Pages

Tuesday, 6 October 2020

بغاوت جا ڪيس ۽ “ جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا”

صاحب خان ڀٽي

6 آڪٽوبر 2016ع  ڌاري ملڪ ۾ هڪ خبر ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو هو، ڊان ليڪس جا هر طرف واويلا هئا، جنهن صحافي اها خبر شايع ڪئي، هو ان ڳالهه تي ثابت قدم رهيو پر ان خبر سان اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جو تختو لڏي ويو،11 آڪٽوبر 2016ع تي سيرل الميڊا جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو ۽ هڪ ڏينهن جي وقفي کانپوءِ 14آڪٽوبر تي عسڪري قيادت پاران ان جي ترديد ڪئي وئي،  اهڙي سخت ردعمل  کانپوءِ 29 آڪٽوبر تي پرويز رشيد کي فارغ ڪيو ويو، پر ان باوجود ملڪ اندر ڪاوڙ جي لهر ختم نه ٿي، 6 آڪٽوبر وار ي ڏينهن  اخبارون ڊان ليڪس معاملي سان ڀريل هيون، ادارا آمهون سامهون ٿيندي نظر اچي رهيا هئا، هر طرف نوازشريف خلاف بيان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا هئا، ايتري قدر جو مٿس ادارن جي توهين جا الزام به لڳندا رهيا، جنهن کان پوءِ سندس حڪومت خلاف ڌرڻن ۾ تيزي آئي پر ان باوجود پيپلزپارٽي نوازشريف جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ۽ چيو ويو ته هو جمهوريت جي ريل کي پٽڙي تي لهڻ نه ڏيندا پر پي ٽي آءِ ثابت قدم رهي ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان مهانگائي ۽ بيروزگاري جا نعرا هڻي نوجوانن جا جلسا ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهيو، گذريل ڏينهن به 6 آڪٽوبر 2020 واري ڏينهن اسان اخبارون کوليوسين ته  اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف ۽ سندس ساٿين خلاف بغاوت ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جا ڪيس داخل ٿيل واريون خبرون پڙهڻ لاءِ مليو ۽ فورن مون کي 6 آڪٽوبر واريون اخباريون ياد اچي ويون، لڳو ته ڊان ليڪس ايترو جلد نوازشريف جو پيڇو نه ڇڏيندي، ان هڪ خبر ئي نوازشريف کي ملڪ مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ميمو گيٽ وارو مامرو اٿيو پر جيئن ته بينظير جي شهادت تي سنڌ جو عوام ڪاوڙيل هو، هر طرف نه کپي کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا، جنهن سبب پيپلزپارٽي خلاف ڪارروائي ڪرڻ طاقتور ڌرين لاءِ ايترو سولو نه هو.

پيپلزپارٽي پاڪستان جي تاريخ جي اها پهرين جماعت آهي، جنهن پاڪستان کپي جو نعرو هڻي پنهنجي جمهوري دور جا پنج سال پورا ڪيا، جنهن دوران  کين وزيراعظم به تبديل ڪرڻا پئجي ويا پر پيپلزپارٽي جمهوريت کي خطري ۾ نه وڌو، پر نوازشريف جي تاريخ ٿورو تبديل آهي، سندس لاءِ مشهور آهي، جڏهن مٿس سخت وقت آيو ته هن ان وقت معاهدو ڪري ملڪ ڇڏڻ  کي ترجيح ڏني پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايئن نه ڪيو، جڏهن هو  صدر هو ته کيس دبئي منتقل ڪيو ويو هو يا هو پنهنجي مرضي سان ويو هو، ان بابت ڪا اصل  پڌرائي جاري ناهي ڪئي وئي پر اهو ضرور ٻڌايو ويو هو ته آصف علي زرداري بيمار آهي جنهن سبب هو دبئي ۾ رهي ٿو، پر آهستي آهستي انهيءَ ڳالهه تان به پردو کڄي ويو هو  ۽ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته مون کي ملڪ نه اچڻ ڏنو ويو ته دما دم مست قلندر ٿيندو،  اهڙي بيان کانپوءِ  اسان آصف زرداري کي ٻيهر ملڪ اندر ايندي ڏٺو. آصف علي زرداري جي جمهوري دور ۾ نوازشريف ۽ ايم  ڪيو ايم جا احتجاج ٿيندا رهيا پر هن مفاهمت واري پاليسي اپنائي ۽ پنهنجي اقتدار جو مدو پورو ڪيو ۽ هڪ جمهوري حڪومت ٻي چونڊجي آيل پارٽي حوالي ڪئي، جنهن جي اچڻ سان ملڪ ۾ ترقي ٿي ۽ امن امان جي صورتحال به بحال ٿي پر ڊان ليڪس سندس ڪيل محنتن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، کيس ڌيءُ سميت جيل به ڏسڻي پئي، ايئن آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر کي به گرفتار ڪيو ويو، پر نوازشريف علاج جي حوالي سان ٻاهر هليو ويو پر آصف علي زرداري پنهنجو علاج ملڪ اندر ئي ڪارائڻ کي ترجيح ڏني.

اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي پرڏيهه وڃڻ کانپوءِ نوازليگ جا ڪارڪن ڇڙ وڇڙ ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز تي به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، اليڪشن دوران ته  ڪجهه نواز ليگ اڳواڻن سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيا ته کين ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته نواز ليگ کي ڇڏي ڏيو، جن به نواز ليگ ڇڏي، انهن خلاف ڪا به ڪارروائي  ٿيندي نظر نه آئي پر جيڪي نواز ليگ سان سلهاڙيل رهيا، انهن تي ڪيسن جو دٻاءُ وڌندو رهيو ۽ اهو دٻاءُ هاڻ تمام گهڻو وڌندي نظر اچي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اي پي سي ۾ ڪيل نوازشريف جي تقرير  ملڪ  ۾ اعليٰ ادارن جي مداخلت  تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ هن جن جن ماڻهن جا نالا کنيا آهن،  ڪو به محبت وطن  مٿس  اعتبار نه ڪندو، جيڪڏهن ڪندو به ته ان کي به نوازشريف جيان غدار قرار ڏنو ويندو ۽  مٿس بغاوت جا ڪيس به داخل ٿيندا،  نوازشريف جي  اي  پي سي واري  ۾ ڪيل تقرير  هن ڀيري ملڪي سياست جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف ملڪ  جي پرڏيهي فنڊنگ بند آهي ته ٻئي طرف ايف ٽي  اي ايف جي تلوار به لٽڪيل آهي ۽ انهن جو مطالبو آهي ته ڪرپشن کي ختم ڪيو وڃي پر هاڻ انهيءَ مطالبي ۾ به ٿوري تبديلي اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته نوازشريف جي بيان رڳو ملڪ نه پر دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي ته ڪيئن کيس ڌمڪيون ملنديون هيون ۽ ڪيئن کيس عهدي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايتري قدر جو  نوازشريف اسان جي ملڪ جي مقدس  ادارن ۾ ويٺلن تي الزام لڳايا آهن، جنهن کانپوءِ خدشا وڌي ويا آهن ته ايف ٽي ايف جو ڪو ٻيو به مطالبو سامهون اچي. 

بهرحال هاڻ اهو وقت ئي ٻڌائندو ته نوازشريف جيڪا جنگ جوٽي آهي، ان ۾ ڪامياب ٿيندو يا نه پر عسڪري قيادت واضح طور چئي ڇڏيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر ٿي  وئي آهي ته انهيءَ  نالي ماتر جمهوريت جي ڪري ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، انهيءَ نالي ماتر جمهوريت جي ڪري ڀٽو جي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ گوليون هلائي شهيد ڪيو ويو، انهيءَ جمهوريت جي ڪري سنڌ جي نياڻيءَ ٻينظير ڀٽو کي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو، مطلب ته سنڌ ئي کي جمهوريت جي  ڪري لاش مليا آهن، هاڻ پنجاب جو وارو به اچڻ گهرجي، آخر رڳو سنڌ ئي جمهوريت لاءِ قربانيون ڇو ڏي؟ پنجاب کي به  جمهوريت لاءِ پنهنجو رت ڏيڻ گهرجي، بينظير جي شهادت وقت ته پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن شهادتون ماڻيون آهن، انهن جو ڏوهه رڳو ايترو هو ته پنهنجي محبوب ليڊر شهيد بينظير ڀٽو جي پوئلڳ هئا، کين اميد هئي ته بينظير اقتدار ۾ ايندي ته کين گهر ملندا، نوڪريون ملنديون پر  اهي سمورا خواب بينظير ڀٽو جي شهادت سان گڏ شهيد ٿي ويا، بينظير ڀٽو زندهه هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ سنڌين جا اجها نه ڊهن ها، جيڪڏهن بينظير زنده هجي ها ته اڄ سنڌ جا ٻيٽ رات جي اونداهي ۾ وڪرو نه ڪيا وڃن ها، اڳوڻي آمر پرويز مشرف به سنڌ جي ٻيٽن کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ئي پر سندس ناپاڪ قدم ڪامياب نه ٿيا هئا، هن ڀيري ميانوالي مان سليڪٽ ڪيل  وزيراعظم اسان جا ٻِيٽ وڪرو ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، هي ٻيٽ جيڪڏهن هڪ دفعو وڪرو ٿيا ته پوءِ نه ته پاڪستان جو انهن سان ڪو تعلق رهندو نه ئي وري سنڌ انهن تي پنهنجو ڪو حڪم هلائي سگهندي، سڌي ريت اهي ٻيٽ جاپان ۽ چين جي حوالي ڪيا پيا وڃن، اهو سڀ پئسي جي ڪري ٿي رهيو  آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي ته فنڊنگ بند ٿي سگهي آهي، هاڻ اهي پنهنجو پيٽ ڪيئن ڀريندا؟ وفاق کي پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ هاڻ سنڌ جون زمينون غير ملڪين کي وڪرو ڪرڻ پئجي رهيون آهن، جيڪڏهن هن وقت سنڌ جون سموريون پارٽيون متحد نه ٿيون ته سنڌين جو فلسطينين کان به برو حشر ٿيندو، ڪشميرين کي پوءِ به حق ملي ويندا، ڇاڪاڻ ته ڀارت والاريل ڪشمير جون زميون ايئن غير ملڪين کي وڪرو ناهن ڪيون، جيئن وفاقي سرڪار سنڌ جي زمينن جي والار ڪري رهي آهي. 

