Pages

Monday, 8 February 2016

استاد محمد جمن پنهنجي آواز ذريعي ڪيترن ئي ٻولن ۾ روح ڦوڪيو

بلوچستان جي لس ٻيلي ضلعي ۾ آڪٽوبر 1935ع ۾ جنم وٺندڙ استاد محمد جمن پنهنجي آواز ذريعي وڏو نانءُ ڪمايو.
استاد محمد جمن پنهنجي آواز ذريعي ڪيترن ئي ٻولن ۾ روح ڦوڪيو جنهن جو اثر اڄ به موجود آهي.
موسيقي  ۽ ڳائڻ سان لڳاءُ رکندڙ گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ استاد محمد جمن سنڌي ۽ سرائيڪي سميت مختلف ٻولين ۾ ڪلام ڳايا.
استاد محمد جمن جو والد حاجي احمد به موسيقار هو، استاد محمد جمن کي ننڊ پڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هو.،هن استاد نظر حسين کان ڳائڻ جو فن  حاصل ڪيو.
استاد محمد جمن ريڊيو پاڪستان تي ڪيترائي ڪلام ڳائي لکين دلين تي راڄ قائم ڪيو.
استاد محمد جمن جي مشهور ڪلامن ۾ يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي،  منهنجو ملڪ ملير ۽ ٻِيا شامل آهن، جيڪي اڄ به وڏي چاهه سان ٻڌا وڃن ٿا.
استاد محمد جمن جڏهن   ڳائيندو هو ته  سندس ٻڌندڙ جهومي اٿندا هئا ، استاد محمد جمن راڳ  سمورن سرن جي ڄاڻ رکندو هو ۽  هر سر کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو.
استاد محمد جمن کي مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو، استاد محمد جمن 24 جنوري 1990ع ۾ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.سندس ڳايل ٻول اڄ به جهر جهنگ گونجي رهيا آهن.

No comments:

Post a Comment