ٿر ۾ ڏڪار
واري صورتحال کانپوءِ سنڌ سرڪار جي پت وائکي ٿيڻ لڳي، ٿر واسين بنيادي سهولتون نه
هجڻ جون دانهون شروع ڪيون ته سرڪار پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ٿر ۾ آر او پلانٽ
شروع ڪرڻ جو حربو استعمال ڪيو.
ڏڪار سبب ٿر
۾ اڄ به ٻارڙا موت جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ رهواسي سهولتون نه هجڻ جون دانهون ڪندي
نظر پيا اچن.
ٿر جي
ڏکوئيندڙ صورتحال تي پردو وجهڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان وڏو آر او
پلانٽ لڳائي پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي
زرداري کان افتتاح ڪرائي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏڪاريل ڏيهه جي رهواسين لاءِ ڄڻ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ويو آهي.
هڪ ارب جي
لاڳت سان لڳايل آر او پلانٽ جيئن شروع ٿيو
ته ٿر واسين کي اميد ٿي ته هو به هاڻي صاف ۽ مٺو پاڻي پيندا پر هڪ مهيني اندر
ڪروڙين روپين جي لاڳت سان جوڙايل آر او پلانٽ بي لاڀ بڻجي ويو.
آر او پلانٽ
جيئن شروع ٿيو ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جا
رهواسي مٺي پاڻي پيئڻ جي لائق بڻيا پر ٿوري ئي عرصي ۾ بند ٿي وڃڻ ڪري پريشاني جي
ور چڙهي ويا آهن.
سنڌ ٽي وي
نيوز سان ڳالهائيندي ٿر واسين ٻڌايو
ته آر او پلانٽ هڪ مهينو مس هليو ۽ بند ٿي
ويو هو کارو پاڻي پيئڻ تي ٻيهر مجبور ٿي
ويا آهن. ... ايس او ٽي...............
ڏڪاريل ڏيهه
جي رهواسين جو چوڻ هو ته کارو پاڻي پيئڻ
سبب بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،......ايس او ٽي.......................
ٿر واسين
مطالبو ڪيو ته هڪ ارب جي لاڳت سان جوڙايل آر او پلانٽ کي فعال ڪيو وڃي ۽ شهرين کي
صاف پاڻي نه پهچائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
No comments:
Post a Comment