صاحب خان
ڀٽي
ڪراچي ۾
جڏهن به حالتون خراب ٿينديون هيون ته هر چينل تي اهي خبرون هونديون هيونن ته نامعلوم
ماڻهن فائرنگ ڪري رهيا آهن هر طرف صرف نامعلوم ماڻهن جو ذڪر ٿيندو هو، جيڪڏهن ڪو
نامعلوم گرفتار به ٿيندو هو ته اهي خبرون ٻڌڻ ۾ ملنديون هيون ته ان جو تعلق هڪ
سياسي جماعت سان آهي، جنهن بعد اها خبر ئي نه پوندي هئي ته آخر اهي نامعلوم ماڻهو
ڪهڙي نامعلوم پارٽي جي آهن پر حالتن خراب ٿيڻ کان پوءِ هر هڪ چينل تي ٻه اڍائي ڪلاڪ لنڊن وارو شخص
خطاب ڪندو هو، شايد اهو سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ پهريون ڀيرو ٿيو هو جو هن ملڪ جي
وزيراعظم، وزيراعليٰ کي به ايتري ڪوريج نه ملي هئي جيتري ان لنڊن واري شخص کي
ملندي جنهن جو خطاب ٻڌڻ لاءِ هر هڪ چينل تي دعوت نامو به موڪليو ويندو هو، هر هڪ
صحافي وڏي احترام سان ٽائيم تي اتي پهچي ويندو هو، ڪنهن کي ايتري همت ئي نه ٿيندي
هئي جو اهو دير سان اتي پهچي، جڏهن ان لنڊن واري شخص جو خطاب شروع ٿيندو هو ته
پوءِ ڀلي ڪنهن به ٽي وي چينل تي هيڊ لائن جو وقت ٿئي يا وري ڪو اشتهار هلائڻو هجي
انهن کي ڊراپ ڪيو ويندو هو. ايتري خبرون هڪ وزيراعظم يا صدر جون نه هلنديون هيون
جيتريون هڪ ڏينهن ان لنڊن واري شخص جون هلنديون هيون. ڀلي ڪو مخالف پارٽي جو مري
يا ڪنهن ملڪ جي ڪا اهم شخصيت لاڏاڻو ڪري ان شخص جو مذمتي بيانن سڀني کان اڳ ۾ سڀني
چينل تي نشر ڪيو ويندو هو.
جڏهن ڊاڪٽر
ذوالفقار مرزا گهرو وزير ٿيو ته ان وقت هڪ سياسي جماعت خلاف ٿورا قدم کنيا ويا
جيڪي ان پارٽي کي پسند نه آيا ۽ انهن جي
احتجاج بعد اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي هٽائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون،
تنهن باوجود ان بهادر شخص همت نه هاري هئي ۽ اهو ان پارٽي خلاف هڪ ديوار بڻجي بيهي
رهيو هو ۽ هن پاڪ ڪتاب کڻي اهي لفظ چيا هئا ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ
چاهي ٿي پر سندس ڳالهه تي ڪنهن به يقين نه ڪيو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهو به چيو
هو ته هو جنهن به ڏوهاري کي گرفتار ڪندو آهي ته اڳوڻو وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ انهن کي ڇڏرائي هليو وڃي ٿو،
جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهي بيان جاري ڪيا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪيون ته گونگي ميڊيا
کي زبان اچي وئي هئي انهن به ٿوري هممت ڪئي هئي ۽ ان پارٽي خلاف ڳالهائن شروع ڪيو
هو ۽ ان دوران ڪيترن ئي صحافين کي ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون، بهرحال هاڻ جڏهن نوازشريف
جي حڪومت قائم ٿي آهي ته تنهن ڏينهن کي ڪراچي ۾امن امان جي صورتحال ڪافي حد تائين
بهتر ٿي آهي، اهي ادارا جيڪي لياقت آباد ۽ ٻين هنڌن وڃڻ جي همت نه ڪندا هئا ۽ نه
انهن کي جرئت ٿيندي هئي اهي به انهن علائقن ۾ ڪارروايون ڪرڻ لڳا، ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ
جي سنڌ اي ڊي خواجا به پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هاڻ پوليس به نائن زيرو ڀرسان
