Pages

Friday, 13 May 2016

مورڙي جي ماڳ جون قديم وسنديون ڊاهڻ وارو منصوبو

صاحب خان ڀٽي
ڪراچي کي سنڌ جي راجڌاني وارو شهر هجڻ سان گڏ انٽرنيشنل سٽي به سڏيو وڃي ٿو پر ان باوجود هن شهر جون سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن کان محروم آهن. نه ئي انهن وسندين ۾ بجلي درست نموني فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ نه اتي ڪو پيئڻ  جي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. مورڙي جي ماڳ جا رهواسي  هن وقت به بنيادين سهولتن لاءِ وانجهائي رهيا آهن، پر افسوس جو  حڪومت ۾ ويٺل ڪامورن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. پيپلزپارٽي سميت سنڌ جون جيڪي به ووٽ وٺندڙ جماعتون آهن انهن به ڪراچي جي قديم سنڌي وسندين تي ڌيان ناهي ڏنو، جنهن سبب انهن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا آهن. هڪ طرف سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار جي آشيرواد سان راجڌاني شهر ڪراچي ۾ ڌارين جي لوڌ کي آباد ڪيو  پيو وڃي ته ٻي طرف وري ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪرڻ جون سازشون به ڪيون  پيون وڃن. جيتوڻيڪ سنڌ جا حڪمران  عوام جي ڀلائي جون دعوائون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري انهن جا وزير ۽ مشير  لينڊ مافيا سان ملي ڀڳت ڪري سنڌي ڳوٺن ته هلان ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ ته  غير سنڌي سنڌ دشمني تي لهي ايندا هئا ۽ سنڌين کي ڪراچي مان بي دخل ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال به ڪندا هئا، پر عوامي احتجاج ۽ سڄاڻ ڌرين جي جدوجهد سبب اهي ڪامياب نه ٿيندا هئا. پر هاڻ  ته پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي، جنهن جو نعرو  به روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان آهي پر ان باوجود  ڪراچي جي سنڌي وسندين  تي بلڊر مافيا پاران حملا ڪري ڊاٿو پيو وڃي.  جنهن خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ڪوبه اڳتي وڌي نه رهيو آهي.
بلڊر مافيا ايترو ته سرگرم ٿي وئي آهي جو هاڻ انهن وزيرن کي خريد ڪري ورتو آهي، جيڪي  کين پوليس جي سيڪيورٽي به فراهم ڪن ٿا.  اڳ ۾ اسين سنڌي رڙيون ڪندا هئاسين ته ڌاريا جيڪي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا اهي ڪراچي شهر مان سنڌين کي بي دخل ڪري رهيا آهن پر هاڻ جئين جئين وقت گذري  رهيو آهي  تئين اهي واٺا به ظاهر ٿي رهيا آهن جيڪي ڪجهه رپين عيوض پنهنجو ايمان وڪڻي سنڌين کي  ڪراچي مان لڏڻ تي مجبور  ڪري رهيا آهن. جنهن مان اهو صاف ظاهر ٿيندو پيو وڃي ته سنڌ جا دشمن سنڌ جا وڏيرا، جاگيرا ،  ڀوتار  ۽ ڪرپشن ۾ ملوث سياستدان ئي آهن، جيڪي پيئسن عيوض  پنهنجي ايمان سان گڏ هن سنڌ ڌرتي ماءُ کي به وڪڙي سگهن ٿا ته پوءِ انهن کي هنن ماروئڙن جي ڪهڙي پرواهه هوندي. هون ءَ به  ڪيترن ئي سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي جن  مان ذوالفقار آباد ۽ بحريا ٽائون به هڪ آهي جن کي به حڪومت ۾ ويٺل وزير  سپورٽ ڪري رهيا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ اندر وڏا وڏا احتجاج  به ٿي رهيا آهن پر ان باوجود هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو.  