صاحب خان ڀٽي
شام ۾ هزارين ماڻهن جي قتل بعد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾حلب مان باغين جي
خاندانن سميت لڏپلاڻ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ماهرن کي موڪلڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائڻ جو
فيصلو ڪيو ويو هو پر ان کي ڪنهن سبب جي ڪري هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو، اڃا
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شام بابت ووٽنگ ۾ وقت ڪافي پيو هو ۽ سڀني کي اهو ئي
انتظار هو ته آخري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ شام مستقبل بابت ڪهڙو فيصلو
ٿيندو؟ شام مسئلي تي اڃا سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هلي ئي رهيو هو ته اچانڪ ترڪي جي
شهر انقره ۾ مقرر روسي سفير آندري ڪارلوف کي
ترڪي جي هڪ اڳوڻي پوليس آفيسر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته روسي
سفير آندري ڪارلوف انقره ۾ هڪ تصويري نمائش ۾ آيو هو ۽ پاڻ سان گڏ ڪا سڪيورٽي به
کڻي نه آيو هو، جنهن سبب حملي آور کيس آساني ۾ قتل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ٻڌڻ ۾ آيو
آهي ته حملي آور روسي سفير کي قتل ڪرڻ کان اڳ شام بابت ڳالهايو ۽ چيو ته جيستائين
شام ۾ سندن ڀائر مرندا رهندا تيستائين ڪير به محفوظ نه رهندو، جيتوڻيڪ هن وقت
تائين ترڪي ۾ ٻي ڪنهن تنظيم ان حملي جي ذميواري نه قبول ڪئي آهي پر ان باوجود
آمريڪي طرفان حملي جي جاچ ۾ مدد جي آڇ ڪئي وئي آهي.
بهرحال ترڪي آمريڪا جي مدد واري آڇ کي قبول ڪري يا نه ڪري اهو ترڪي جو اندروني
معاملو آهي پر ترڪ صدر طيب اردگان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هو روسي سفير
آندري ڪالوف جي قتل جي جاچ گڏجي ڪندا، ٻي طرف وري ڊونالڊ ٽرمپ به روسي سفير جي قتل
جي مذمت ڪندي چيو هو ته اهو حملو اسلامي
دهشتگرد ڪيو آهي، اهڙي بيان مان لڳي رهيو آهي ته هيلري ڪلنٽن جيڪي به ماضي ۾ ڊونالڊ ٽرمپ بابت چيو هو، اهو سئو سيڪڙو سچ هو ۽ ڇاڪاڻ ته صدر چونڊجڻ بعد
به سندس ذهن ۾ اسلامي فوبيا آهي جيڪو کيس اهڙا
بيان ڏيڻ تي مجبور ڪري رهيوآهي، هونءَ ته
پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طرفان روسي سفير جي قتل واري واقعي جي
مذمت ڪئي آهي پر ترڪي جي مذهبي جماعت جي
اڳواڻ فتح الله گولن طرفان جيڪي مذمت ڪئي وئي آهي، اها تمام گهڻي اهم آهي، ڇاڪاڻ
ته ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان آمريڪا کان ڪيترائي ڀيرا فتح الله گولن جي
حوالگي جو مطالبو ڪندو رهيو آهي پر آمريڪا
اهڙي مطالبي کي مڃڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو
هو، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي ڪو پهريون واقعو نه آهي جنهن تي روس ترڪي کان ناراض ٿيو
هجي اڳ به ترڪي فوج روسي جنگي جهاز کي سرحدي علائقي ويجهو ڪرائي تباهه ڪيو هو جنهن
تي روس پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو هو.
