صاحب خان ڀٽي
ملڪ
جي عوام کي تبديلي ڏسڻ جو وڏو شو ق هو، جيڪو هاڻ پورو ٿيندي نظر
اچي رهيو آهي، 1947ع کان ملڪ ۾ حقيقي تبديلي جي خواهشمندن جو خواب ان وقت ساڀيا ٿيندي نظر آيو جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جمهوريتي دور
آيو، پيپلزپارٽي کانپوءِ نواز ليگ اقتدار جون واڳون سنڀاليون ان وقت ملڪ جي معيشت مضبوط ٿي رهي هئي، ملڪ مان انتهاپسندي گهٽجي رهي هئي، ڪراچي
۾ دهشتگردن جو خوف ختم ٿي رهيو هو، دنيا ۾ پاڪستان ترقي ڪندي نظر اچي رهيو هو، ملڪ ۾ دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿيڻ کانپوءِ
پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ اندر سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيا هئا، روڊن جو ڄار وڇائجي رهيو هو،
پلون تعمير ٿي رهيون هيون، بهترين روڊ رستا ٺهي رهيا هئا، خاص طور تي پنجاب ۾
ميٽرو بس سروس به شروع ڪئي وئي، ان وقت اسان کي تبديلي جو نعارو ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ملڪ
جي عوام کي وڏا وڏا جلسا ڪري ٻڌايو ويو ته ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي، ماڻهو بيروزگار
ٿي رهيا آهن، کنڊ جيڪا اوهان 40 روپيا في ڪلو خريد ڪري رهيا آهيو، اها مهانگي آهي،
نوازشريف جي ڪري ڊالر 95 تائين پهچي ويو آهي، اڃا به ڊالر جو اگهه وڌندو، اسان کي
اهو به ٻڌايو ويو ته جڏهن به ڊالر جو اگهه وڌندو آهي، تڏهن ملڪ جو قرض ٻيڻو ٿي ويندو آهي، مهانگائي وڌي ويندي آهي، اسان کي اهو به ٻڌايو
ويو ته سون جيڪو 42 هزار ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، اهو به نوازشريف جي ڪري ئي
مهانگو ٿي ويو آهي، 55 روپين ۾ في ليٽر پيٽرول غريب ماڻهو خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، پر
حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، جيڪا دوا 100 روپيا ملي رهي آهي، اها به
عوام دشمني آهي، عمرو به 72 هزار تائين پهچي ويو آهي، حج به اڍائي لک روپين کان وڌيڪ ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن
اسان هن حڪومت خلاف آواز نه اٿاريو ۽ انهن کي گهر ڀيڙو نه ڪيو ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي
ويندو، غريب ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي نوازشريف ۽ آصف زرداري چور چور جا بيان ٻڌڻ ۾
اچڻ لڳا، هر طرف ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين جي اڳواڻن کي چور چور جا نعرا هنيا ويا، ايتري قدر جو اسان جي ٻارڙن به گهرن ۾ ويهي ٽي وي تي سياستدانن کي چور چور چوڻ وارا اشتهار به ڏٺا، اهو تصور هر هڪ جي ذهن تي تاري ٿي آيو ته واقعي نوازشريف ۽ آصف
علي زرداري ڪرپشن ڪئي آهي، جنهن سبب سندن خلاف ڪيس ظاهر ٿي
رهيا آهن، پيٽرول 55 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، وڏي مهانگائي ٿي وئي آهي، فيڪٽريون
به کليل آهن پر اجورو سهي نه پيو ملي، جيڪڏهن ملڪ ۾ تبديلي اچي ويندي ته سڀ
ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هي خوبصورت روڊ رستا اسان جي ڪهڙي ڪم جا، اسان کي
ته تبديلي کپي، اسان کي ته نئون پاڪستان کپي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان وڏن وڏن
جلسن ۾ چيو ته هو ڪڏهن به آءِ ايم ايف اڳيان هٿ نه جهليندو ۽ ڪنهن به ملڪ کان قرض نه وٺنداسين پر اقتدار
حاصل ڪرڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ماضي جي قرضن جا رڪار ڊ ٽوڙي ڇڏيا، جيڪو به قرض ورتو ويو خبر ناهي
ڪيڏانهن ويو ۽ نه ئي ڪنهن کي ان بابت پڇڻ جي اجازت آهي.