هڪ طرف ڪالاباغ ڊيم کان به خطرناڪ سنڌ دشمن منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ته ٻي طرف وري ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڪجهه ڪرپٽ وزيرن بلڊر مافيا جي  حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جن کي پوليس جا وڏا اٽالا به فراهم ڪيا ويا آهن ۽ اهي بلڊر پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر سان ڳوٺن کي ڊاهڻ جون ڪارروايون ڪري رهيا آهن ۽ ميڊيا  به اهڙيون خبرون نشر ڪرڻ  کان لنوائي رهي  آهي،
ماضي ۾ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ته وڏا وڏا بينر هٿن ۾ کڻي ڪراچي جي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ خلاف روڊن تي نڪرندا هئا  پر هاڻ جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي تڏهن اهي اڳواڻ  پنهنجي چپن  کي تالا لڳائي خاموشي اختيار ڪريو ويٺا آهن. بلڊر ايترا مضبوط ۽ طاقتور ٿي ويا آهن جو اهي سادن ڪپڙن سان گڏ اهلڪار به ساڻ ڪري ڏينهن ڏٺي جو اچي ڳوٺن تي حملو ڪن ٿا ، جنهن جو ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي وري ڪو قانوني دڳ ورتو وڃي ٿو، افسوس  ته ان ڳالهه جو  آهي ته  سنڌ  حڪومت ۾ ويٺل وزير سنڌي آهن ۽ انهن جو تعلق به سنڌ سان آهي ۽ انهن جي هوندي ئي سنڌين کي بي دخل ڪرڻ لاءِ  قانون جو سهارو ورتو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي قديم سنڌي وسندي الهه رکئي ڳوٺ تي به   بلڊر مافيا جي چرچ تي پوليس جي  وڏن  اٽالن  ڪاهه  ڪيو ۽  ماروئڙن تي سڌي فائرنگ ڪئي ۽ ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ڪيترائي  ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا پر ڪنهن به ڪاموري کي رحم نه آيو، بلاول ڀٽو زرداري جيڪو  غريب ماڻهن جي خدمت جو  نعرو هڻندو  آهي  ته ان کي به ٿورو وقت ڪڍي سنڌ جي مظلوم ماڻهن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته مظلوم صرف فلسطين ۽ ڪشمير ۾ نه پر سنڌ ۾ به آهن، اهڙو ظلم شايد اسرائيل فلسطين تي ڪيو  هوندو جهڙي طرح ڪراچي جي الهه رکئي ڳوٺ تي سنڌ پوليس ڪيو آهي.  اهلڪارن جي اهڙي ڪڌي عمل جي هن وقت تائين ڪنهن به عملدار نوٽيس نه ورتو آهي  پر هن وقت به سنڌي وسندين ۾ رهندڙ مظلوم ماڻهو ان آسري ۾ آهي ته شايد عدالتون بلڊر مافيا هٿان وڪرو ٿيل پوليس اهلڪارن  خلاف ڪارروائي ڪنديون  ۽ کين انصاف ملندو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته الهه رکئي ڳوٺ تي ڪاهه ڪندڙ اهلڪار روزاني  ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺاڻي کي کنڀي وڃن ٿا ۽ انهن کي ڳوٺ خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن، اهڙي وانگار شايد را جا ايجنٽ به نه وهندا هوندا جئين  پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ڪجهه ڪرپٽ اهلڪار  بلڊرن جي ونگار وهي رهيا آهن.   
