Pages

Friday, 16 December 2016

اوباما جي مايوسي ۽ ٽرمپ جا اعلان

صاحب خان ڀٽي
آمريڪا ۾ 2016ع جون صدارتي چونڊون ختم ٿيڻ باوجود ڇڪتاڻ برقرار آهي، چونڊن ٿيڻ کانپوءِ فرق صرف ايترو آيو آهي جو آمريڪا ۾ اڄڪلهه ڪاري نسل جا ماڻهو ٿورو خاموش نظر اچي رهيا آهن، جيڪي اڳ ناانصافين خلاف آمريڪا ۾ احتجاج ڪري رهيا هئا.آمريڪي صدر بارڪ اوباما به ويندي ويندي وائيٽ هائوس ٿيل ساڻس ٿيل ناانصافين بابت عوام کي ٻڌائي چڪو آهي، آمريڪي صدر بارڪ اوباما اهڙو انڪشاف ان وقت ڪيو جڏهن هو وائيٽ هائوس کي ڇڏڻ وارو هو، بارڪ اوباما وائيٽ هائوس ۾ نسلي نفرت جو اعتراف ڪندي چيو هو ته کيس رنگ نسل جي بنياد تي نشانو بڻايو ويو. اوباما جي اهڙي انڪشاف بعد دنيا ۾ آمريڪا جو اهو تصور ختم ٿي ويو ته آمريڪا ۾ سمورن آمريڪين کي برابري وارا حق ڏنا پيا وڃن. جيڪڏهن آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي بيان تي نظر ڦيرائينداسين ته هي بيان ان وقت آيو آهي جڏهن آمريڪا جي ڪجهه رياستن ۾ آمريڪي جهنڊن ساڙڻ وارا پيش آيا آهن، جنهن بابت ميڊيا ۾ في الحال تمام گهٽ بحث ٿي رهيو  آهي،
جيتوڻيڪ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ڪجهه ڏينهن اڳ اها ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ته آمريڪي جهنڊا ساڙڻ سان حالتون خراب ٿي وينديون، چونڊيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ته اهو به چيو هو ته آمريڪي جهنڊا ساڙيندڙن خلاف ڪجهه ڪرڻو پوندو. هڪ طرف آمريڪي صدر بارڪ اوباما نسلي بنياد تي نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري ڊونالڊ ٽرمپ انهن خلاف حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي جن آمريڪا ۾ ساڻس خلاف احتجاج ڪيو ۽ آمريڪي جهنڊن کي ساڙيو. جيتوڻيڪ آمريڪي صدر بارڪ اوباما وائيٽ هائوس بابت جيڪو انڪشاف ڪيو آهي ان بابت هن وقت تائين ڪنهن به آمريڪي اڳواڻ طرفان رد عمل نه ڏيکاريو ويو آهي، هڪ نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بارڪ اوباما چيو هو ته سندس بابت آمريڪي اڇي نسل جي ماڻهن جا خيال مختلف آهن، سندس اهو به چوڻ هو ته ڊونالڊ ٽرمپ سندس پيدائشي سرٽيفڪيٽ وارو اٿاري کيس غير ملڪي هجڻ جو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان انٽرويو دوران بارڪ اوباما اهو به چيو هو ته صدر هجڻ باوجود کيس نسلي فرق کي منهن ڏيڻو پيو.
جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جون سرگرميون شروع ٿيون هيون ته ان وقت نه پيو لڳي ته  ڊونالڊ ٽرمپ ڪو چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي سگهي ها، ڇاڪاڻ ته هر ڪو اهو سمجهي رهيو هو ته هيلري ڪلنٽن ڊونالڊ ٽرمپ جي ڀيٽ وڌيڪ مضبوط اميدوار هئي پر مٿس باربار اهي الزام به لڳايا ويا ته هيلري ڪلنٽن باغين کي هٿيار فراهم ڪيا ۽ انهن باغين جي مالي مدد به ڪئي، ايتري قدر جو ڊونالڊ ٽرمپ  هيلري ڪلنٽن جي اي ميلز واري معاملي کي هر بحث دوران کنيو هو، ايتري قدر جو آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران هيلري جي اي ميلز جي جاچ جو به مطالبو ڪندو رهيو پر هاڻ ڪاميابي کان پوءِ ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي رويي ۾ ٿوري تبديلي آندي آهي ۽ ڪامياب ٿيڻ بعد سڀ کان پهرين هن اعلان ڪيو ته هو عراق مان پنهنجي فوج واپس گهرائي وٺندو، ڊونالڊ ٽرمپ افغان صدر سميت مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڊونالڊ ٽرمپ افغان صدر اشرف غني سان رابطو ڪري دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ سهڪار وڌائڻ  تي اتفاق به ڪيو. ايتري قدر جو ڊونالڊ ٽرمپ پاڪستاني وزيراعظم سان به رابطو ڪيو ۽ خطي جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون.ڊونالڊ ٽرمپ سنگارپور جي وزيراعظم سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن اهم معاملن تي ويچاريو ويو، هن وقت به ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ريلين کي خطاب ڪندي ملڪ  کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي  دعويٰ ڪري رهيوآهي،
چونڊيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو آمريڪي شين کي خريد ڪن ته جئين سندن ملڪ ترقي ڪري سگهي، ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي ملڪ جي شهرين کي اها آٿت به ڏني ته هو انهن کي نوڪريون به ڏيندو، هونءَ ته اڳ به ڊونالڊ ٽرمپ اهو واضع طور چئي چڪو آهي ته  آمريڪا 70 هزار فيڪٽريون وڃائي چڪو آهي، آمريڪا کي 800 ارب ڊالر ساليانا واپاري خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته مينيو فيڪچرنگ شعبي سان لاڳاپيل ٻه ڀاڱي ٽي نوڪريون ختم ٿي ويون آهن، هو هر هڪ آمريڪي کي نوڪريون ڏينديون، صرف آمريڪي شهري به رڳو آمريڪي شيون ئي خريد ڪن.چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ون چائنا پاليسي تي به اعتراض اٿاري ڇڏيا ۽ ون چائنا پاليسي بابت ٻيهر غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.