پيٽ جي
بک اجهائڻ لاءِ انسان پورهئي سانگي جڏهن
نڪري ٿو ته هن کان سرحدون به وسري وڃن ٿيون.
اهڙو ئي حال
سنڌ جي مهاڻن جو آهي، جيڪي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ وينداآهن ته ڪڏهن ڪڏهن سرحد پار
ڪرڻ جي الزام هيٺ پاڙيسري ملڪ جي سيڪيورٽي اهلڪارن هٿان کنڀجي وڃن ٿا.
هن وقت به
سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن جا 247 مهاڻا ڀارت جي مختلف جيلن ۾ زندگي گهاري
رهيا آهن.
ڀارتي جيلن
۾ قيد مهاڻن جي مائٽن ۽ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪيترائي مهاڻا ڀارتي زندان ۾ قيد
آهن.... ايس او ٽي....
سنڌ جا
مهاڻا ڀارت جي جيلن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان قيد آهن جن مان ڪيترائي قيدي سزائون به
مڪمل ڪري چڪا آهن.
ٺٽي جي
سامونڊي پٽي جي ڳوٺ آتڙ جا 45 مهاڻا اڄ به ڀارتي جيل اندر زندگي گذاري رهيا آهن.
ڳوٺاڻن سنڌ
ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قيد مهاڻن ۾ 8 ۽ 10 ورهين جا ٻالڪ به شامل
آهن.... ايس او ٽي....
ڀارتي جيل ۾
قيد مهاڻن مطالبو ڪيو ته پاڪستان سرڪار سندن پيارن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فوري طور
ڪوششون ڪري.
اڄوڪو ڏينهن
اسان کي ان اظهار ڪرڻ جو ڏس پڻ ڏئي ٿو ته ڪنهن به ڳالهه کي من ۾ سانڍڻ بدران چئي
ڏيو ته جئين اوهان زندگي جو مقصد حاصل ڪري
سگهيو.
No comments:
Post a Comment