Pages

Sunday, 4 December 2016

ثقافت، وطن سان عشق جي علامت...!!

صاحب خان ڀٽي
جڏهن کي سنڌ ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ٿيو آهي تنهن ڏينهن کان ڪراچي کان ڪشمور تائين هر طرف صرف سنڌ جي ثقافتي شيون جهڙوڪ ٽوپي اجرڪ، رليون، پٽڪا نظر اچڻ لڳا آهن، جڏهن به ثقافتي ڏهاڙي جو اعلان ٿيندو آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مچ ڪچهريون ۽ ثقافتي تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، هر طرف ٻارڙا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي ڪلچر کي اجاڳر جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن، ائين لڳندو آهي ته ڪو عيد جو ڏهاڙو هجي، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي هر هڪ شخص کي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل ڏسي  محسوس ٿيندو آهي ته واقعي هي صوفين جي ڌرتي آهي جتي صرف امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ملندو آهي، هر هڪ کي ٽوپي ۽ اجرڪ پهريل ڏسي لڳندو آهي ته سنڌيت جو ڳاٽ تمام گهڻو مٿي ٿي ويو  آهي، هن ڏهاڙي تي سنڌي توڙي غير سنڌي ۾ ٽوپي اجرڪ پائي دنيا جي سڀ کان مهان ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن، هونءَ ته اڳ ۾ به سنڌي ڏيهه توڙي پرڏيهه مان آيل مهمانن کي سوکڙي طور ٽوپي ۽ اجرڪ ڏيندا  آهن ۽ انهن جي مهمان نوازي به ڪندا هئا پر اڄڪلهه ٽوپيون ۽ اجرڪ ڏيڻ جو رجحان وڌي ويو آهي، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي هر طرف معصوم ٻارڙي توڙي نياڻيون اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي نظر ايندا آهن، هن قومي عيد ۽ ٻين عيدن ۾ فرق صرف ايترو هوندو آهي ته ٻين عيدن ۾ پنهنجو ثقافتي لباس ماڻهو ناهن پائيندا پر هن عيد تي هر هڪ شخص پنهنجو ثقافتي لباس پائي اهو ثابت ڪري ڏيکاريندو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ هميشه هڪ ئي رهندي،
هونءِ ته صوفين جي هن ڌرتي جي ماڻهن جي مهمان نوازي مثال ڏنا ويندا آهن پر ڪجهه وقت کان هن ڌرتي تي انتهاپسندن جي لوڌ لٿل آهي جنهن سبب ڪجهه انتهاپسند ثقافتي ڏهاڙي کي ملهائڻ تي تنقيد ڪندا ته ڪڏهن وري اهو چيو ويندو آهي ته نياڻين کي روڊن تي نچائي ڪهڙي ثقافت ملهائي پئي وڃي، بهرحال چوڻ وارا ڪجهه به چون پر هڪ ڳالهه ته واضع آهي ته انهن انتهاپسندن کي  نه ته سنڌ جي ثقافت سان ڪو لڳاءُ هوندو آهي ۽ نه ئي وري هو ثقافت بابت ڪجهه ڄاڻيندا آهن،، جنهن سبب بنا جواز تنقيد ڪندا  آهن ۽ انهن انتهاپسندن کي ننڍڙن معصوم ٻارڙن جون قومي گيتن تي جهمريون به پسند نه هونديون  آهن ۽ اهي شخص جتي به ڪنهن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل ڏسندا آهن ته انهن جو ٻوٿ خراب ٿي ويندو آهي ۽ اهي نفرت واري نگاهه سان نهارڻ لڳندا آهن، اهڙا کوڙا سارا مثال اسان کي سنڌ جي يونيورسٽين مان ملن ٿا، جتي تعصب پسند ماڻهو سنڌي شاگردن کي ٽوپي ۽ اجرڪ پاتل ڏسي ڏمرجي پوندا  آهن ۽ شاگردن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائڻ کان به روڪيو ويندو آهي، بهرحال هڪ اهڙو واقعو سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش اچي چڪو آهي جتي به شاگردن کي سنڌي ٽوپي پائڻ تي سختي سان روڪيو ويو هو پر بهادر شاگردن اهڙن فردن کي بي نقاب ڪري هڪ تاريخ لکي ڇڏي هئي جن ماڻهن سنڌي شاگردن کي ٽوپي پائڻ کان روڪيو هو، اهي مڪمل طور خاموش ٿي ويا، هڪ طرفان سنڌ سرڪار به وڏي دعويٰ سان چوندي آهي ته هو پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش  ڪندا پر افسوس جو ثقافتي ڏهاڙي کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ هن وقت تائين ڪي خاص قدم نه کنيا ويا آهن ۽ نه ئي وري هن قومي ڏهاڙي تي ڪا موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڀلي کڻي سنڌ سرڪارعام موڪل جو اعلان نه ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ هن ثقافتي ڏهاڙي کي سرڪاري سطح تي ملهائڻ جو اعلان تي ڪري ته جئين اهو ڏهاڙو هر سال هڪ ئي ڏينهن ملهايو وڃي ۽ هر هڪ ماڻهو صرف هڪ ئي ڏينهن تي گڏجي عيد جيان ڏهاڙو ملهائي،  