ڪارروايون ڪري رهيو آهي،
ڪجهه عرصو
اڳ ڪراچي ۾ اهي افواهون هلنديون هيون ته ڪراچي ۾ اهڙي سياسي جماعت آهي جنهن کي
نيٽو جا هٿيار آهن ۽ اهي به افواهون هلنديون هيوون ته نيٽو جا هٿيارن وارا ڪنٽير
چوري ٿيا پر انهن جي ڪنهن به تصديق يا ترديد نه ڪئي هئي ۽ نه ان وقت قانون لاڳو
ڪندڙ ادارا ڪو خاص حرڪت ۾ آيا هئا. جڏهن به ڪراچي ۾ هڙتال ٿيندي هئي ته روڊن تي
رڳو باهيون هونديون هيون ۽ معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻايو ويندو هو
۽ اهو سلسلو هاڻ به هلندڙ آهي، سمورا شهري حيران ٿي ويا هئا ته آخر اهڙا خطرناڪ
هٿيار آيا ته آيا ڪٿان ۽ انهن هٿيارن جو مالڪ آخر آهي ته آهي ڪير پر ان جو هن وقت
تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ نه ئي ميڊيا کي ان بات بريفنگ ڏني وئي آهي. سوشل
ميڊيا تي به انهن بابت وڏا تبصرا هلي رهيا آهن ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته اهي
هٿيار ته صرف انهن هٿيارن جي هڪ بوند آهي جنهن بابت ماضي ۾ افواهون هلنديون هيون. بهرحال
هاڻ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ئي ذميواري آهي ته آخر انهن هٿيارن جو مالڪ آهي ته
آخر آهي ڪير؟ ۽ انهن خلاف ڪارروائي منتقي انجام تائين ڪڏهن پهچندي؟
ماضي ۾ جڏهن
به هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو هو ته پورو شهر ڪراچي بند ٿي ويندو هو پر قانون لاڳو
ڪندڙ ادارن جي ڪاررواين ۾ ان سياسي جماعت جو خوف ڪافي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي پر
خدشو هن وقت به موجود آهي ته هڪ دفعوو ٻيهر هن شهر جون حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون
ڇاڪاڻ پراڻي شراب کي نئين بوتل ۾ تبديل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جئين عمران خان چيو
هو ته جيڪي ڪرپٽ ماڻهو سندس پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن اهي فلٽر ۾ صاف ٿي پوءِ اچي
رهيا آهن ۽ اهو ئي فارمولو ڪراچي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ
ڪمال به ڪري رهيو آهي. جيڪو مطالبو ڪري
رهيو آهي ته جيڪي به ماڻهو ڪراچي مان گرفتار ڪيا ويا آهن انهن کي عام معافي ڏني
وڃي جئين بلوچن کي ڏني وئي آهي.هڪ طرف مصطفيٰ ڪمال اهو چئي رهيو آهي ته ايم ڪيو
ايم را جي اشاري تي ڪم ڪري رهي آهي ته ٻي طرف انهي پارٽي جي اڳواڻن کي چئي رهيو
آهي ته توهان پارٽي ڇڏي پي ايس پي شامل ٿيو، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته سڀ ماڻهو پي ايس پي ۾ هليا ويندا ۽ ڪو
به ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ نه رهندو ۽ سمورا پراڻا چهرا اسان کي پي ايس پي ۾ ڏسڻ لاءِ
ملندا. جڏهن رينجرز هڪ گهر تي ڇاپو هڻي جديد هٿيار هٿ ڪيا ۽ ميڊيا کي ڏيکاريا هئا
ته وقت ئي سمورا شهري حيران ٿي ويا هئا ته آخر اهڙا خطرناڪ هٿيار آيا ته آيا ڪٿان
۽ انهن هٿيارن جو مالڪ آخر آهي ته آهي ڪير پر ان جو هن وقت تائين پتو نه پئجي
سگهيو آهي ۽ نه ئي ميڊيا کي ان بات بريفنگ ڏني وئي آهي.