بهرحال ڳالهه هلي رهي آهي، نوازشريف جي بغاوت واري ڪيسن جي  ته پي ٽي آءِ  گذريل ڪافي عرصي کان نوازشريف کي علي بابا چاليهه چورن جي ٽولي جو درجو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي  عدالتن ۾ به نوازشريف کي سزا ملي چڪي آهي، مطلب ته سموريون اپوزيشن جماعتون رڳو ڪيسن کي منهن ڏيندي نظر اچي رهيون آهن، هاڻ اپوزيشن جماعتون عوام  سان رابطو ڪيئن ڪن،   جيڪڏهن عوام وٽ ويندا ته عدالتن ۾ پيشي به آهي، عدالت به کين وڃڻو پئجي وڃي ٿو، ٻئي طرف وري ميڊيا ٽرائل کي  هو منهن ڏئي رهيا آهن پر هن ڀيري پي ٽي آءِ سرڪار  ٿوري نوازشريف کان اڳتي نڪري مولانا فضل الرحمان  وڌي آهي، جنهن کانپوءِ يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو، هن حڪومت لاءِ برو وقت شروع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار مولانا فضل الرحمان سان هٿ چراند نه ڪري ها ته اپوزيشن   جي ٻين جماعتن ۾ ايتري همت نه هئي جو هو روڊن تي نڪري اچن پر جڏهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف ڪا ڪارروائي ٿي ته هن ملڪ ۾ حقيقي تبديلي اچي ويندي، ڇاڪاڻ ته مولانا فضل الرحمان وٽ ايتري طاقت آهي، جو ملڪ جي ڪنهن به ٻي جماعت ۾ نه آهي جو حڪومت جو مقابلو ڪري سگهي پر اڃا به مولانا فضل الرحمان صبر ڪري  رهيو آهي، جڏهن اهو صبر ختم ٿيو ته يقين سان چوان ٿو حڪومت تي اهڙا ڏينهن ايندا، جيئن اڄ نوازشريف ڀوڳي رهيو آهي،  هوڏانهن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر پاڻ تي بغاوت جو ڪيس داخل ٿيڻ تي طنز ڪندي چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خوش ٿيندو هوندو ته سڄو پاڪستان ان جو ايجنٽ بڻجي ويو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي سرڪار کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ٻيٽن واري آرڊينسنن ۽ مودي  ۾ ڪهڙو فرق آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ بلوچستان مان  ماڻهن کي  کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، جن  جو ڪو پتو نه پئجي رهيو آهي، اهي زنده به آهن يا نه؟ ڪا به خبر نه آهي، هاڻ جڏهن نوازشريف تي غداري جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن ته لڳي ٿو ته پنجاب مان ماڻهن کي کنڀڻ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻ پنجاب ۾ جاڳ پنجاب جاڳ جا نعرا لڳي رهيا آهن،  جيڪي به نوازليگ جا ڪارڪن آهن، انهن مان اڪثر سڌي ريت اسان جي ملڪ جي مقدس ادارن جي ماڻهن خلاف نعرا هڻي رهيا آهن ۽ اهي ئي نعرا شايد مظلوم سنڌي قوم جي حقن جو آواز بڻجي سگهن ٿا. هاڻ گهڻو  ٿي ويو ، جاڳ سنڌي جاڳ، هاڻ پنجاب جو به وارو اچڻ گهرجي. 


No comments:

Post a Comment