Pages

Monday, 8 February 2016

بالي ووڊ اداڪار ونود مهرا 13 فيبروري 1945ع ۾ جنم ورتو

 بالي ووڊ اداڪار ونود مهرا 13 فيبروري 1945ع ۾ جنم ورتو، هن کي ننڊ پڻ ۾ فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ نيٺ آخر 1971ع ۾ هڪ فلم ذريعي اداڪاري جي شروعات ڪئي.
ونود مهرا بالي ووڊ جو اهو اداڪار هو جنهن شروعاتي ڏينهن ۾ مختلف فلمن ۾ منفرد ادڪاري ڪري نانءُ ڪمايو.
ونود مهرا فلمن ۾ خاص طور تي سنجيدگي وارا ڪردار نڀايا، دو ڦول، حوس، ڪنوارا باپ، وردان، زندگي، ناگن، سب سيَ بڙا رپيا ۽ گهر  سميت ٻين ڪيترن ئي فلمن ۾  اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.

ونود مهرا بهترين اداڪاري تي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا.اڄ ونود مهرا جي 70هين سالگرهه تي هاڻوڪا اداڪار کيس ياد ڪندي ٻڌائين ٿا ته هو ونود مهرا جي اداڪاري کي  پنهنجي لاءِ ڪاميابي جي سٺي راهه سمجهن ٿا.

No comments:

Post a Comment