Pages

Monday, 8 February 2016

ٿر ۾ ڏڪار بعد رهواسي پريشاني ۾ مبتلا آهن

ٿر  ۾ ڏڪار بعد رهواسي پريشاني ۾ مبتلا  آهن. حڪومتي دعوائن باوجود سندن بک ۽ بدحالي ختم نه ٿي سگهي آهي.پنهنجي جگر جي ٽڪڙن جا لاش کڻندڙ اڄ به مسيحا جي انتظار ۾ آهن.
ٿر جا رهواسي سهولتون نه ملڻ ڪري احتجاجن پنهنجن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا به نه پيا پيارين، ڪيترن ئي هنڌن تان ٽيمن کي واپس موٽايو ويو آهي.
رهواسين جي احتجاج سبب پوليو مهم متاثر بڻيل آهي، ڳوٺ فتح لنڊ ، رحيم راحمون، ونگي ۽ ٻين ڳوٺڻ جا رهواسي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيا پيارين.
 ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سندن لاءِ آيل امدادي سامان نه مليو آهي، جنهن سبب هو حڪومت کان ڪا به سهولت نه وٺندا....ايس او ٽي....
مٺي ۾  مختلف هنڌن تي آر او پلانٽ به ناڪاره بڻيل آهن، رليف جج ميان فياض رباني  ڳوٺ ڀوسري  پهچي آر او پلانٽ جو جائزو ورتو. جيڪو ناڪاره هجڻ تي رليف جج ڊي سي ٿرپار کي خانگي ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کانسواءِ رليف جج رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي.
ڳوٺاڻن سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته آر او پلانٽ  صرف 15 ڏينهن هليو جنهن کان پوءِ خراب پيل آهي......ايس او ٽي ڳوٺاڻا............
رليف جج جو چوڻ هو ته آر او پلانٽ تعمير ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.... ايس او ٽي رليف جج................

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته آرو او پلانٽ ٺاهيندڙن ۽ سندن مدد نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏ سندن مسئلا حل ڪيا وڃن.

No comments:

Post a Comment