Pages

Friday, 10 June 2016

اختر درٻيلائي ڪنهن در کڻي وڃي دانهن...!!!

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي ڌرتي تي هزارين شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جنم ورتو آهي، جن  قلم ذريعي انساني جذبن جي پرچار ڪئي آهي ۽ پنهنجي مٺڙي ٻولي جي به خدمت ڪئي آهي. اهو شاعر ئي هوندو آهي جيڪي اڍنگن روين، ڏک ۽ پيڙاءُ  جو  ذڪر لفظن ۾ پروڙي عوام آڏو پيش ڪندو آهي. گهڻ رخن کان شاعر، اديب، آرٽسٽ ۽ فنڪار پنهنجو ڪردار نڀائيندا رهيا آهن، جن جي واکاڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به ڪئي ويندي آهي، پر افسوس جو هن ديس ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر، اديب يا صحافي بيمار  ٿي پوندو آهي ته سندس سار لهڻ لاءِ ڪير به نه هوندو آهي ۽  اهو غربت ۽ مفلسي سبب زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هوندو آهي، ته وري ڪيترائي پئسا نه هجڻ سبب پنهنجو علاج نه ڪرائي سنگهندا  آهن ۽ هن فاني جهان مان  هليا ويندا، جن کي بعد ۾ اسان جا اديب، شاعر ۽ صحافي لکين روپيا خرچ ڪري سيمينار ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪندا آهن، ڪجهه  اديب ۽ شاعر ته وڏا وڏا پروگرام به ڪرائيندا آهن جن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پري پري کان ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪرڻ لاءِ اينديون آهن، جتي اهي وڏا وڏا خطاب ڪري مٺڙن لفظن سان ڀيٽا پيش ڪندا آهن، جن جا خطاب ٻڌي اهو محسوس ٿيندو آهي ته انهن کي ان جي وڇڙي وڃڻ جو تمام وڏو صدمو پهتو هجي. اسان وٽ وڏو الميو اهو  ئي رهيو آهي ته اسان ان شخص کي تڏهن ئي اهميت ڏيندا آهيون جڏهن اهو هن فاني دنيا مان هليو ويندو آهي پر جڏهن اهو شخص زنده هوندو آهي ته اسان ان جي سار به نه لهندا آهيون. سنڌ ۾ ڪيتريون اهڙيون شخصيتيون آهن جيڪي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت  جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، جنهن جي ساهتا لاءِ ڪير به لڙي نه پيو اچي ۽ نه ئي اسان جي سرڪار کي ڪو رحم اچي رهيو آهي، جو اهي ان جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائن.
جيتوڻيڪ سنڌ اندر اديبن، شاعرن ۽ صحافين جي علاج لاءِ فنڊ ته رکيا ويندا آهن پر افسوس  جو  اهي به ڪامورن جي لاپرواهي سبب غربت جي ماريل بيماري ۾ مبتلا  اديبن ۽ شاعرن وٽ ناهن پهچي سگهندا. جنهن سبب اهي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويندا آهن. سنڌ اندر ڪيترائي اهڙا آرٽسٽس، شاعر ۽ صحافي آهن، جيڪي غربت سبب علاج نه پيا ڪرائي سگهن پر  افسوس جو حڪومت انهن جي علاج لاءِ هن وقت تائين ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اندر غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهندڙ صحافين، شاعرن ۽ اديبن  جي علاج لاءِ فنڊ ته رکيا ويندا آهن پر  اهي انهن کي نه ڏنا ويندا آهن. جنهن سبب کين مايوس ٿيڻو پوندو آهي. هونءَ ته حڪومت اهي دعوائون ڪري ٿڪجندي ئي ناهي ته صحافين، اديبن ۽ شاعرن لاءِ وڏا فنڊ رکيا آهن پر اهي فنڊ ڪاڏي ويندا آهن، جن بابت ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن بيمار شاعر، اديب يا صحافي جي خبر ميڊيا تي نشر به ٿيندي آهي ته حڪومت صرف ان جي علاج لاءِ اعلان ته ڪندي آهي پر ان تي عمل  نه ڪيو ويندو آهي. روزاني ڪنهن نه ڪنهن اخبار اهڙيون خبرون  ڇپجنديون رهنديون آهن پر  نه اسان  انهن جي ساهتا لاءِ قدم کڻندا آهيون ۽ نه ئي حڪومت کي ايترو وقت هوندو آهي جو ان جو علاج ڪرائي.
اهڙن مان ساهتي پرڳڻي جو شاعر اختر درٻيلائي به هڪ آهي، جنهن  پنهنجي سڄي ڄمار سنڌي ادب لاءِ  ارپي  ۽ سندس لکيل شاعري ڪيترن ئي فنڪارن به ڳائي وڏو نانءُ ڪمايو پر  اڄ اهو  شخص غربت سبب پنهنجو علاج به نه پيو ڪرائي سگهي. شايد اختر درٻيلائي پنهنجي زندگي ۾ اهو سوچيو نه هوندو ته کيس اهڙا به ڏينهن ڏسڻا پوندا. اختر درٻيلائي ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ لکيو ۽ شاعري به ڪئي، سندس شاعري رومانوي هجڻ سبب فنڪارن ڳائي وڏو نالو به ڪمايو ۽ کيس داد به مليو ۽ هن پنهنجي تخليق ذريعي معاشري جي اصل روپ کي اجاڳر به ڪيو، سندس شاعري مزاحمت  سان گڏ رومانوي به هئي. جنهن کي تمام گهڻو پسند به ڪيو ويو، پر هن اهو ڪڏهن سوچيو به نه هو  کيس هڪ ڏينهن ڪامورن جي آفيسن جا چڪر به لڳائڻا پوندا.  