گذريل ڪجهه
عرصي کان ڪراچي ۽ لنڊن ۾ هڪ ٿرٿلو متل آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي
قتل ڪيس جي هن وقت تائين جاچ مڪمل نه ٿي
سگهي آهي، جنهن جو ڪيس وري پاڪستان ۾ داخل ڪيو ويو، هڪ طرف عمران فاروق ڪيس جي جاچ
اسڪاٽ لينڊ پوليس ڪري رهي هئي ته ٻي طرف وري هتي به ان ڪيس جي پيروي شروع ڪئي وئي
۽ اهو قدم تنهن وقت کنيو ويو جڏهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس ٻن ڄڻن کي سندن حوالي ڪرڻ
لاءِ پاڪستاني حڪومت سان رابطو ڪيو ويو هو، بهرحال هاڻ ايم ڪيو ايم باني کي مني
لانڊرنگ ڪيس مان آجو ڪيو ويو آهي، برطانوي حڪومت طرفان اهو چيو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت سهڪار نه ڪيو جنهن سبب
ڪيس کي ختم ڪيو ويو. اسڪاٽ لينڊ يارڊ طرفان بيان چيو ويو آهي ته متحده باني جي گهر
مان مليل لکين پائونڊن بابت ثبوت اڻپورا هئا، جنهن سبب 6 ڄڻن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس
ختم ڪيو.جڏهن ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستاني گهرو وزارت کان
مدد گهري وئي هئي جيڪا نه ملڻ سبب ڪيس ڪمزور ٿيو.
عدالت را
سان لاڳاپن بابت تفصيل پيش ڪرڻ جو چيو هو ٻي طرف وري وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار
چيو ته هڪ شخص جي ڪري هو برطانيا سان لاڳاپا خراب نه ٿا ڪرڻ چاهين. چوڌري نثار اهو
به چيو ته الطاف حسين جي گهران مليل هٿيارن جي لسٽ نائن زيرو ڀرسان هٿ آيل هٿيارن
۾ هڪجهڙائي آهي ۽ هاڻ هو عمران فاروق قتل ڪيس ۽ تشدد لاءِ ڀڙڪائڻ وارن ڪيسن جي پيروي ڪندا. هوڏانهن سرفراز
مرچنٽ ذاتي طور برطانوي حڪومت سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪري
ڇڏيو آهي.
سرفراز مرچنٽ چيو ته برطانيا کي ثبوت ناهن مليا ته هنن ڪيس ڪيئن هلايو هو، مون کيس جي آءِ ٽيءَ سامهون جلد بازيءَ ۾ پيش ڪيو
ويو، حڪومت برطانيا سامهون معاملو سنجيدگيءَ
سان کنيون ئي ناهي، ڀارتي فنڊنگ جو فاروق
ستار سميت
سڀني کي خبر آهي. بهرحال هاڻ برطانوي حڪومت ته پاڪستان کي ذميوار قرار ڏيندي متحده
باني سميت 6 ڄڻن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي
۽ هاڻ بچيو آهي وڃي عمران فاروق جو قتل
ڪيس، جنهن بابت به انتظار ڪرڻو پوندو ته ان بابت پاڪستان ۽ برطانيا ڪهڙو فيصلو ٿا
ٻڌائن، مني لانڊرنگ ڪيس بابت ته گهرو وزير
چوڌري نثار صاف صاف چئي چڪو آهي ته هڪ شخص جي ڪري هو برطانيا سان لاڳاپا خراب نه
ٿا ڪري سگهن.
No comments:
Post a Comment