Pages

Monday, 8 February 2016

محبت جي عالمي ڏينهن

محبت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ به پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي گل ۽ چاڪيلٽن جا تحفا ڏئي محبت جو اظهار ڪرڻ ۾ رڌل آهن.
ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي محبت ڪندڙ هڪ ٻئي کي گلاب جا ڳاڙها گل ڏيڻ لاءِ لاهور شهر اندر لڳل اسٽالن تي پهتا ۽ هر ڪنهن پريمي جي اها خواهش هئي ته هو بهتر کان بهتر خريداري ڪري پنهنجي پيار  جو منفرد اظهار ڪري.
لاهور شهر ۾ محبت جي اظهار لاءِ تحفا خريد ڪندڙ نوجوان رات دير تائين اسٽالن تي موجود رهيا.
خريداري ڪندڙ نوجوانن جو خيال هو ته محبت جي اظهار لاءِ  اڄوڪو ڏينهن مقرر هجڻ تي کين خوشي ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ جو هنن کي پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪو ڏينهن مليل آهي.
نوجوانن خريداري وقت سهڻا تحفا خريدڻ لاءِ  دل من پڻ هڻندا رهيا ڇاڪاڻ جو هر نوجوان جي اها ڪوشش هئي ته هو پيار جي اظهار واري  ڏينهن تي پنهنجي من گهري ماڻهو کي اهڙو تحفو ڏئي جنهن سان  سندس دل باغ بهار ٿي وڃي
اڄوڪي محبت ڀري ڏينهن تي اسان کي پنهنجن پيارن سان گڏ هر ان شخص سان به محبت جو اظهار ڪرڻ گهرجي جنهن  اسان جي زندگي ۾ بهتري ۽ ڀلائي لاءِ حصو ورتو ۽ اسان جي لاءِ هر پل دعائون پڻ ڪيون.

اڄوڪو ڏينهن اسان کي ان اظهار ڪرڻ جو ڏس پڻ ڏئي ٿو ته ڪنهن به ڳالهه کي من ۾ سانڍڻ بدران چئي ڏيو ته جئين اوهان  زندگي جو مقصد حاصل ڪري سگهيو.

No comments:

Post a Comment