اختر درٻيلائي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بيمار آهي، سندس دل جا 2 وال بند ٿي ويا آهن، غرب سبب هو علاج  به نه پيو ڪرائي سگهي، پر هنءَ همت ناهي هاري ۽ بنا ڪنهن مايوسي جي زندگي گذاري رهيو آهي، پنهنجي خوش مزاجي سبب هو هن وقت به بيماري سان وڙهي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هن پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ ڪنهن جي اڳيان به هٿ نه ٽنگيو آهي ۽ نه ئي مستقبل ۾ اهڙو ڪم ڪندو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي شاعر جي ڏينهون ڏيهن طبيعت به خراب ٿيندي پئي وڃي، حڪومت طرفان سندس سهائتا نه پئي ڪئي وڃي. ڪجهه عرصو اڳ اطلاعات کاتي سندس علاج لاءِ 5 لک روپيا منظور ڪيا پر کيس هن وقت تائين هڪ ٽڪو به نه ملي سگهيو آهي. غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهندڙ اختر درٻيلائي لاءِ  اطلاعات کاتي جيڪي 5 لک منظور ڪيا اهي ته کيس نه ملي سگهيا پر کيس دل جي بيماري باوجود آفيسن جا چڪر  لڳرايا پيا وڃن، 
اختر درٻيلا اطلاعات کاتي سميت هر هڪ ڪاموري جي در تي وڃي پنهنجي جتي گسائي ڇڏي آهي پر ڪو به ڪامورو سندس مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اختر درٻيلائي جو چوڻ آهي ته هن جڏهن به ڪنهن ڪاموري جو در کڙڪايو آهي ته کيس ڌڪاريو ويو آهي، ساڻس ڪو به ڪامورو ملڻ لاءِ تيار ئي نه ٿيندو آهي. جيڪڏهن قسمت سان ڪنهن ڪاموري سان ملاقات ٿيندي به آهي ته اهو کيس دلاسا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيندا آهن. حڪومت اختر درٻيلائي لاءِ  شاعرن ۽ اديبن جي فنڊ مان 5 لک ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو  پر اهي پئسا هن وقت تائين کيس ناهن ڏنا ويا، لڳي ائين پيو ته حڪومت اختر درٻيلائي کي پنج لک ڏيڻ کان اڳ پنج هزار چڪر لڳرائيندي. اختر درٻيلائي جو چوڻ آهي ته سندس اطلاعات واري وزير مولابخش چانڊيي سان به ملاقات ٿي هئي، جنهن کيس اهو چيو ته  هن سمري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جنهن سبب هاڻ قائم علي شاهه جي صحيح کان پوءِ کيس پئسا ملندا ۽ وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. هاڻ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته مولا بخش کي اهو احساس به نه ٿيو ۽ هنءَ اهو سوچيو به نه ته جيڪو سٻاجهڙو شخص گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪامورن  جي ڪڍ پيل آهي ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهن ته اهو وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئين ڪندو. جنهن جي پراڻي ڪپڙن کي ڏسي پٽيوالو به کيس آفيس کان ٻاهر روڪي وٺندو  آهي ته اهو پوءِ ڪئين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هڪ سادو سٻاجهڙو شاعر جيڪو علاج لاءِ در در پنهنجي حق لاءِ دانهين رهيو آهي پر سندس دانهون ٻڌڻ وارو ڪير به نه آهي. ڪجهه ڏينهن کان اختر درٻيلائي جي طبعيت به خراب آهي، جنهن جون خبرون به مختلف اخبارن ۾ نشر ٿي رهيون آهن پر افسوس جو هن وقت تائين نه ته ثقافت کاتي جا ڪامورا اگهور ننڊ مان جاڳيا آهن ۽ نه ئي وري اطلاعات کاتي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان سمري تي صحيح ڪرائي  آهي جنهن مان لڳي پيو ته  شاعرن ۽ اديبن لاءِ رکيل فنڊن جي ورڇ ڪندڙ ڪاموڙ  پنهنجي ڪمن ۾ ايترو ته مصروف آهن جو کين ايتري به فهرست ناهي رهي جو هڪ بيمار شاعر جنهن جو جائز حق ڏيڻ لاءِ ڪو قدم کڻن. هن ٻوڙي حڪومت تي  ڀٽائي جو هيٺون شعر بلڪل ٺهڪي لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کي جيڪڏهن اختر درٻيلائي جهڙي تڪليف هجي ها ته شايد اهي ان سان اهڙو حشر نه ڪن ها ۽ نه ئي کيس آفيس جا چڪر لڳرائن ها.

سگهن سڌن سور جي، ته گهايل ڪئين گهارين،
پيل پاسو پٽ تان، نه واڍوڙيا وارين.
جيڪڏهن هن وقت به سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن  اختر درٻيلائي  جي لاءِ علاج لاءِ قدم نه کنيا ته مستقبل ۾ به سڀني  سان به اهڙو حشر ٿيندو  رهيو، اختر درٻيلائي پنهنجو حق گهري رهيو آهي، جنهن کي وٺرائي ڏيڻ لاءِ هر ساڃاهه وند کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جئين اختر درٻيلائي کي حق ڏياري سگهجي. شاعرن ۽ اديبن جي تنظيمن کي به سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ گهرجن ته جئين وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي به پنهنجي مصروف زندگي مان هڪ ٻه منٽ  ڪڍي اختر درٻيلائي جي چيڪ تي صحيح ڪرڻ  تي مجبور ڪيو وڃي، باقي رهي ڳالهه وڇڙي ويلن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ته اهو بعد ۾ ٿيندو رهندو ۽ ان لاءِ وقت به پيو آهي.


No comments:

Post a Comment