سنڌ ڌرتي تي
ڪيترن ئي اهڙين عورتن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڏاهپ ۽ دانش ذريعي ڌرتي ۽ خلق خدا جي خدمت ڪري تمام وڏو نالو ڪمايو آهي.
جيتوڻيڪ
اسان جي معاشري ۾ عورت کي مرد کان گهٽ سمجهيو وڃي ٿو تنهن باوجود به ڪيترن ئي هنڌن
تي عورتون مردن کان هر شعبي مان اڳتي نظر اچن ٿيون.
هڪ اهڙي
عورت بدين ڀرسان رهي ٿي جيڪا ڪنهن به سطح تي مردن کان گهٽ ناهي.
غريب گهراڻي
۾ جنم وٺندڙ مينا ڀيل کي پالڻهار اهڙي ته ڏات ڏني آهي جو هوءَ اڻ پڙهيل هجڻ باوجود
هڪ زميندار جي ڪمداري ڪري رهي آهي.
ڪهاڙي کڻي
هلندڙ مينا جي انداز مان اهو واضع نظر اچي ٿو ته هوءَ ڪنهن به ريت
مردن کان گهٽ ناهي.
مينا پنهنجي
باري ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته........... ايس او ٽي....
مينا ڀيل
بابت سندس هڪ مائيٽ جو چوڻ آهي ته هنءَ هن وقت تائين شادي نه ڪئي آهي ۽ ايتري ته
دلير آهي جو هوءَ ڪمداري سميت پنهنجي گهر
جا معاملا پاڻ سنڀالي ٿي.
مينا دليري
۽ ڏاهپ بابت سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر دوست محمد چانڊيي جو چوڻ آهي ته ايس او ٽي.....
مينا ڀيل
اسان جي معاشري ۾ پاڻ کي مردن کان گهٽ سمجهندڙ عورتن لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ معاشري ۾ پاڻ مڃرائڻ لاءِ هڪ بهترين
مثال آهي.
No comments:
Post a Comment