Pages

Wednesday, 14 December 2016

حلب ۾ اتحادي فوج ۽ داعش جي ظلم جي انتها..!!

صاحب خان ڀٽي
شام مظلومن جو اهو شهر آهي جتي ڏاڍ، زور زبردستي، قهر، جبر ۽ ظلم اڄ به ٿي رهيو آهي جنهن جو داستان پنهنجي جاءِ تي وڏو سانحو آهي، هر دور جا يزيد مظلومن تي ظلم، بربريت، وحشتون ۽ دردندگيون ڪندا رهندا. اڄ به هزارين خاندان اجڙي چڪا آهن، هزارين شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي معصوم ٻارڙا يتيم ٿي چڪا آهن، هر طرف معصوم ٻارڙن جون دانهون ۽ ڪهياٽ آهن، ڪڏهن ٻارڙن جي اسپتال تي بمباري ڪئي وئي ته ڪڏهن آبادي وارن علائقن تي گولا وسايا ويا پر ان باوجود ڪنهن به ملڪ ان خلاف آواز نه اٿاريو ۽ نه وري ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ شام ۾ ٿيل اتحادي فوج، شامي حڪومت ۽ داعش خلاف آواز بلند ڪيو ويو، پر هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ شام جي شهر حلب ۾ جنگ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري فوج حلب جو ڪنٽرول به حاصل ڪري ورتو آهي ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته باغي گروپ پنهنجي خاندانن سميت حلب کي ڇڏي ويندا ۽ اهو عمل گذريل ڏينهن کان شروع به ٿي چڪو آهي پر لڳي نه ٿو ته اتحادي فوج حلب ۾ گهڻو دير تائين پنهنجو ڪنٽرول برقرار سگهي، ان جا به کوڙ سارا سبب آهن هڪ ته بشارالاسد جا حامي آهن ته ٻي طرف وري عام شهري جيڪي نه ته بشارالاسد جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ نه ئي وري ويڙهاڪن جي ڪا سپورٽ ڪري رهيا آهن ۽ اهي ماڻهو آهن جيڪي شام جي مختلف شهرن مان لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪڏهن اهي شام جو رخ اختيار ڪن ٿا ته ڪڏهن وري ترڪي ڏانهن سفر ڪن ٿا ۽ ان سفر ۾ هن وقت تائين ڪيترن ئي مصوم ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.
شام خطي جو اهو واحد ملڪ آهي جتي دهشتگردي سبب هزارين معصوم ماڻهو مارجي چڪا آهن، ڪڏهن شامي فوج هٿان شهري ماريا ويا ته ڪڏهن اتحادي فوج بمباري ڪري انهن کي هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيو، ته ڪڏهن وري داعش انهن جا سر قلم ڪري ڇڏيا پر ان باوجود سعودي عرب کان ويندي گڏيل قومن تائين سمورن ملڪن صرف بيان ئي ڏنا ۽ عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪي خاص اپاءُ نه ورتا ويا جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هزارين خاندان پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. اڄ به شام جا شهري ان آس ۾ آهن ته ڪڏهن ڪو سندن سار لهندو ۽ جاري ويڙهه مان کين ڇٽڪارو ڏياريندو پر افسوس نه ته انهن مظلومن لاءِ هن وقت تائين ڪو مسيحا پيدا ٿيو آهي ۽ ئي وري ڪو ملڪ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.هڪ طرف آمريڪا بشارالاسد جي حڪومت تي ڏمريل آهي ته ٻي طرف وري بشارالاسد ۾ به حڪومت کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه وٺي رهيو آهي، انهي سڄي صورتحال متاثر ٿي رهيو آهي ته شام جو بيگناهه عوام ئي متاثر ٿي رهيو آهي. جڏهن شام ۾ اتحادي فوج ۽ ويڙهاڪ گروپن پنهنجيون پنهنجيون ڪارروايون تيز ڪيون ته ان وقت ماڻهو شام کي ڇڏڻ شروع ڪري ڏنو هو پر بشارالاسد جي مخالفن توڙي حامين کي اها ڳالهه پسند نه هئي جنهن سبب شهرن کي ڇڏيندڙن کي يرغمال بڻايو ويو،
