صاحب خان ڀٽي
آرمي چيف جنرل راحيل شريف
جي نوشڪي واري آمريڪي ڊرون حملي تي سخت ردعمل بعد آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي
ڪاوڙجي پيو آهي، جنهن سبب هن ڀارت کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ ۾ شموليت لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي.جنهن
تي مختلف ملڪن اعتراض به اٿاريا آهن پر ان باوجود آمريڪا هڪ به قدم پوئتي نه ڪيو
آهي، جيتوڻيڪ ڀارت پٺاڻ ڪوٽ حملي پاڪستان کي آجو قرار ڏئي چڪو آهي تنهن باوجود
ڀارت پاڪستان کان ناراض نظر اچي رهيو آهي. جنهن سبب آمريڪا به ڀارت تي شفقت جو هٿ
رکيو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا به اهو ئي چاهي پيو، جنهن سبب هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾
بهتر لاڳاپن لاءِ هن وقت تائين ڪا به ڪوشش نه ڪئي آهي، رهندو باهه تي مٽي جو تيل
ڇڙڪيو آهي، هن ڀيري به آمريڪا اهو ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت کي ان ڪري نوازي رهيو آهي
جو ڀارت ايران سان معاهدا ڪري رهيو آهي ۽ اهي معاهدا آمريڪا جي مفاد ۾ نه آهن،
جنهن سبب آمريڪا ڀارت جا سمورا شرط قبول ڪندي نظر اچي رهيو آهي، هڪ طرف آمريڪا
پاڪستان تي ڪاوڙيل آهي ته ٻي طرف وري ڀارت ۽ افغانستان به مختلف وقتن تي پاڪستان
جي سرحدن تي حملو ڪندا رهيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي فوجي اهلڪار ۽ عام شهري زخمي به
ٿيا آهن، پر ان باوجود ڀارت توڙي افغانستان جي اهڙي جارحيت جو گڏيل قومن نوٽيس
ناهي ورتو. جنهن سبب پاڪستان اندر بي چيني پکڙيل آهي. ايران به پاڪستان کان سعودي
عرب واري معاملي کان پوءِ پري ٿي ويو آهي، ان سان به هاڻ پاڪستان جا ڪي خاص لاڳاپا
ڏسڻ ۾ نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جڏهن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي هئي ته ان
وقت پاڪستان صرف سعودي جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن سبب ايران به پاڪستان تي
ڏمريل آهي. پر ايران هن وقت تائين ڀارت توڙي افعانستان جهڙو رويو اختيار نه ڪيو
آهي. جنهن مان اهي اميد ڪري سگهجي ٿي ته مستقل ۾ ٻنهي ملڪن ۾ بهتر لاڳاپا ٿيڻ جا
امڪان نظر اچي رهيا آهن. رهي ڳالهه افغانستان جي ته ان ملڪ اندر هونءَ به
دهشتگتردي جون وڏيون ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ اتي سڄي دنيا جي فوجين جا دستا لٿل
آهن، جن هن وقت اتي اتان جي سرزمين تي امن قائم ناهي ڪرائي سگهيا، جن اميد به هاڻ
گهٽ ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ڳچ عرصي کان اتحادي فوج جا دستا لٿل آهن پر انهن امن قائم
ڪرائڻ لاءِ هن وقت ڪا لاڀائتا ڪارروائي نه ڪئي
آهي.
ڀارت جڏهن ايران سان
معاهدو ڪيو هو، تڏهن ئي ان مان ظاهر ٿي ويو هو ته ڀارت ايران سان ڪڏهن به معاهدو
نه ڪندو ۽ اهو معاهدي اڳتي هلي نه سگهندو،
ڇاڪاڻ ته ڀارت آمريڪا جي اجازت کانسواءِ ڪو به ڪم نه ڪندو آهي ۽ ايران سان معاهدي
وارو ڪم ڀارت ناراض ٿي ايران سان لاڳاپا وڌايا، جيڪو آمريڪا کي پسند نه هو.آمريڪا
کي به اهڙي فيصلو پسند نه آيو جنهن سبب هن ڀارت اڳيان نيوڪيلئر سپلائيرز گروپ ۾
شموليت واري آڇ جو پتو اڇلايو، جيڪو ڀارت کي تمام گهڻو پسند آيو، جنهن سبب هاڻ
آمريڪا جو اهو ئي مقصد آهي ته هو ڀارت سان ڪيل معاهدي کي پورو ڪري ۽ ڀارت کي اين
ايس جي گروپ ۾ شموليت کي ممڪن بڻائي. جڏهن
آمريڪا ڀارت کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪري
رهيون هو، تڏهن ئي چين ڀارت جي مخالفت ڪئي ۽ ان سان گڏ نيوزيلينڊ، آئرلينڊ، ترڪي ۽ نيوڪليئر سپلائيرز گروپ
جي مختلف ملڪن به ڀارت جي اين ايس جي، ۾ شموليت جي مخالفت ڪئي. تنهن بعد آمريڪا کي
ڳڻتي وارايو ۽ ان پاڪستان خلاف سخت بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو، جيتوڻيڪ
آمريڪا نيوڪليئر سپلائيرز گروپ جي ميمبرن ملڪن کي خط لکي ڀارت جي گروپ ۾
شموليت جي سفارش ڪئي پر ان باوجود مختلف ملڪن ان سفارش کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
۽ چين به ڀارت تي تمام گهڻا اعتراض اٿاري ۽ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن کي گڏ نيوڪليئر
سپلائيرز ۾ شامل ڪيو وڃي، روس، فرانس، ميڪسيڪو ۽ برطانيا ڀارت جي حمايت ڪندي نظر
اچي رهيا آهن. آمريڪا هڪ طرف پاڪستان کي
دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي ته ٻي طرف وري
پاڪستان ۾ ڊرون حملا به ڪري رهيو آهي ۽
اها به ڌمڪي به ڏني آهي ته هو اهڙا حملا
مستقبل ۾ ڪندا رهندا. جنهن تي پاڪستان احتجاج
به رڪارڊ ڪرايو آهي، پر ان باوجود آمريڪا ڊرون حملا روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وزارت طرفان به بيان جاري ڪيو ويو ته دهشتگرد پاڪستان مان ڪارروايون ڪري رهيا
آهن. پاڪستان کي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻيون پونديون، پرڏيهي وزارت طرفان به اهو به
بيان ڏنو ويو ته آمريڪا جي سلامتي لاءِ ڊرون حملا ڪنهن به صورت نه رڪجندا.
