Pages

Monday, 8 February 2016

بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار ڌرميندر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بوبي ديول

بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار ڌرميندر جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بوبي ديول پنهنجي والد جيان اداڪاري ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي. بوبي ديول 27 جنوري 1969ع ۾ جنم ورتو. 
بوبي ديول کي  ننڊ پڻ ۾ ئي اداڪاري سان وڏو چاهه رکندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن 9 سالن جي عمر ۾ ڌرم وير ۾ اداڪاري ڪئي. 
بوبي ديول ڌرم وير ۾ ڪيل اداڪاري کي تمام گهڻو پسند ويو ، جنهن کان پوءِ هن 1995ع ۾ برسات فلم ۾  نيئن انداز سان اداڪاري جي شروعات ڪئي. 
بوبي ديول بالي ووڊ جو اهڙو اداڪار آهي، جيڪو سنجيده ڪردارن سان گهڻو چاهه رکي ٿو ۽ هو اڪثر فلمن ۾ سنجيده رول ڪندي نظر اچي ٿو. 
بوبي ديول جي ڪامياب فلمن ۾ گپت، چور مچائي شور، همراز، دوستي، هم ڪو تم سي پيار هي ۽ ٻيون ڪيتريون فلمون شامل آهن.
بوبي ديول جو اڄ پنهنجي 46 هين سالگرهه جي موقعي تي مداحن ۽ ڏسندڙن لاءِ پيغام آهي ته انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ڪنهن کي به پنهنجي ذات مان ڏک نه رسايو، اهو ئي زندگي جو مقصد آهي.

No comments:

Post a Comment