ننڍي کنڊ کي
فلمي دنيا جي لحاظ کان به هڪ الڳ مقام حاصل آهي، هن کنڊ ۾ هر دور ۾ اهڙا ته اداڪار
اڀرندا رهيا آهن، جن اداڪاري جا منفرد جوهر ڏيکاري نانءُ ڪمايو آهي.
انهن
اداڪارن مان مڌوبالا به هڪ آهي، جنهن پنهنجي دور ۾ اداڪاري ۾ وڏو نالو، پيدا ڪيو.
مڌو بالا
1942ع کان فلمي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. سندس
پهرين فلم جو نالو بسنت آهي. جنهن ۾ هن بهترين اداڪاري ڪري ڏسندڙن جا من موهي
وڌيا.
مڌو بالا
اداڪاري جي هر شعبي ۾ ايتري ته مهارت رکندڙ هئي، جو هن کي ڪهڙو به ڪردار ڏنو ويندو
هو ته ان کي حقيقي روپ ۾ نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
مڌو بالا جي
نانءُ کي اڄ به ان ڪري ياد رکيو پيو وڃي جو سندس ادا ڪيل ڪردار اڄ به ڏسي ڪيترن ئي
ماڻهن کي زندگي ۾ گذريل پل ياد اچي وڃن ٿا.
مڌو
بالا جي ڪامياب فلمن ۾ مغل اعظم، برساتن،
چلتي ڪا نام گاڙي، امر، محل، ترانا ۽ ٻيون
شامل آهن.
مڌو بالا کي
بهترين اداڪاري ڪرڻ جي مڃتا طور مختلف ايوارڊ پڻ ڏنا ويا .
مڌوبالا جي
اڄ 82هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. هوءَ هن
وقت اسان جي وچ ۾ ته ناهي پر فلمن سندس يادون قيد ٿيل آهن. جن کي ڏسي مڌون جون
فلمي صلاحتيون اڄ به هن جي ياد کي تازو رکن ٿيون
No comments:
Post a Comment