آمريڪي
پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان مارڪ ٽونر به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته آمريڪا جي
سلامتي لاءِ ڊرون حملا جاري رهندا ۽ کين ڪير به روڪي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته دهشتگرد جتي به لڪيل هوندو، انهن کي عبرت جو
نشانو بڻايو ويندو. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز
چوڌري به واضع ڪري چڪو آهي ته ايٽمي پروگرام تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي، ڪجهه
معاملن تي آمريڪا سان هرگز سهڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ
ڪارڻ پاڪ، چين دوستي ۽ سي پيڪ منصوبو به
آهي. اعزاز چوڌري اهو به چيو آهي ته پاڪ –آمريڪا ڇڪتاڻ جو هڪ ڪارڻ آمريڪا جو ڀارت
کي ترجيحي بنيادن تي پسند ڪرڻ به آهي.
ڪجهه معاملن تي پاڪستان آمريڪا سان هر گز سهڪار نه ٿو ڪري سگهي جن ۾
خودمختياري ۽ سلامتي آهي. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته هـُو ملڪ ۾ نئين جنگ
نه ٿا چاهين، ضرب عضب آپريشن ذريعي دهشتگردي خلاف وڏي جنگ وڙهي پئي وڃي. پرڏيهي
سيڪريٽري چيو ته آمريڪي ڊرون حملن پاڪستان جي خودمختياري کي نقصان پهچايو، ملا
اختر منصور جو پاسپورٽ سڙي وڃڻ کان بچي وڃڻ واري معاملي تي غور ڪيو پيو وڃي، پر
ان تي به هن وقت تائين ڪا به اڳڀرائي ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي.
جڏهن چين بلوچستان جي نوشڪي واري علائقي ۾ آمريڪي ڊرون
حملي جي مذمت ڪئي ته آمريڪا کي به ٿوڙي ڳڻتي ٿي، ڇاڪاڻ ته هي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
ٿيو هو، جڏهن چين ، پاڪستان جي کلي حمايت
ڪئي جنهن تي آمريڪا کي به قدم پوئتي ڪرڻا پيا ۽ آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت جي سيڪيورٽي معاملن م هڪ ٻئي
سان سهڪار ڪرڻ تي زور ڀريو. پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان مارڪ ٽونر جو چوڻ آهي ته
پاڪ-ڀارت سهڪار سان افغانستان ۽ آمريڪا سميت سڀني کي فائدو ٿيندو. آمريڪي پرڏيهي
کاتي جي نائب ترجمان مارڪ ٽونر پريس بريفنگ دوران چيو ته سڪيويٽي محاذ تي پاڪستان
۽ ڀارت کي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. ايتري قدر جو
آمريڪا کي اهو به بيان ڏيڻو پيو ته پاڪستان نيوڪليئر سپلائيرز گروپ ۾ ميمر
ٿيڻ جي درخواست ڪري ته جئين اين ايس جي ميمبر ملڪ ان درخواست تي غور ويچار ڪن. هاڻ
ڏسڻو اهو آهي ته ڇا آمريڪا ڀارت کي
نيوڪيلئرسپلائيرز گروپ شامل ڪندو يا وري
اهو سڄو ڊرامو پاڪستان کان پنهنجا شرط
مڃرائڻ لاءِ رچايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف آمريڪا ڀارت ۽ پاڪستان کي سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري رهيو
آهي ته ٻي طرف وري نيوڪليئرز سپلائيرز گروپ
۾ شموليت واري معاملي تي صرف ڀارت جي حمايت ڪري رهيو آهي. جنهن مان لڳي پيو
ته آمريڪا پاڪستان جي نيوڪليئر سپلائيرز
گروپ ۾ شموليت نٿو چاهي، ڇاڪاڻ ته چين ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ پاڪستان جي حمايت ڪندا ۽ اهو
ئي خوف آمريڪا کي آهي، جنهن سبب هو نٿو چاهي ته پاڪستان کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ
۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن سبب افغانستان به پاڪستان جي سرحدن تي فائرنگ ڪري رهيو آهي. جنهن
مان لڳي ته آمريڪا هاڻي ٽاسڪ ڀارت کان کسي افغانستان حوالي ڪيو آهي ته اهو پاڪستان
کي ڪنهن به صورت م مصروف رکي ته جئين دنيا
۾ اهو ظاهر ڪيو وڃي ته پاڪستان جا پاڙيسري
ملڪن سان لاڳاپا بهتر نه آهن، جنهن سبب پاڪستان کي نيوڪليئر سپلائيرز گروپ ۾ شامل
نه ڪيو وڃي، پر بهترين پاليسي سبب دنيا جي
ڪنهن به ملڪ مان هن وقت اهڙو ڪو به بيان سامهون نه آيو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي
ٿو ته آمريڪا وٽ هاڻ پاڪستان جي نيوڪليئر گروپ ۾ شموليت جي مخالفت جو ڪوبه جواز
پيدا نٿو ٿئي.
No comments:
Post a Comment