Pages

Sunday, 16 October 2016

غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل ۽ بي حس معاشرو

صاحب خان ڀٽي
صوفين جي سرزمين کي ته ڪنهن نڀاڳي جي نظر لڳي آهي جو اڄ سنڌ قبيلن جهيڙن۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسمن جي ور چڙهي وئي آهي، ان جو ذميوار به اسان جو بي حس بڻجي ويل معاشرو آهي، جيڪڏهن ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو اثرائتو قدم کنيو وڃي ها ته اڄ هن صوفين جي ڌرتي تي عورت کي غيرت جي نالي تي قتل نه ڪيو وڃي ۽ نه ئي وري قبلائي تڪرارن  ۾ ڳڀڀرو نوجوان قتل ٿي وڃن ها. جيڪڏهن اڄ اسان جي معاشري ۾ ڏنڊ چٽي عيوض معصوم نياڻين کي پرڻائڻ واو رواج آهي ته ان جا به ذميوار اسان ئي آهيون. هونءَ سنڌ جو ڪو اهو شهر بچو ئي نه آهي جتي قبيلن جهڙن جي ڪري ڪو گهر اجڙيو نه هجي، جيڪب آباد، شڪارپور، نوابشاهه ۽ ڪچي وارن علائق  ۾ ته قبيلائي جهيڙا باهه جيان ڀڙڪي رهيا آهن، جنهن کي ختم ڪرائڻ ۾ حڪومت به بلڪل بي وس نظر اچي رهي آهي. قبيلائي جهيڙن سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ جيڪب آباد، نوابشاهه، شڪارپور ۽ ڪچي وارا علائقن آهن، ڪيتريون ئي اهڙيون برادريون آهن جن ۾ هن وقت به قبيلائي جهيڙو هلندڙ آهي، ڪجهه ڪچي جي اهڙا علائقا به آهن جتي ماڻهو قبيلائي جهيڙن سبب گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ انهن جا ٻار تعليم جي زيور کان به محروم بڻيل آهن، ڪجهه عرصو اڳ شهيد سنڌ بشير خان قريشي قبيلن جهيڙن کي ڪرائڻ لاءِ هڪ وک اڳتي وڌائي آهي، جنهن ۾ کيس تمام گهڻي اڳڀرائي به ملي هئي ۽ سنڌ اندر قبيلائي تڪرارن ۾ ٺاپر به آئي هئي پر افسوس جو اڄ هڪ دفعو ٻيهر قبيلائي جهيڙن ۾ واڌ اچي وئي آهي، جنهن لاءِ اڄ هڪ دفعو ٻيهر شهيد بشير خان قريشي جهڙن عظيم اڳواڻ جي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، بهرحال جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته قبيلائي جهيڙن  جو مک ڪارڻ يا ته زمين جي مالڪي جو تڪرار هوندو آهي يا وري ڪارو ڪاري وارا معاملا هوندا آهن. هونءَ ته سنڌ ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي غيرت جي نالي تي قتل وارا واقعا پيش ايندا رهندا آهن پر ڪجهه عرصي کان سنڌ اندر پلان وٺڻ لاءِ گهرن تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن کي به قتل وارن واقعن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس توڙي ٻين ادارن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ اندر ڪڌي رسمن ۽ جرڳائي نظام عام آهي جنهن سبب روز ڪٿي نه ڪٿي جرڳي ذريعي قتل ۽ ڏنڊ جون فتوائون جاري ڪيون وڃن ٿيون،  ڪڏهن معصوم نياڻين کي ڏنڊ عيوض پرڻايو وڃي ٿو ته ڪٿي وري ڳري رقم ڏنڊ طور مقرر ڪئي وڃي ٿي، ڪارو ڪاري ڪڌي رسم کان ويندي قبيلي جهڙائن تائين جيڪي به واقعا ۽ سانحا ٿين ٿا ان جو به ذميوار اسان جو معاشرو ئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر ڀوتارڪي، وڏيرڪي ۽ جاگيرداڻو نظام اڄ به قائم دائم آهي صرف تبديل ٿيا ته اهي صرف ماڻهن جا چهرا. جيڪڏهن اسان جو معاشري ۾ تعليم جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هر هڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته اڄ سنڌ اهڙين ڪڌي رسمن، جاگيرداڻي نظام کان آجي هجي ها ۽ ۽ ڪارو ڪاري ۾ نوجوان ۽ ڇوڪرين کي قتل نه ڪيو وڃي ها ۽ نه اسان جا ويران بڻجي ويل اسڪول بند ٿي وڃن ها ۽ نه اڄ سنڌ ۾ تعليمي نظام تباهه هجي ها، ان سمورن مسئلن جا ذميوار به اسان پاڻ ئي آهيون.