اڄ
ڊالر جو اگهه 160 کان وڌي ويو آهي، سون به هڪ لک کان
وڌي ويو آهي، کنڊ جيڪا اسان 40 روپين ۾ خريد ڪندا هئاسين اڄ 90 کان وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي
رهي آهي، پيٽرول جو اگهه به سئو کان وڌي ويو آهي، حج ۽ عمرو به مهانگو ٿي ويو آهي، اسان
جا حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ ۾ ترقي جي دڳ تي هلي رهيو آهي، ماڻهو بيروزگار ٿي
رهيا آهن، صنعتون بند ٿي رهيون آهن، سيڙپڪار الائي ڪيڏانهن هليا ويا پر ان باوجود
ميڊيا توڙي پرنٽ ميڊيا تي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان
جو ذميوار ماضي جون حڪومتون آهن، جيڪڏهن اهي ڪرپشن نه ڪن ها ته اڄ اهڙيون حالتون
نه هجن ها، سوشل ميڊيا به تي به غريب ماڻهن جون دانهون ٻڌڻ ۾ اچي
رهيون آهن ته اهڙي دور اسان ڪڏهن نه ڏٺو، نه ڪڏهن ٻڌو آهي، تحريڪ انصاف ته ملڪ جي عوام سان واعدو ڪيو هو
ته هو گهر ۽ نوڪريون ڏيندا پر سڀ ڪجهه الٽو ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ غريب ماڻهن جا گهر
ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، جيڪي روزگار سان لڳل آهن، انهن کي بيروزگار ڪيو
پيو وڃي، ماضي ۾ جي حڪومت کي چور چوندڙ جي حڪومت ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي،
گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي حڪومتي دورن ۾ ماڻهن جا گهر ته
ڪو نه ڊاٿيا ويندا هئا ۽ نه ئي انهن کي بيروزگار ڪيو ويندو هو، هن حڪومت ته سمورا
ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪو به ادارو پنهنجي پيرن تي بيٺل نظر نه اچي رهيو آهي، رڳو
هڪ اداري کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ سنڌ جون زميون ٻين ملڪن کي
وڪرو ڪيون پيون وڃن، ڇا اهڙي عمل سان ملڪ ترقي ڪندو يا وري ملڪ اندر نفرتون
وڌنديون.
بهرحال
هن وقت عوام تبديلي مان بلڪل بيزار اچي چڪو آهي، سڀ ڪجهه سمجهي رهيو آهي ته چور
ڪير آهي؟ دوائون مهانگيون ڪيون ويون آهن، بجلي ۽ گئس جا
اگهه وڌايا ويا آهن ان باوجود سنڌ ۾ نه ته بجلي آهي ۽ نه ئي گئس جي ڪا بهتر
سهولت آهي، سڄي ملڪ کي پاليندڙ سنڌ صوبو بدحالي جو شڪار ٿي ويو آهي، ڪوئلو، تيل ۽ گئس
ڏيندڙ سنڌ جا ماڻهو گئس جي سهولت کان به محروم آهن، هوڏانهن سوئي سدرن گئس
ڪمپني (ايس ايس جي سي) 15 آڪٽوبر کان سڀني سي اين جي پمپن کي گئس جي فراهمي بند
ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 15 آڪٽوبر کان رڳو ايل اين جي
ملندي، سوئي سدرن اختيارين چيو آهي ته مقامي گئس تي ڪيتريون ئي سي اين جي اسٽيشنز
4 مهينن کانپوءِ 15 فيبروري کان کولڻ جو منصوبو آهي. رڳو سنڌ جي گئس بند ڪرڻ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، سنڌ
ئي سڄي ملڪ کي گئس فراهم ڪري ان کي ئي گئس کان محروم رکڻ سڀ کان وڏي زيادتي آهي،
اڳ ئي ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين بجلي نه هئڻ برابر آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند
ڪئي وڃي ٿي، مٿان وري عام واهپي جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن، سمجهه ۾ ئي
نه ٿو اچي ته ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪڏهن تعصب وارا بيان ڏئي ملڪ ۾ حالتون خراب ڪرڻ جون ڪوشش ڪري رهيو
آهي ته ڪڏهن وري سنڌ جا وسيلا کپائي غربت سٽيل ماڻهن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيو
آهي، حڪومت کي گهرجي ته فوري طور مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ختم نه ڪري، ڇاڪاڻ ته
ملڪ جي عوام مان سهپ ختم ٿي رهي آهي، رڳو عوام هڪ بهتر ليڊر جي ڳولا ۾ آهن، جڏهن
به ڪو سياسي ليڊر کين مليو ته هن حڪومت خلاف وڏي تحريڪ شروع ٿي سگهي ٿي، باقي رهي
ڳالهه نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ته اهي ٻئي پارٽيون رڳو پنهنجي ڪيسن مان جند آجي ڪرائڻ ۾ لڳيون پيون
آهن، جن هيل تائين غريب عوام جي ڪا خبرچار ناهي لڌي،
رڳو حڪومت جي انتقامي ڪاررواين تي بيان ڏئي رهيون آهن، جيڪڏهن اهي ٻئي پارٽيون
مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي وارو نعرو هڻن ته عوام ساڻن وري هڪ ڀيرو گڏ ٿي ويندو.
No comments:
Post a Comment