شام ۾ عورتن کي يرغمال بڻائڻ جو خبرون ميڊيا تي اينديون رهيون ته ڪڏهن وري گڏيل قومن جي قافلي تي حملا به ڪيا ويا پر ان سڄي صورتحال تي سعودي صرف بيان ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به قدم نه کنيو  هو، جڏهن آمريڪا اعلان ڪيو و ته شام ۾ جنگ بندي ڪئي وئي آهي ته ان وقت حلب شهر مان ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته انهي علائقي ۾ داعش طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو ۽ حلب شهر ۾ داعش جو مڪمل ڪنٽرول هو، جنهن سبب اتان جا رهواسي حلب کي ڇڏي به نه پيا سگهن.پرڏيهي ميڊيا ته اهي خبرون به نشر ٿيون هيون ته حلب شهر مان ڪيتريون ئي عورتون بازياب ٿي گهر واپس پهچي ويون آهن. ڪجهه عورتن ته اهڙا انڪشاف ڪيا جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان ئي جهڪي پوندو آهي. بهرحال ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هن وقت انهن عنصرن جي قيد مان ڪافي ساريون عورتون آزاد ٿي چڪيون آهن ۽ ڪجهه عورتون اڃا ۾ قيد ۾ آهن. جڏهن شام ۾ گڏيل قومن طرفان جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو هو ته آمريڪا ۽ روس طرفان ان جي حمايت به ڪئي وئي هئي ۽ آمريڪا طرفا چيو ويو هو ته جنگ بندي صرف حلب ۾ ڪئي وئي، ڇاڪاڻ سڀ کان وڌيڪ متاثر  شهر صرف حلب ئي هيو، جنهن تي داعش جي ويڙهاڪن جو ڪنٽرول هو. 22 جولاءِ 2016ع تي آمريڪا طرفان بشارالاسد ججي حڪومت تي نيون پابنديون به لڳايون ويون هيون ۽ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته شام ويو ته شام جي 8 ماڻهن ۽ 7 ڪمپنين کي به پابندين واري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، بيان ۾ اهو چيو ويو هو ته آمريڪا بشارالاسد جي حڪومت لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڪندڙ هر فرد ۽ ڪمپني خلاف قانون قدم کڻندو. ٻي طرف وري 25 اپريل 2016 ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما طرفان بيان ڏنو ويو هو ته شام ۾ زميني فوج موڪلي بشارالاسد جي حڪومت ڪيرائڻ غلطي هوندي.
 آمريڪي صدر ته اهو به چيو هو ته سند دور جي آخري 9 مهينن ۾ داعش جو خاتمو ٿي سگهندو ۽ اوباما شام مسئلي تي ڏک جو به اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته شام جو مسئلو دل ڏکوئيندڙ ۽ انتهائي ڳنڀير آهي پر جڏهن صدارتي چونڊن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو ته ان سڀ کان پهريان شامي اپوزيشن جي هٿيارن واري امداد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پنهنجي مخالف اميداور هيلري ڪلنٽن تي شامي اپوزيشن کي هٿيارن واري امداد ڏيڻ جا الزام به لڳايا هئا ۽ چيو هو ته هيلري ڪلنٽن شام ۾ ويڙهاڪن کي هٿيار فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن الزام کان اهو محسوس ٿي رهيو هو ته حالتون خراب ڪرڻ ۾ انهن ڌرين جو هٿ هو، هڪ طرف اتحادي فوج شام ۾ ڪارروايون ڪري رهي  هئي ته ٻي طرف وري آمريڪا شامي اپوزيشن کي هٿيار