ڊونالڊ ٽرمپ اهو به چيو ته هو نه ٿو چاهي ته چين کيس ڪي به هدايتون ڏي، چين کي واپار ۾ رعايت ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن چين آمريڪا کي واپار ۾ رعايت نه ڏني ته ون چائنا پاليسي جو جائزو ورتو ويندو. ڊونالڊ ٽرمپ ته اهو به اعلان ڪيو هو ته آمريڪا جا جهنڊا ساڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري غير محفوظ ملڪن جي ماڻهن کي ويزا ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو ويندو،  ڊونالڊ ٽرمپ چيو هو ته هو ليبر ڊپارٽمينٽ طران جاري ٿيندڙ ويزائن جي جاچ ڪرائيندو، ڊونالڊ ٽرمپ اهو به چيو هو ته ڪنهن کي به احتجاج جي نالي تي آمريڪي جهنڊا ساڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ملوث ماڻهن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪئي ويندي.
 ريپبلڪن پارٽي جي چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ اهو به اعلان ڪيو هو ته هو ايران سان ايٽمي معاهدو ختم ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙو اعلان ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران به ڪري چڪو آهي. ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ کانپوءِ ايراني صدر حسن روحاني ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن امريڪا پابندين واري معاهدي ۾ توسيع ڪئي ته ان جو کيس ڀرپور جواب ڏنو ويندو.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪاميابي بعد آمريڪا ۾ سياست نوان رنگ ڏيکاري آهي. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڪاروباري ساٿي ايڪسان موبائيل ڪمپني جي سيِ اِي او ريڪس ٽِلرسن کي امريڪا جو نئون پرڏيهي وزير نامزد ڪري ڇڏيو، ٽرمپ پنهنجي ٽئيٽ ۾ چيو هو ته 20 جنوري تائين هو ڪاروباري سرگرمين کان ڌار ٿي رياست لاءِ وقف ٿي ويندو.صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ ٽئيٽ ۾ چيو  هو ته هو 20 جنوري تائين پنهنجي ڪاروباري سرگرمين تان رياست جي خدمت سبب دستبردار ٿي ويندو.
ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي فوج جي پرڏيهه ۾ مداخلت ۽ تباهي واري پاليسي کي تـــَرڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته ٻين ملڪن ۾ اجائي فوجي مداخلت بدران داعش جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته جن حڪومتن بابت هو ڪجهه به نٿا ڄاڻين، انهن کي هٽائڻ ۽ فوجي مداخلت وارو عمل روڪيو ويندو. ٻين ملڪن ۾ مداخلت بدران سڄو ڌيان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ ۽ داعش جهڙين انتهاپسند تنظيمن جي خاتمي تي ڏنو ويندو، ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ڪيل واعدو ورجائيندو عزم ڪيو هو ته جنگين ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ بدران پيسو آمريڪا جي پراڻن روڊن، ايئرپورٽن ۽ پلين جي نئين سر تعمير تي خرچ ڪيو ويندو ۽ آمريڪي فوج کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.جڏهن  ڊونالڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو هو ته سڀ کان پهرين جاپاني وزيراعظم شنزو ابي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي هئي، جيڪو پهريون عالمي اڳواڻ بڻجي ويو هو، جاپاني وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي هئي ته نئون صدر به ٽوڪيو سان اعتماد وارو رشتو جوڙيندو. جاپاني حڪومت پاران وزيراعظم شنزو ابي جي ٽرمپ ٽاور نيويارڪ سان نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جون تصويرون جاري ڪيون ويون هيون.
هڪ طرف ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ داعش کي ختم ڪرڻ جو عزم ڏيکاريو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا ۾ انهن عنصرن خلاف به ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي هن وقت آمريڪي جهنڊا ساڙيي رهيا آهن، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ جهنڊا سارڻ وارا واقعا ختم ٿي چڪا آهن ۽ اڄ به ڪاري نسل جي ماهن ۾ اڄ به خوف واري فضا قائم آهي. شامي صدر به آمريڪا ته اهڙو الزام لڳايو آهي جنهن دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون آهن، شامي صدر بشارالاسد پنهنجي بيان چيو هو ته آمريڪا جڏهن به شازشن ۾ ناڪام ٿيندو آهي ته افراتفري پکيڙيندو آهي، بشارالاسد وڌيڪ چيو  هو ته آمريڪا افراتفري اهڙي انداز ۾ پکيڙيندو آهي جو ڌرين کي بليڪ ميل ڪري سگهي.اهڙي بيان تي آمريڪا صدر بارڪ اوباما يا وري ڊونالڊ ٽرمپ طرفان ڪا به مزحمت نه ڪئي وئي آهي. بهرحال هاڻ ڏسڻو آهي ته ڇا چونڊيل آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خطي جو امن بحال ڪرائيندو يا وري عراق سميت ٻين ملڪن مان فوج واپس گهرائيندو، ڇاڪاڻ ته ڊونالڊ  ٽرمپ اهو چئي چڪو آهي ته هو هاڻ پنهنجي فوج کي ٻاهر ڪڍڻ چاهين ٿا. ڊونالڊ ٽرمپ ته هونءَ ته  ٻيا به کوڙ سارا  اعلان ڪيا هئا پر سندس داعش کي ختم ڪرڻ واري اعلان  بابت اڄ به سڄي دنيا انتظار ۾ آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيدو؟


No comments:

Post a Comment