Pages

Friday, 17 June 2016

قادري، عمران ۽ جمهوريت...!!

صاحب خان ڀٽي
ملڪ جا سياستدان ڏينهن رات اهو راڳ ڳائي رهيا آهن ته جمهوريت وڏي قربانين بعد قائم ٿي آهي ۽ جمهوريت لاءِ ڪيترن ماڻهن جانيون قربان ڪيون آهن، حڪمران اهي دعوائون به ڪري رهيا آهن ته هاڻ ڪو به هن جمهوريت تي راتاهون نه هڻندو ۽ نه ئي وري هاڻ ڪنهن کي اهڙي قدم کڻڻ جي جرئت ٿيندي. هن ڀيري ڪنهن آمر ته حڪومت جو تختو ته اونڌو نه ڪيو آهي پر سياستدان ئي پاڻ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيا آهن. جنهن جو مثال ملڪ جي موجوده ڌرڻن مان ملي ٿو. هڪ طرف عمران خان سڄي ملڪ ۾ پاناما ليڪس معاملي تي جلسا ڪندي نظر اچي رهيو آهي ته ٻي طرف وري  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به نوازشريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي پيپلزپارٽي جي ترجمان ترديد به ڪئي آهي ۽ چيو ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري استعيفيٰ جو مطالبو ناهي ڪيو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر قادري به ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر ڏيهه پهچي ويو آهي. جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻو هنيو آهي. شهيد ڪارڪنن جي جوابدار کي سزا ڏيارڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. پر افسوس جو ڳالهه آهي ته تحريڪ انصاف کان ويندي اپوزيشن جماعتون ماڊل ٽائون سانحي جي شهيد کي ته ياد ڪري رهيون آهن پر انهن کي اهي غريب پورهيت ياد نه اچي رهيا آهن جيڪي ڪراچي جي بلديا فيڪٽري ۾ ڀتي نه ڏيڻ تان ساڙيا ويا هئا. هتان جون سيڪيورٽي فورسز پاران جي آءِ ٽيز رپورٽ به منظر عام تي آنديون ويون پر نه جنرل راحيل شريف انهن 200 کان وڌيڪ ساڙي ماريل پورهيتن واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ نه وري جن ادارن جي آءِ ٽيز رپورٽ پيش ڪيون، ڪا ڪارروائي ڪئي آهي. جنهن سبب انهن بلديا سانحي جي متاثرن کي هن وقت تائين انصاف نه ملي سگهيو آهي. ان بابت نه تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ڳالهائي رهيو آهي ۽ نه ئي پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر قادري بلديا سانحي جي متاثرن ڏانهن لڙي ويو آهي، جنهن مان لڳي پيو ته انهن پارٽين کي غريبن جي خون سان ڪو به واسطو نه آهي ۽ نه ئي انهن کي 2 سئو کان وڌيڪ ساڙي ماريل پورهيتن جي وارثن سان ڪا همدردي آهي.
افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته جڏهن بلديا فيڪٽري کي باهه لڳي ته هر ڪو ان کي حادثو  سمجهي رهيو هو پر سيڪيورٽي ادارن جي آءِ ٽي پيش ڪري فيڪٽري ۾ سڙي فوت ٿي ويلن ماڻهن جي وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي ڇڏيو ۽ انهن جا زخم ٻيهر تازا ٿي ويا. بهرحال بلديا سانحي جي متاثرن سان انصاف ٿئي يا نه، ان جو ته هاڻ وقت ئي ٻڌائيندو پر هڪ ڳالهه ته ظاهر ٿي وئي آهي ته احتجاج ۽ ڌرڻا انهن ماڻهن لاءِ ئي هنيا ويندا آهن، جن جو ڪو پارٽي سان تعلق هوندو باقي غريب ماڻهن لاءِ ته انهن سياستدانن وٽ وقت ئي نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن وٽ ڪي لفظ ڳالهائڻ لاءِ هوندا آهن. رهي ڳالهه جمهوريت جي ته عمران خان ۽ طاهر القادري ميدان تي اچي ويا آهن، حڪومت ۽ اپوزيشن  ميمبرن وچ ۾ پاناما ليڪس معاملي تي اڃا ڳالهيون انجام تي پهتيون ئي نه هيون ته مٿان وري عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري به ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڏيهه پهتو ۽ هن ڌرڻي جو به اعلان ڪيو ۽ اهو هن سچ ثابت به ڪري ڏيکاريو، سندس ماڊل ٽائون سانحي جي جوابدارن جي گرفتاري کان علاوه ٻيا به شرط آهن يا نه اها ته کيس ئي خبر آهي پر اهو  ڪڏهن ڪنهن سوچيو به نه هو ته قادري وري ڏيهه ورندو ۽ ساڳئي ڌرڻي واري سياست شروع ٿي ويندي،
