Pages

Monday, 8 February 2016

ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي ورسي ملهائي وئي.

ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن جون ساروڻيون سورڻ لاءِ لفظن کي ڪيترا به روپ ڏجن ته اهي گهٽ هوندا آهن، ملير ۾ اهڙي ئي هڪ شخصيت سنڌ جي بهادر، ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي ورسي ملهائي وئي.
ملير پريس ڪلب پاران ڪوٺيل تقريب ۾ جسقم جي اڳوڻي چيئرمين جي ورسي جي موقعي تي تعزيتي ريفرنس ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن بشير خان قريشي کي سنڌ جو بهادر پٽ قرار ڏيندي کيس زبردست خراج عقيدت ۽ شاندارلفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
ورسي ريفرنس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، وائس چيئرمين ڪيهر انصاري، نيشنل موومينٽ جي چيئرمين اعجاز سامٽيو،  الاهي بخش بڪڪ، نواز ليگ اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، ملير پريس ڪلب جي صدر طارق پٺاڻ، حنيف سومرو،  اداڪار اسد قريشي، دائم شاهه، سنڌي ادبي سنگت جي اصغر باغي، محمد امين مگسي،  ايس يو پي اڳواڻ ايڊووڪيٽ رضا سنديلي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ عطا ميراڻي، انڊس سوشل فورم جي بلاول لاکي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيوته شهيد بابا بشير خان قريشي کي سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو، هو سنڌي قوم سان اهو وچن ٿو ڪري ته هو شهيد بابا واري جدوجهد تي پير تي پير رکي ثابت قدم رهندو.
جسقم چيئرمين پاران ڪراچي ۾ ٺهندر بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي کي سنڌ دشمن منصوبا قرار ڏنو ۽ چيو ته 19 اپريل تي پارٽي جي اجلاس ۾ بحريا ٽائون خلاف جدوجهد هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو.... ايس او ٽي
جسقم وائيس چيئرمين ڪيهر انصاري ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بشير خان قريشي سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ جيلن جون سختيون سٺيون هن کي سنڌ سان بيپناهه پيار هو.
ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اديبن، صحافين،اداڪارن ۽ قومي توڙي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن چيو ته شهيد بشير خان قريشي اڄ به هر دل ۾ ڌڙڪي رهيو آهي، سندس سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد وساري نه ٿي سگهجي... ايس او ٽيز....

تقريب ۾ آيل سمورن ماڻهن بشير خان قريشي جي سنڌ لاءِ ڪيل جدوجهد تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ آخر ۾ شهيد بشير خان قريشي کي قومي گيت سان نامياري شاعر غلام شبير لاکي ڀيٽا پيش ڪئي.  

No comments:

Post a Comment