هونءَ ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڌي رسمن سبب عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جون خبرون به اخبارن جون زينت بڻيل رهيون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ به ڪجهه عرصو اڳ عورت کي گاڏي ۾ ساڙيو ويو هو، جنهن بابت اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو هو ته عورت کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو، مشهور ماڊل قنديل بلوچ کي به مولوي کي بي نقاب ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ غيرت ۾ اچي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي به هن وقت تائين صرف جاچ هلندڙ آهي، ڪجهه دانشورن ۽ اديبن جو خيال آهي ته تعليم جي گهٽتائي سبب جاهل ماڻهو غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه جاهليت سبب عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪندا آهن، بهر حال تعليم جي گهٽتائي به جاهليت جو هڪ وڏو سبب آهي پر پڙهيل لکيل طبقي ۾ به عورتن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ وارا واقعا معمول بڻيل آهن، اهڙو  هڪ واقعو پنجاب جي شهر جهلم ۾ به پيش آيو، جتي برطانوي عورت سامعه کي به قتل ڪيو ويو هو، پر افسوس جو انهن جوابدارن کي به هن وقت تائين ڪا عبرتناڪ سزا ناهي ملي سگهي، ڳڙهي خيري ۾ به ڪارنهن الزام هيٺ هڪ عورت کي قتل ڪيو ويو هو، هنڱورجن ۾ به پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زبردستي گهرائي نوجوان ڪامران ۽ ناري سباس طاهرا کي زهر ڏنو  ويو هو، جن کي ڳڻتي جوڳي ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو،جتي نوجوان ڪامران دم ڏئي ڇڏيو هو پر افسوس جو پوليس انهن جوابدارن خلاف به ڪا خاص ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي. جنهن مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته قانون جا رکوالا ئي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن. هاڻ جڏهن بل به منظور ڪيو ويو  آهي ته هر هڪ جي ذهن تي اهو سوال آهي ته آخر ان بل تي عمل ڪرائيندو ته ڪرائيندو ڪير؟ ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي به بل پاس ٿي چڪا آهن ته عمل ٻڙيءَ برابر ٿيو آهي.
بهر حال سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جي واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي بل پاس ڪرڻ سان گڏ عملي قدم کڻڻا پوندا ۽ ڪامورن کان به سهڪار حاصل ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڪامورا جرڳا ڪرائيندا آهن ۽ انهن ئي جرڳن ۾ ئي ڪاري ڪاري جي ڪڌي رسم کي ورجايو ويندو آهي، ڪامورن جي انهن جرڳن ۾ ڪنهن نه ڪنهن  عورت کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي يا سڱ چٽي عيوض ننڍڙي عمر جي نينگري کي وڏي عمر واري سان پرڻائڻ جي فتويٰ جاري ڪئي ويندي آهي، اهڙا کوڙ سارا جرڳا سنڌ ۾ به ٿي چڪا آهن پر افسوس جو اهڙن جرڳن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن.  سيپٽمبر 2010 ۾ ٽنڊي آدم مان ٻن عورتن سميت چار ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا هئا، جن بابت به اهو ئي ٻڌايو ويو هو ته انهن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو. 8 جون 2011ع ۾ قاضي احمد ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري کي قتل ڪيو ويو هو. 7 مارچ 2015 ع ۾ لاڙڪاڻي ويجهو هڪ شخص پنهنجي ڀيڻوي کي ڪارنهن جي الزام قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته پلاند ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 2 عورتون زخمي ٿي پيون هيون. 16 سيپٽمبر 2016ع ۾ ديري مراد جمالي جي ڳوٺ گل گهنور ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ هڪ جوڙي کي قتل ڪيو  ويو هو،29 آگسٽ 2016 ۾ رتيديري ويجهو وارث ڏني ماڇي ٿاڻي جي حد ۾ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو هو. بخشا پور ويجهو به ڪچي جي علائقي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪيو هو. 5 آڪٽوبر 2016 تي به جيڪب آباد ۾ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پوليس گرفتار به ڪيو هو. شهدادڪوٽ ۾ پ پ ايم پي اي نادر مگسي وٽ سام بڻيل ناري کي به غيرت جي نالي ۾ بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو، پ پ ايم پي اي نادر مگسي خاطري بعد ناري کي مائٽن حوالي ڪيو هو  پر افسوس جو  ان ناري کي قتل ڪيو ويو.