جڏهن ترقي ناڪام بغاوت جي ڪوشش ٿي هئي ته ان وقت ترڪي ۽ روس وچ ۾ ويجها لاڳاپا
قائم ٿي ويا هئا ۽ ٻنهي ملڪن طرفان سمورا اختلاف وساريا به ويا هئا پر افسوس
جو هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪي ۽ روس جا لڳاپا خراب
ٿي چڪا آهن، ٻنهي ملڪن طرفان سخت ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن جو اندازو ٻنهي ملڪن
طرفان جاري ڪيل بيانن مان لڳائي سگهجي ٿو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ترڪي پوليس اڳوڻي ترڪ
پوليس اهلڪار جي ماءُ ۽ ڀيڻ سميت 5 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو ، جنهن بابت اهو
به ٻڌايو ويو آهي. روسي سفير تي حملو ڪندڙ اڳوڻو ترڪ آفيسر هو. جنهن کي برطرف ڪيو
ويو هو، جنهن جو تعلق دهشتگرد تنظيم فيٽو سان هو. ترڪ ميڊيا طرفان چيو ويو ته روسي
سفير کي حملي آور 9 گوليون هڻي قتل ڪيو، جڏهن ته روسي سفير جي قتل واري واقعي بعد
روس طرفان معاملو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو ويو، ايتري
قدر جو روسي صدر سڄي دنيا جي سفيرن جي سڪيورٽي
وڌائڻ جي به هدايت ڪئي، ٻنهي صدرن وچ ۾ روسي سفير جي قتل واري وقعي تي
خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي،
ترڪي صدر رجب طيب ارگان ته روسي سفير جي قتل واري واقعي ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب
ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي ۽ ترڪ صدر اعلان به ڪيو ته هو روس سان گڏجي روسي
سفير جي قتل جي جاچ ڪندا. ترڪ پرڏيهي وزارت طرفان به اهو بيان جاري ڪيو ويو ته
روسي سفير جي قتل واري واقعي جي جاچ ۾ کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، رپورٽ اچڻ
بعد ئي بيان جاري ڪيو ويندو. ترڪ پرڏيهي وزارت طرفان اهو به بيان جاري ڪيو ويو هو
ته روسي سفير جي قتل واري واقعي سان انقره ۽ ماسڪو جي لاڳاپن کي نقصان نه پهچندو،
جڏهن ته دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين بالاروس طرفان چيو ويو ته سازشي عنصرن جو مقصد روس
۽ ترڪي کي وڙهائڻ آهي. جنهن کي هو ناڪام بڻائيندا، ٻي طرف وري روسي صدر ولادي مير
پيوٽن روسي سفير جي قتل جي سخت لفظن ۾
مذمت ڪندي چيو ته هو اهڙي عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، هو هر صورت ۾ آندري
ڪارلوف جي قتل جي جاچ ڪندا، پرڏيهي ميڊيا ۾ خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته مقتول روسي
آندري ڪارلوف پنهنجي آخري خط ۾ لکيو هو ته تباهه ڪرڻ آسان ۽ تعمير هميشه مشڪل
هوندي آهي، آندري ڪارلوف ترڪي ۾ سفير مقرر ٿيڻ کان ٽن ڏهاڪن تائين اتر ڪوريا ۾
پنهنجا فرض سرانجام ڏنا هئا.
ٻي طرف وري روسي سفير جي قتل بعد حملي آور جي وڊيو به منظر عام تي آندي وئي
جنهن ۾ هو اڳ ۾ هوائي فائرنگ ڪري ٿو ۽ بعد ۾ روسي سفير گوليون هڻي قتل ڪيو. حملو
ڪندڙ شخص حملي کان اڳ شام ۾ جارحيت ڪندڙ هرڀائيوار کي نتيجا ڀوڳڻا جون ڌمڪيون به
ڏنيون . ايتري قدر جو حملي آور چيو هو ته جيستائين شام ۾ سندن ڀائر محفوظ ناهن،
تيستائين ڪو به محفوظ نه رهندو،
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته روسي سفير ڪو پهريون
شخص نه آهي جيڪو ترڪي ۾ قتل ٿيو هجي، روسي سفير کان اڳ استنبول ۾ مقرر اسرائيل جي قونصل
جنرل کي 1971 ۾ اغوا بعد قتل ڪيو ويو هو، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اسرائيلي
قونصل خاني جي جنرل ايفر اهيم الروم کي شدت پسندن مطالبن جي منظوري لاءِ اغوا ڪيو
هو، 2003ع ۾ به ترڪي جي شهر استنبول ۾ برطانوي قونصل جنرل راجر شارٽ تي حملو ڪري
کيس قتل ڪيو ويو هو. گريبو يدوف کي به 1829ع ۾ تهران ۾ ميڙ ۾ بيدردي سان قتل ڪيو
ويو هو.
