  جتي سرڪاري نوڪرين ۾ ڪو غير سنڌي ڀرتي ٿيل نه هجي، جيڪڏهن سنڌ جي حڪمرانن کي ان بابت پڇيو ويندو آهي ته  جن کي پاڻ کي ڳالهائڻ ناهي ايندو، اهي سياستدان به چوندا آهن ته سنڌي نوجوانن ۾ اهليت نه آهي، جنهن سبب انهن کي رکڻو پيو آهي يا وري چيو ويندو آهي ته انهن جي تعليم گهٽ آهي، ڀلا انهن کان اهو ڪير پڇندو ته سنڌي قوم بک ۽ بدحالي باجود پنهنجي ٻچن کي پڙهائي ڊگريون وٺرائي ڏئي ٿي، جڏهن انهن کي نوڪريون ناهن ملنديون ته انهن  تي ڇا گذرندو هوندو؟ شايد اسان جي ڪرپٽ حڪمرانن کي ان ڳالهه جو احساس نه هوندو، اڳ ۾وڏيرو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي پنهنجو غلام سمجهندو هو، اڄ هڪ ايم پي اي ۽ ايم اين اي پنهنجي تڪ جي ماڻهو کي پنهنجو غلام سمجهي ٿو، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته هڪ سياسي اڳواڻ کي اهڙي جرئت ڪٿان اچي ها ته  عوام جو آواز ايوانن تائين پهچائيندڙ صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انهن کي حراسان ڪري ها، سکر کان ويندي لاڙڪاڻي تائين ڪيترائي صحافين اهڙن سياستدانن جي هٿان حراسان ٿيندا پيا اچن، ڪهڙن ڪهڙن جو نالو کڻجي.

جيئن ته هڪ سازش تحت سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ اسان جا حڪمران  راڳ الاپي رهيا آهن ته ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون جهڙيون رٿائون سنڌين جو مقدر بدلائي ڇڏينديون، هاڻ انهيءَ ڳالهه ۾ حقيقت آهي يا نه ؟ سنڌي قوم چڱي ريت ڄاڻي ٿي پر سنڌ جو غريب عوام ڇا ڪري؟ پنهنجو پيٽ پالي يا  جن کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو انهن جي سازشن کي ناڪام بڻائي روڊن تي اچي؟ سنڌ ۾ اٽو مهانگو، کنڊ مهانگي، دوائون مهانگيون، بيروزگاري ۽ بک بدحالي  آهي، غريب ماڻهو لاڪ ڊائون جي سٽ ئي نه سهي سگهيو ته مٿان وري وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري سنڌين کي اقليتن کي تبديل ڪرڻ واري عالمي سازش کي مڪمل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ڪابينا جو اجلاس سڏرائي وفاق سان ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس وٺڻ تائين ڳالهيون نه ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي جي سرڪار شروع ٻيٽن تي قبضي جي منظوري لاءِ اين او سي جاري ڪئي، جنهن کانپوءِ ميڊيا ذريعي واپس وٺڻ جو اعلان به ڪيو پر ان باوجود انهن ٻيٽن تي اڏاوتي ڪم زور ۽ شور سان جاري آهي، هڪ وڏي عمارت به نظر اچڻ لڳي آهي، پيپلزپارٽي جون دانهون ته اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته ٻيٽن تي قبضو ٿيڻ نه ڏينداسين پر عملي قدم کڄندي نظر نه پيو اچي، ٻڌڻ ۾آيوآهي ته بلوچستان  ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي پر ڇا پيپلزپارٽي کي پهرين سنڌ اسيمبلي مان  ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءَ جمع نه ڪرائڻ گهرجي ها؟ هي اها سنڌ اسيمبلي آهي، جنهن سڀ کان پهرين پاڪستان کي ٺاهڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جيڪڏهن هي سنڌ اسيمبلي پاڪستان کي بڻائي سگهي ٿي ته پوءِ ڇا سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي کي ختم نه ٿي ڪرائي سگهي؟

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا بيان سڄي سنڌي قوم کي تمام گهڻو پسند آهن پر  سندس ئي حڪومت وفاق کي ٻيٽن تي قبضي جي اين او سي جاري ڪئي آهي،آخر اها ڪهڙي پاليسي آهي، لکت ۾ ته اوهان جي حڪومت وفاق سان گڏ آهي ۽ لفظي طور سنڌي قوم سان ساٿ ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو پيو وڃي؟ پيپلزپارٽي کان ويندي سمورين سنڌ جي سياسي جماعتن کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته وقت سياست جو نه آهي ۽ نه ئي وري هڪٻئي جي طاقت ڏيکارڻ جو آهي ته ڪهڙي پارٽي ڪيترا شهر بند ڪرائي سگهي ٿي ۽ جلسا ڪري ڪيترا ماڻهو گڏ ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ کان بچائڻو آهي ته پوءِ پيپلزپارٽي کان ويندي سمورين قومپرست ڌرين کي گڏجي وفاق جو بائيڪاٽ ڪرڻو پوندو ۽ سنڌين مان افغانين ۽ پرڏيهين جي نيڪالي ۽ ٻيٽن تي ٿيل قبضي جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ تباهي جو اسان جو مقدر بڻجي ويندي ۽ ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿي سنڌين سان اهو ظلم ڪندا، جيئن فلسطين ۾ اسرائيل ڪيو آهي،  شايد ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. حڪمران جماعت ته سنڌي قوم کي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪريون به ڏياري سگهي پر  ان باوجود سنڌي قوم خاموش آهي جيڪڏهن ڌاريا آباد ٿيا ته  پڪ سان چئي سگهان ٿو ته جيئن ڪراچي جي ڪجهه علائقن مان حڪمران جماعت کي هڪ ووٽ به ناهي ملندو، ايئن سڄي سنڌ مان نه ملندو، جيڪڏهن سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا ته حڪمران جيڪي سنڌي قوم جي نالي تي عياشيون ڪري رهيا آهن، اهي سندن بند ٿي وينديون. اڃا به وقت ناهي ويو، حڪمرانن کي سنڌ جي ٻيٽن ۽ لکين بيروزگار سنڌي نوجوانن کي سرڪاري ڏئي ته جيڪي به احساسي محروميون پيدا ٿي رهيون آهن اهي ختم ٿي سگهن ۽ قوم کي ٻڌايو وڃي ته اهي ڪهڙيون سگهاريون ڌريون آهن،  جن جي اشاري تي سنڌ جي ادارن ۾ ٻين صوبن جي عورتن ۽ مردن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، آخر سنڌين سان ايتريون ويساهه گهاتيون ڪير ڪري رهيو آهي؟ ۽ ڇو ڪري رهيو آهي؟

No comments:

Post a Comment