ڪراچي  پوليس ۽ بلڊر مافيا  ايترا ته بهادر آهن جو اهي غير سنڌي آبادين   ڏانهن نظر به  کڻي ناهن ڏسندا ۽ پوليس کي ايتري به همت به نه هوندي آهي ته انهن  غير سنڌي آبادين به داخل ٿي سگهن، شهر ۾ ڪيتريون افغان بستيون قائم آهن جتي وڏا وڏا بنگلا به اڏيا ويا آهن جن جي نه ڪا ليزنگ آهي ۽ نه ئي ڪا ٻي منظوري ڏني وئي آهي پوءِ به  انهن غير قانوني ۽ ڌارين جي وسندين کي ڊاهڻ  انهن جي وس ۾ نه آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي اها پڪ آهي جيڪڏهن ڪنهن  سنڌي ڳوٺ کي ڊاهڻ دوران  ماڻهو مري به پون ته پر هتان جون عدالتون نوٽيس نه  وٺنديون آهن. اهڙن بلڊرن کي اهو خوف هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪو ڌاريو مري پيو ته هتان جون طاقتور ڌرين سميت عدالتون به مٿن مڇرجي پونديون ۽ کين جواب ڏيڻو پوندو، تنهن جي ڪري اهي  اهلڪار بلڊر مافيا جي ونگار ايتري حد تائين وهندا  جتي صرف سنڌي  ئي رهندا آهن ۽ اهي اسرائيلي فوج کان به وڌيڪ بي رحم ٿي سنڌي وسندين تي ڪڙڪي پوندا آهن جنهن سبب پيپلزپارٽي جي حڪومتن ۾ به سنڌي  وسندين کي ڊاهڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي. ڳوٺاڻا صرف احتجاج ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن. جيتوڻيڪ ڪراچي جي زمين ڪنهن سون کان گهٽ نه آهي  پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته حڪومت بلڊر مافيا کي ايتري ڇوٽ ڏئي ڇڏي جو اهي پوليس اهلڪارن جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري فلسطين  ۽ ڪشميرين سان ٿيندڙ ظلم جو ورجاءُ ڪرڻ  جي اجازت ڏئي ڇڏي. الهه رکيو ڳوٺ ڪو ڪراچي جو پهريون ڳوٺ ناهي ٻيا به ڪيترائي اهڙا   سنڌي ڳوٺ آهن جن تي بلڊر مافيا سان گڏ ڪجهه  طاقتور ادارن جون به اکيون لڳيون پيون آهن، جيڪي  به هاڻ  اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته انهن ڳوٺن جي زمين سندن  جي ملڪيت آهي، هونءَ ته ڪراچي جي اڌ زمين ته انهن طاقتور ڌرين  وٽ ئي آهي باقي رهيل زمين جن تي آڱر تي ڳڻڻ جيترا ڳوٺ آهن ۽ انهن  ڳوٺن کي ڊاهڻ جو منصوبو انهي لاءِ جوڙيو پيو وڃي ته اتي صرف سنڌي رهن ٿا ۽ سنڌي هجڻ ئي انهن جو وڏو قصور سمجهيو پيو وڃي.ڪراچي جي سنڌي وسندين جا رهواسي آخر وڙهن ته وڙهن ڪنهن سان هڪ طرف طاقتور ادارا سندن ڳوٺن کي ڊاهي پنهنجا بنگلا اڏائڻ جو منصوبو رٿيو ويٺا آهن ته ٻي طرف وري حڪومت ۾ ويٺل جاگيردار ۽ وڏيرا  بلڊر مافيا کي نوازڻ لاءِ سنڌين کي ڪجهه پئسن عيوض بي دخل ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. جن جو دين ۽ ايمان به پئسو آهي. هڪ طرف بيروزگاري ۽ مهانگائي آهي ته ٻي طرف وري  حڪومت جا نوازيل بلڊر معصوم سنڌين جي اجهن کي ڊاهي رهيا آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي ڪراچي اندر سمورين سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ پوندو جيڪڏهن  ڪراچي اندر بنگالين، برمين، بهارين، پٺاڻن،  افغانين جون بستيون ليز ٿي سگهن ٿيون ته پوءِ آخر پيپلزپارٽي  سنڌي وسندين کي ڊاهڻ  جي اجازت ڇو ڏئي رهي آهي، آخر اهڙا ڪهڙا سبب آهن جو پيپلزپارٽي سنڌ دشمنن کي سنڌين  تي ظلم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن وقت پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ بلڊر مافيا  کي لغام نه وڌو ته پوءِ راجڌاني واري شهر ۾ سنڌين کي بي دخل ڪرڻ آسان ٿي ويندو ۽ ان جا ذميوار پيپلزپارٽي، فنڪشنل ليگ ۽ ٻيون سموريون سياسي جماعتون هونديون.  جيتوڻيڪ قومپرست جماعتون احتجاج ڪري رهيون آهن پر انهن جي  احتجاج جو هن حڪومت تي ڪو به اثر نه پئجي رهيو آهي،


sahibalsindhi@gmail.com

No comments:

Post a Comment