Pages

Tuesday, 18 October 2016

تبديلي پسندن جا تبديل ٿيندڙ اعلان

صاحب خان ڀٽي
پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد کي 30 آڪٽوبر تي بند ڪرڻ واري اعلان جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته هاڻ 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرڻ چتاءُ ڏنو ويو آهي ته ٻي طرف وري نواز ليگ طرفان قانوني دڳ ورتو ويو آهي ۽ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته هو  اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري ڌمڪي کي قانوني طور منهن ڏيڻ لاءِ عدالت سان رابطو  ڪندا. هڪ طرف تحريڪ انصاف سربراهه چئي رهيو  آهي ته جيڪڏهن سندن احتجاج کي روڪيو ويو ته حالتن جو ذميوار نواز سرڪار هوندي ته ٻي طرف وري بلاول ڀٽي زرداري به اهو اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن چار مطالبا نه مڃيا ويا ته هو به ڳڙهي خدا بخش ۾ احتجاج جو اعلان ڪندو، بهرحال هاڻ نواز سرڪار لاءِ ايندڙ ڏينهن تمام ڏکيا نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف عمران خان نواز سرڪار خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به نون ليگ کي احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي،  هونءَ ته ملڪي حالتون تمام گهڻو خراب آهي، سرحد تي به ڪافي ساري ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ته پاڪستان ۽ انڊيا جي سرڪارن  طرفان به هڪ ٻئي تي پابنديون هنيون آهن،
ڀارت ۾ مذهبي انتهاپسند پاڪستاني ادارن تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري رهيا ۽ انهن کي ڌمڪيون پيون ڏنيون پيون وڃن ته ٻي طرف پاڪستاني حڪومت طرفان ڀارتي چينل، فلمون ڊرامه ۽ ڪارٽون وغيره، مطلب ته ڀارتي چينل ڏيکاري تي پابندي لڳائي وئي آهي ۽ جيڪو ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي انهن خلاف ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي، انڊيا۾ به هاڻوڪي سرحدي ڇڪتاڻ بعد پاڪستاني فنڪارن کي ڌمڪيون ملڻ جو سلسلو  شروع ٿي ويو آهي، جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ويڇا تمام گهڻو وڌي ويا آهن، وزيراعظم نواشريف پاران به  والارين ڪشمير جي حق خودداريت لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سرحد وٽ به ڀارتي جارحيت جو سلسلو  جاري آهي، ٻي طرف وري ڪجهه عرصو اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار طرفان اهو بيان به ڏنو ويو هو ته آزادي جي جنگ وڙهندڙ دهشتگرد ناهن ٿيندا، والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جنگ وڙهندڙن کي ڀارت دهشتگردي جو رنگ ڏئي رهيو  آهي،بهرحال سرحدي ڇڪتاڻ پنهنجي جڳهه تي آهي جنهن جو جواب پاڪستان جي فوج ڀرپور نموني ڏئي به رهي آهي پر اهڙي صورتحال هوندي به ملڪ اندر احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي،
 اهو ئي سبب آهي جو هر هڪ عمران خان جي رائيونڊ واري ڌرڻي به ڪو خاص دٻاءَ وزيراعظم نوازشريف تي نه وڌو آهي. هونءَ ته عمران خان پنهنجي هر تقرير ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته هو هڪ ڏينهن وزيراعظم نوازشريف کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم نوازشريف ڪرپشن ڪئي آهي ۽ سندس احتساب ٿيڻ لازمي آهي پر افسوس جو ان عمل ۾به کيس ڪا  خاص اڳڀرائي نه ملي سگهي آهي جنهن سبب ملڪ اندر صرف احتجاجن ۽ ڌرڻن واري سياست هلي رهي آهي، جڏهن تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان رائيونڊ  ۾ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو هو ته انن وقت اهو چيو پيو ويو ته حڪومت ختم ٿي ويندي، پنجاب جي قانون واري وزير ته  عمران خانن جي رائيونڊ واري ڌرڻي بابت چيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن وٽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀاڙو وغيره نه هجي ته کائنس وٺي سگهي ٿو، جڏهن رائيونڊ ڌرڻي جو اعلان  ڪيو ويو هو ته ان وقت نواز سرڪار تي به دٻاءُ وڌي ويو هو ۽ چيو ويو هو ته جيڪڏهن رائيونڊ طرف ڪنهن به وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي انهن جون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيندا  پر ان کان اڳ ئي شايد ٻنهي پارٽين ڳٺ جوڙ ٿي ويو هو جنهن سبب اهو جلسو اپرمن ٿي ويو هو، ان کانپوءِ 30 آڪٽوبر تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان ڌڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد به پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻن ڊاڪٽر طاهر القادري کي پرچائڻ لاءِ ويا هئا پر ڊاڪٽر طاهر القادري ڌرڻي ۾شرڪت کان معذرت ڪئي هئي. اهڙين خبرن جي سڀ کان اڳ ۾ ته جهانگير ترين ترديد ڪئي هئي پر ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ جهانگير ترين اهو تسليم ڪيو ته هو،
بهر حال هاڻ جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري ڌمڪي جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو احتجاج ايترو ڪامياب نه وڃي سگهندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ملڪ جي گادي واري شهر کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن انهن جو عوام شايد ساٿ نه ڏئي، ان جا به ڪيترائي ڪارڻ آهن ڇاڪاڻ ته نواز سرڪار اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري ڌمڪي کي مودي سرجيڪل اسٽرائيڪ قرار ڏئي رهيا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته هو ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد کي بند ٿيڻ نه ٿيندا،، ايتري قدر جو مسلم ليگ ننون جي اڳواڻن طرفان چيو ويو آهي ته جيڪي اسلام آباد کي بند ڪرڻ چاهين ٿا اهي ملڪ جي ترقي جا دشمن آهن، جنهن سبب پنهنجي ٽڪساٽ ذريعن ملڪ جون حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي رهيا ۽نواز سرڪار انهن جي ارادارن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ  فيصل واڍا چيو هو ته پرامن احتجاج سندن جو حق آهي ۽ عمران خان جي سڏ تي هو پورو پاڪستان بند ڪري ڏيکاريندا ۽ ضرورت پئي ته ڪراچي کي ٻيهر بند ڪري ڏيکاريندا. ٻي طرف وري ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندي وفاقي راڄڌاني کي بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ ملڪ جا خيرخواهه ڪيئن ٿا ٿي سگهن، عمران خان چاهي ٿو ته سڀ مٿي هليا وڃن ۽ هو وزير اعظم بڻجي. خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته عمران خان جمهوري عمل خراب پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سڄي قوم ان جي عزمن کان چڱي ريت واقف آهي.
بهرحال ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن طرفان هڪ ٻئي تي لفظن جا تير هنيا پيا وڃن، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا آخر 2 نومبر تي جيڪو اسلام آباد کي بند ڪرائڻ واري جيڪا ڌمڪي ڏني آهي ان تي عمران خان قائم رهندو يا وري جئين تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي ائين هنڌ به تبديل ڪيو ويندو. هونءَ ته عمران خان وزيراعظم نوازشريف خلاف ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪري رهيو آهي جنهن دوران هو وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو به ڪندو رهيو  آهي پر وزيراعظم ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهيي، پر ان باوجود عمران خان پنهنجي منزل تائين پهچڻ لاءِ احتجاجن جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي تي ٻي طرف وري پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي آڏو 4 مطالبا رکندي  27 ڊسمبر کانپوءِ لانگ مارچ جو چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته  نواز شريف سندس چار ڳالهيون مڃي، ڪار ساز وٽ شهداءَ ريلي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته قومي سلامتي بابت پالياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، 2 پ پ جو پاناما بل پاس ڪرايو وڃي، 3 آصف زرداري جي سي پيڪ بابت اي پي سي ۾ پاس ڪيل ٺهرائن تي عمل ڪيو، 4 ملڪ ۾ فوري طور پرڏيهي وزير آندو وڃي. هاڻ ڏسڻ اهو آهي ته عمران خان 2 نومبر تي اسلام آباد کي بند ڪرائي وٺندو يا  وري جئين ماضي جا جيڪا احتجاج ۽ ڌرڻا ڏٺا آهن هي به اعلان ئي ٿيندو جنهن جو ڪو به نتيجو نه نڪرندو، جئين هن وقت تائين اسان ڏسندا پيا اچون.

No comments:

Post a Comment