 هڪ طرف ملڪ جو ڪاروهنوار انٽرنيٽ تي هلي رهيو آهي ته ٻي طرف وري تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان حڪومت کي پاناما معاملي تي عيد تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن مان لڳي پيو ته هاڻ هڪ دفعو ٻيهر ڌرڻن جي سياست ملڪ اندر وڏي عروج تي شروع ٿي ويندي ۽ اهڙي سياست سان ملڪ جون حالتون ويتر خراب ٿي وينديون. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر طاهر القادري ماڊل ٽائون شهيد جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾آڻڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي پر ان باوجود حڪومت سندس مطالبو مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جو ڪيس  ايڪشن پلان تحت فوجي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو  آهي، جنهن کي حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي،  عوامي تحريڪ جو سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته ماڊل ٽائون سانحو رياست جي بدترين دهشتگردي جو ثبوت آهي، ٻه سال گذرڻ باوجود شهيدن جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي ۽ اهي انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. طاهر قادري پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته  پنجاب سرڪار 17 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي هئي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي مداخلت سبب ڪيس داخل ڪيو ويو، پر شفاف جاچ نه ٿي سگهي آهي. طاهر القادري جو موقف آهي ته پنجاب حڪومت سانحي جي جاچ لاءِ جانبدار جي آءِ ٽيز جوڙيون، جن شهباز شريف کي ذميوار قرار ڏنو پر  ان خلاف به هن وقت تائين ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب هو ماڊل ٽائون سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ منتقل ڪرڻ جو مطالبو  ڪري رهيو آهي. ٻي طرف عمران خان به حڪومت کي عيد تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته هو حڪومت کي صرف عيد تائين موقعو ڏيندا، جنهن بعد هو جوڙيل حڪمت عملي تحت پنهنجي مشن کي اڳتي وٺي ويندا. عمران خان اهو به چيو ته آگسٽ جي مهيني ۾ ڌرڻي جا ساڳيا ڏينهن کيس نظر اچي رهيا آهن عمران خان ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو به چيو ته اسلام آباد واري ڌرڻي کين احتجاج جي سائنس سيکاري ڇڏي آهي. هن ڀيري ڌرڻي کان وڏو احتجاج ٿيندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته عمران خان  ۽ ڊاڪٽر طاهر قادري جي منزل هڪ ئي آهي پر ٻنهي ڄڻن رستو ٿورو جدا رکيو آهي، ماضي ۾ به ڊاڪٽر طاهر القادري پيپلزپارٽي حڪومت ۾ به ڌرڻا هنيا پر  انهن جو ڪو اهڙو خاص دٻاءُ حڪومت ته نه پيو هو پر جڏهن نواز ليگ چيف جسٽس افتخار چوڌري کي بحال ڪرائڻ لاءِ حڪومت مٿان دٻاءُ وڌو ۽مارچ شروع ڪيو ته ان وقت زرداري جي حڪومت وڃڻ جا چٽا نشان نظر اچي رهيا هئا پر حڪومت  مطالبو مڃي پنهنجي پريشاني ختم ڪري ڇڏي هئي، پر هن ڀيري  جڏهن ٻيون پارٽيون نواز ليگ خلاف ڌرڻا هڻي رهيون آهن  ۽ احتجاج ڪري رهيون آهن ته ان کي نواز ليگ برداشت نه ڪري رهي آهي ۽  انهن کي جمهوريت خلاف وار سمجهي رهي آهي، پر نواز ليگ کي اهي احتجاج ۽ ڌرڻا ياد نه ٿا اچن جيڪي هنن آصف زرداري جي حڪومت دوران هينا هئا. بهر حال هاڻ جڏهن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙيون حالتون  پيدا ٿي ويون آهن تڏهن به اها اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته حڪومت جائز مطالبا مڃي ته اهو ان لاءِ بهتر ٿيندو ٻي صورت ۾ انهن احتجاجن ۽ ڏرڻن سان عام ماڻهو ته متاثر ٿيندو پر حڪمرانن کي به ڪو فائدو نه پچهندو، ڇاڪاڻ ته ڌرڻن دوران ڀڃ ڊاهه سبب ڪيترائي ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آهن،  ڊيڊلاڪ به پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي، پر ان باوجود حڪمران به  خاموش نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم نوازشريف به ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ سڄو ڪاروهنوار ملڪ جو انٽرنيٽ تي پيو هلي، اهڙي سموري صورتحال کي ڏسي ايئن لڳي رهيو آهي ته اهو سڀ ڪجهه هڪ لکيل اسڪرپٽ تحت ٿي رهيو آهي. جنهن مان عوام کي فائدو پوندو يا نه، ان بابت نه ته عوام کي ڪجهه خبر آهي ۽ نه ئي ڪي شهرين کي ڪا ڄاڻ آهي. هاڻ ڏسڻو آهي ته پيپلزپارٽي  طاهر القادري ۽ عمران خان جو ساٿ ڏيندي يا وري جمهوريت کي بچائڻ لاءِ نوازشريف جي مدد ڪندي، هاڻ اهو سڀ ڪجهه پيپلزپارٽي تي منحصر آهي، جنهن بابت فيصلو به پيپلزپارٽي کي ئي ڪرڻو آهي..

No comments:

Post a Comment