جڏهن پهريون ڀيرو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته ان وقت به سڄي سنڌ ثقافتي رنگن سان رڱجي وئي هئي، هاڻ به جڏهن به اعلان ٿيا آهن ته ان وقت به سنڌين ان ڏهاڙي کي ملهائڻ واري اعلان کي لبيڪ ڪيو  آهي ۽ هن ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهايو آهي پر ڪجهه وقت کان هر هڪ ماڻهو اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي ته هن ڏهاڙي کي هڪ ڏينهن ملهايو وڃي، خاص طور اهي ڌريون جيڪي الڳ الڳ تاريخ جو اعلان ڪنديون آهن، انهن کي گهرجي ته سمورا اختلاف وساري هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ثقافتي ڏهاڙو هڪ ئي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪن ته جئين هن ڏهاڙي کي اڃا وڌيڪ نموني ملهائي سگهجي نه ته ڪجهه ماڻهو هڪ ڏينهن ثقافت ملهائيندا ته ڪجهه وري ٻي ڏينهن تي ملهائيندا ان سان سنڌين جي ٻڌي ۽ اتحاد کي تمام گهڻو نقصان پهچندو، هونءَ به سنڌ جا دشمن اهو ئي چاهين ٿا ته سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ نفرتون پکڙيل هجن ۽ اهي پنهنجي ناپاڪ ارادان ۾ ڪامياب ٿيندا رهن، ڇاڪاڻ ته هي ثقافتي ڏهاڙو واحد ڏينهن هوندو آهي جنهن ڏينهن تي سموري سنڌ هڪ ٿي ويندي آهي، ننڍڙا توڙي پيرسن هن ڏينهن تي ثقافتي لباس پهريندا آهن ۽ قومي گيتن تي جهمريون هڻندا آهن. اهو به ڏينهن هو جڏهن مختلف غير سنڌي چينلن تي سنڌي ٽوپي تي تنقيد ڪئي ويندي هئي پر اڄ اهي سمورا چينل سنڌي ثقافت جو راڳ ڳائي رهيا آهن، اها صرف سنڌين جي سجاڳي جي ڪري ٿيو آهي جن ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پنهنجي مهان ثقافت سان پيار ۽ محبت جو اظهار کلي نموني ڪيو، جيڪڏهن هن ڏهاڙي کي هڪ ڏينهن ملهائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ته اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندو.
ڪراچي جتي به انتهاپسند سنڌي ٽوپي کي ڏسي سڙندا هئا اهي به اڄ ڪلهه سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا هڪ ٻئي کي ڏئي رهيا آهن، ايتري قدر جو ڪراچي جي مصروف ترين رستن تي به ماروئڙن جا ثقافتي لباس پهريل قافلا  گذرندي ڏسڻ لاءِ ملندا  آهن، جنهن سبب ڏيهه توڙي پرڏيهه سنڌي ثقافتي شين کي خريد ڪرڻ جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ثقافتي ڏهاڙي جي اعلان کانپوءِ اجرڪ ۽ٽوپي جي ڪاروبار ۾ به اضافو ٿيو آهي، اڳ ۾ اجرڪ ٺاهڻ وارو رجحان ختم ٿي ويو هو، جيڪي ڪارخانا هئا اهي بند ٿي ويا هئا، صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا هئا، اهي به هاڻ کلي چڪا آهن، ان کان وڌيڪ هاڻي ماڻهو اجرڪ ۽ ٽوپيون ٺاهڻ واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويا آهن، ان جو سڀ کان وڏو سبب به اهو ئي آهي جو ثقافت واري ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ هر هڪ ماڻهو تياري ڪندو آهي، جنهن سبب ئي اجرڪ ۽ ٽوپي جي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي.جيڪڏهن حڪومت چاهي ته هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو سرڪاري سطح تي به اعلان ڪري سگهي ٿي ۽ اسان به اها اميد ئي ڪري ويٺا آهيون ته حڪومت جلد کان جلد اهڙو اعلان ڪري ڇڏي ته جئين ثقافتي ڏهاڙي جي تاريخ به تبديل نه ٿئي ۽ سمورا سنڌي واسي هڪ ئي ثقافتي ڏهاڙو ملهائن.


No comments:

Post a Comment