ٻڌڻ ۾ آيو هو ته مقتولا شبانا بروهي جي پيءُ اڳ به پنهنجي سئوٽ کي ڪاري ڄاڻائي قتل ڪيو. بهرحال نادر مگسي به ناري کي قتل جو ڪو نوٽيس نه ورتو ۽ نه ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ آيا هئا، جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته اهي جوابدار قانون کان به ڏاڍا  آهن جنهن سبب قانون جا آفيسر انهن جي ڳچي ۾ رسو وجهڻ کان لنوائي رهيا آهن. ڪجهه عرصو اڳ ميرپورخاص ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ عورت کي قتل ڪيو ويو هو، بهرحال اسان جي معاشري ۾ هن وقت به غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي فخر سان ڏٺو  پيو وڃي، جيڪڏهن انهن کي نفرت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ۽ غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ته شايد اهڙن عنصرن کي ڪڏهن به غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي همت نه ٿيندي، ڪجهه ماڻهو مذهبي تهمت لڳائي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي قتل ڪندا آهن ته ڪجهه وري غيرت جي نالي تي پريمي جوڙي کي ماري ڇڏيندا آهن، اهڙن واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جيستائين اسان جو سمورو سماج گڏجي هڪ آواز نه ٿيندو تيستائين اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي نه ايندي.ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي ۾ 17 سالن جي ڪنوار کي سندس بي حس، بي رحم ۽ نالي ماتر غير ت جي علمبردار ور شادي جي پهرين رات قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد جوابدار اعتراف ڪيو هو ته هن ڪنوار کي ان ڪري قتل ڪيو جو هوءَ ڪنواري نه هئي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جو سماج به تمام گهڻو بي حس آهي، جنهن سبب اهڙن قسمن جي قتل ڪرڻ کي پنهنجي غيرت ۽ فخر محسوس ڪندا  آهن ۽ اهو به سمجهڻ لڳندا آهن ته اهڙي عمل سان سندن وقار ۽ شان ۾ اضافو ٿيندو. هن ملڪ ۾ اهو الميو رهيو آهي ته اهڙا کوڙ سان قتل ٿيندا رهندا  آهن پر افسوس جو انهن قتلن کي قانون جو حصو ناهي بڻايو ويو ۽ نه ئي وري ڪو ڪنهن  کي هٿ لائڻ يا قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن قانون جي پاسداري ڪئي وڃي، انهن غيرتي ماڻهن کي عبرت ناڪ سزائون ملي وڃن ها ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي تحفظ ضرور ملي وڃي .
هاڻ به وقت نه ويو آهي اسان سڀني کي سنڌ مان قبيلائي جهيڙن ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ  آواز ٿيڻو پوندو ته جئين مستقبل ۾ ڪنهن کي قبيلائي تڪرار سبب ڪنهن جي گهر تي حملو ڪري معصوم ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جي همت نه ٿي ۽ نه اههڙا سانحا سنڌ ٻيهر پيش اچي سگهن جن کي ٻڌڻ سان هر هڪ جو هانءُ ڦاٽي ٿو پئي، سنڌ حڪومت کي به گهرجي جتي به قبيلائي تڪرار هلندڙ آهن، انهن  خلاف ڪارروائي ڪري ته جئين انهن علائقن ۾ امن قائم ٿي سگهي ۽ ويران بڻجي اسڪول ٻيهر آباد ٿي سگهن ۽ انهن علائقن جا به ٻارڙا  تعليم جهڙي زيور کان مالا مال ٿي سگهن ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن قبيلائي جهڙن جي پٺڀرائي ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا قبيلائي تڪرار به هلندڙ آهن جن کي ڪجهه ڪامورن جو آشيرواد حاصل آهي، اهو تڏهن ئي ختم ٿي سگهي ٿو جڏهن قانون تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، هونءَ ته عدالت سڳوري جرڳو ڪندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم به ڏئي چڪي آهي پر افسوس جو قانون جا رکوالا ان حڪم کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه ٿي رهيا آهن جنهن سبب روزاني ڪنهن نه ڪنهن ٽي وي چينل تي اهي خبرون نشر ٿينديون رهنديون آهن اڄ سکر ۾ جرڳو ٿيو، اڄ ڪنڊياري، جيڪب آباد ۾ جرڳو ٿيو ۽ ڏنڊ عيوض سڱ چٽي طور ڏيڻ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي، اهڙن خبرن باوجود به ڪارروائي نه ٿيڻ به ڳڻتي جوڳو آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي جلد کان جلد قدم کڻڻو پوندو ته جئين صوفين جي ڌرتي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿئي ۽ جرڳائي نظام ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪڌي رسم کي ٻنجو اچي سگهي.

No comments:

Post a Comment