فراهم ڪري رهيو هو، بهرحال ڊونالڊٽرمپ ڪاميابي بعد شام بابت اهو به چيو هو ته شام بابت سندس نظريون ماڻهن کا مختلف آهي ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن روس بشارالاسد جي حڪومت جي مدد ختم نه ڪئي ته ڇڪتاڻ وڌي ويندي. جڏهن نيويارڪ ۾ شام صورتحال بابت سڪيورٽي ڪائونسل ۾ اجلاس ٿيو ته ان وقت اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته حلب ۾ هاڻ جنگ نه ڪئي ويندي ۽ اها دعويٰ به ڪئي وئي هئي ته سرڪاري فوج شام جي شهر حلب ۾ ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته انهي اجلاس ۾ آمريڪا طرفان اهو مطالبو ڪيو ويو هو ته شام صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الاقوامي ماهرن کي موڪليو  وڃي جيڪي حلب ۾ ويڙهاڪن جي نڪرڻ واري عمل جو جائزو وٺي سگهن،
جڏهن ته آمريڪي سفير منٿا پاور چيو هو ته وٽن سرڪاري فوج هٿان عام شهرين جي مارجڻ جا اطلاع آهن،شام ۾ ماڻهو قتل جي خوف سبب خوفزده ٿيل آهن، سفير سمنٿا پاور طرفان شام، روس ۽ ايران حلب ۾ شهرين ي مارڻ جي ذميواري قبولن ڪن، 3 اڪٽوبر 2011ع ۾ شام جي هڪ اسڪول تي به بمباري ڪئي وئي هئي. جنهن ودران ڪافي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ  اطلاع ملي هئا.9 جولاءِ 2016 ۾ شام ۾بمباري، شيلنگ۽ چڪرين سبب 60 کان وڌيڪ عام شهري مارجي ويا هئا. 25 جولاءِ 2015ع۾  هوائي فوج شام ۾ دعاش ڪرد ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي هئي. 23 سيپٽمر 2014ع تي آمريڪا سندس اتحادي ملڪن داعش خلاف شام ۾ هوائي حملو شروع ڪيو ويو هو ۽ داعش جي ٺڪاڻن کي هوائي فوج نشانو بڻائڻو پوندو. پهرين جون 2016ع  ترڪي جنگي جهازن ببماري ڪئي هئي، جنهن دوران 14 دهشتگردن کي ماريو ويو هو. 13 آگسٽ 2016 ۾ رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته شامي فوج ۽ اتحادي فوج حلب شهر ۾ ڪلورين گيس جو استمال ڪيو ويو هو. جنهن تي به آمريڪا طرفا به ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي هئي. 28 آگسٽ 2016 ۾ ترڪي جنگي جهازن شام ۾ بمباري ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ڪيترائي معصوم شهري ماريا ويا هئا.جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا هئا. 20 اڪٽوبر 2016ع ۾ شام جي شهر ۾ انساني همدردي جي بنيادن تي عارضي جنگ بندي جو اعلان ڪيو وي و هو، روس طرفان انساني همدرن جي فرياد تي جنگي بندي ڪئي وئي وئي، 17 سيپٽمبر 2016ع ۾ آمريڪي جاسوس جهازن فوجين جي حملي ۾ 60 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا هئا. بهرحال هن وقت شام جي شهرين جون حياتون داءُ تي لڳل آهن ۽ هڪ طرف اتحادي فوج جو رويو عوام سان بهتر نه آهي ته ٻي طرف متاثرن سان انتظامه اڍنگو رويو استعمال ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ گڏيل قون طرفان شام صورتحال بابت ڪيترائي ڀيرا اجلاس ٿيا پر ان باوجود شام مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي، گڏيل قومن کي گهرجي ته جلد کان جلد شام ۾ امن ڪرايو وڃي ته جئين اتان جا ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن.


No comments:

Post a Comment