بهرحال هن ڀيري اڳ کان حالتون وڌيڪ خراب آهن، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ ترڪي جو عروج هو
پر ناڪام بغاوت کانپوءِ ترڪي جي طاقت ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ معيشيت به تباهه ٿي رهي
آهي، ترڪي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انتهاپسندن
طرفان حملا به ڪيا وڃن ٿا، ڪڏهن سڪيورٽي ادارن تي حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن هوٽلن
ويجهو ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا،
بهرحال ترڪي ۾ قائم ڪرائڻ ته ترڪي جي اختيارين جو ئي ڪم آهي پر هاڻ نه ٿو لڳي
ته ترڪي ۽ روس ۾ لاڳاپا اڃا وڌيڪ دير ته قائم رهي سگهن ٿا. روسي سفير آندري ڪارلوف
جي قتل واري واقعي بعد سعودي عرب ۾ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي
صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ترڪي ۾ روسي سفير جي قتل ۽ حلب ۾ انساني
حقن جي ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي هئي.جڏهن ته سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن
عبدالعزيز چيو هو ته عالمي طاقتون امن ۽ سلامتي
جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين شام جي شهر حلب
مان باغين جي محفوظ لڏپلاڻ هلي رهي هئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر شام جي مختلف شهرن ۾ فوج ۽
ويڙهاڪن ۾ ٻيهر چڪريون ٿيون جنهن سبب فوجي ۽ ويڙهاڪن سميت 20 ڄڻا مارجي ويا، جنهن
مان لڳي رهيو آهي ته حلب مان باغين جي لڏ پلان شايد ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف شامي
سرڪار مطلب ته بشارالاسد نه ٿو چاهي ته حلب مان باغين جي لڏپلاڻ ٿئي ته ڇاڪاڻ ته
کيس خدشو آهي ته جيڪڏهن ويڙهاڪ محفوظ طريقي سان حلب مان نڪري ويا ته اهي بعد سندس
لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ٻهير سندس لا وڏي مضبوط ديوار ثابت ٿيندا.
بهر حال هاڻ گڏيل قومن ۾ حلب کي باغين کان خالي ڪائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع
ڪيو آهي پر اهو اهو عمل ان وقت مڪمل ٿي
سگهي ها جڏهن روس ۽ ترڪي جا لاڳاپا بهتر هجن ها، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ جڏهن ترڪي روسي جهاز کي پنهنجي سرحد
ويجهو ڪرائي تباهه ڪيو هو ته ترڪي ۾ ناڪام
بغاوت جو واقعو پيش آيو هو جنهن سبب ترڪي
صدر رجب طيب اردگان جي حڪومت لوڏي ۾ اچي وئي هئي ۽ سوين ماڻهن جانين جون قربانيون
ڏئي پنهنجي رت سان جمهوريت کي بچايو هو پر هاڻ جڏهن ترڪي ۾ روسي سفير قتل ٿيو آهي
۽ ڊونالڊ ٽرمپ جنهن کي اسلامي فوبيا ٿي
ويو آهي ان طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي
ته روسي سفير کي ڪندڙ شخص مذهبي انتهٿاپسند هو، بهرحال هڪ ڳالهه ته صاف
ظاهر آهي ته روس ڪنهن به صورت ۾ هٿ تي هٿ ڏئي نه ويهندو ۽ ترڪي کي ان جو ڀرپور
جواب ڏيندو ۽ جواب ڪڏهن ٿو ڏئي ۽ ڪنهن صورت ۾ ڏئي ٿو ته اهو ته هاڻ وقت ئي
ٻڌائندو.
No comments:
Post a Comment