Pages

Monday, 5 December 2016

ڀارت ۾ پاڪستاني صحافين سان ٿيل ناروا سلوڪ

صاحب خان ڀٽي
ڀارت ۾ ٿيل ڇهين هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ مودي سرڪار سچ کان خوفزده نظر اچي رهي هئي جنهن سبب ڪانفرنس ۾ پاڪستاني صحافين کي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط سان ملڻ نه ڏنو ويو هو، هونءَ ته مودي سرڪار پاڪستان خلاف واويلا ڪندي رهي آهي پر هن ڀيري صحافين کي به حراسان ڪرڻ جي به ڪسر نه ڇڏي وئي، جڏهن ڀارتي رياست پنجاب جي امر تسر شهر ۾ هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ٿي رهي هئي ته ان ۾ مختلف ملڪن جا اڳواڻ شريڪ هئا، جنهن ۾ پاڪستاني پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز به پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو هو، جڏهن ته مختلف ملڪن جا اڳواڻ به پنهنجن پنهنجن ملڪن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا ۽ ان ڪانفرنس ۾ خطي جي سمورن ملڪن جي اختلافن کي پر امن طور حل ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو،
هارٽ آف ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو ته  دهشتگردي خلاف عالمي ڪنوينشن کي حتمي شڪل ڏني وڃي، پاڪستان کي ذميدار قرار ڏيڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، جڏهن ته هارٽ آف ڪانفرنس ۾روس طرفان پاڪستان جي واکاڻ ڪئي وئي، روسي نمائندي طرفان چيو ويو  ته سرتاج عزيز تقريري هئي، سندس دوستن سان لاڳاپا جاري آهن، پر افسوس جو ٻين ملڪن جي صحافين کي ته ڪوريج جي اجازت ڏني وئي هئي پر پاڪستاني صحافين کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ سمورن پاڪستاني صحافين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي، ايتري قدر جو 3 پاڪستاني صحافين جي رجسٽريشن ٿيڻ باوجود انهن کي ڪانفرنس جا پاس جاري نه ڪيا ويا ۽ پاڪستاني صحافين لاءِ ميڊيا سينٽر تائين به پهچڻ ۾ رنڊڪون وڌيون ويون هيون، جنهن سبب پاڪستاني صحافي واهگا بارڊر رستي ڏيهه واپس پهتا ۽ ڀارتي ناروا سلوڪ جي سخت مذمت به ڪئي، جڏهن هارٽ آف ڪانففرنس ٿي رهي هئي ته ان وقت به ڪجهه سک احتجاج ڪري رهيا هئا،
سک برادري جا ماڻهو مودي سرڪار خلاف سخت نعريبازي به ڪري رهيا هئا ۽ پنهنجو مطالبو به پيش ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙ ته اهو به چئي رهيا هئا ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي ۽ پنجاب ۾ سکن جو قتل ڪيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙ پنهنجي احتجاج دوران عالمي برادري کان ڀارت جي رياستي دهشتگردي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو به ڪري رهيا هئا، احتجاج ڪندڙ اهو به چئي رهيا هئا ته هر قوم کي آزادي ڏني وڃي، والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ به نعرا هنيا ويا، سک اڳواڻ ڀارت کان آزادي ۽ خالصتان بڻائڻ جو مطالبو ڪندي به نظر اچي رهيا هئا، بهرحال اهو ڀارت جو اندروني معاملو هو، ان سان نه ته پاڪستاني صحافين جو تعلق هو ۽ نه ئي وري پاڪستاني صحافين ڀارتي سکن جي احتجاج جي ڪوريج لاءِ ويا هئا، پاڪستاني صحافي ته هارٽ آف ڪانفرنس ۽ سرتاج عزيز کان ڪانفرنس جو حال احوال وٺڻ ويا هئا، ڪجهه صحافين ته رجسٽريشن به ڪرائي هئي پوءِ الائي ڇو ڀارت کي ڪهڙو خوف هو جو انهن سمورن صحافين کي نه ته ڪنهن اڳواڻ سان ڳالهائڻ ڏنو ويو ۽ نه ئي وري پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط سان ملڻ ڏنو ويو هو.اهڙي رويي کي ڏسي اهو لڳي رهيو هو ته پاڪستان جيڪو هارٽ آف ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو هو تمام بهتر فيصلو هو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي هارٽ آف ڪانفرنس شرڪت کانپوءِ ڀارت جون هڪ ڀيرو ٻيهر وايون بتال ٿي ويون هيون جنهن سبب صحافين سان ناروا سلوڪ ڪيو ويو،
هڪ طرف ڀارت ايل او سي تي سرحدي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف وري اهڙو صحافين سان رويو اختيار ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀارت پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير جو آواز سفارتي سطح تي اٿارڻ سبب ڪاوڙيل آهي، هر فورم تي پاڪستان طرفان والاريل ڪشمير بابت آوزار اٿارڻ به ڀارت کي ڪنڊن جيان لڳي رهيو آهي، جنهن سبب ڀارت ايل او سي تي ڀڃڪڙي ڪري رهيو  آهي، هارٽ آف ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز به ڏيهه واپس پهچي ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته ڀارت ۾ سڪيورٽي جي عجيب صورتحال هئي ۽ هوٽل ۾ کيس ڪنهن سان به ڳالهائڻ نه ڏنو ويو،  سرتاج عزيز اهو به چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت جو مقصد افغان جي صورتحال هو، جڏهن ته ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط به چيو هو ته هنن برطانيا کي ڀارت جي پاڪستان ۾ تخريبڪاري سرگرمين ۽ سي پيڪ منصوبي خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاهه ڪيو ويو، پرڏيهي ترجمان اهو به چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت بابت جڏهن سرتاج عزيز اعلان ڪيو هو ته ان وقت به ساڳي صورتحال هئي، افغانستان ۾ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو.جڏهن ته سرتاج عزيز چيو هو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس  ۾ هڪطرفي تصوير پيش ڪئي وئي، پاڪستان ۽ ڀارت وچم هن وقت ڇڪتاڻ واري ڪيفيت آهي، ڇڪتاڻ باوجود جو دورو ڪيو، اهو سٺو فيصلو هو، سرتاج عزيز اهو به چيو ته ڀارتي ميڊيا دٻاءُ سبب دهشتگردي جو معاملو اٿاريو. بهرحال هڪ طرف افغانستان بابت امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٻي طرف وري ايل او سي ته ڀارت طرفان ڀڃڪڙيون ڪيون ويون آهن، ايتري قدر جو افغان صدر اشرف غني به پاڪستان خلاف ئي ڳالهائي رهيو آهي،
جڏهن ته پاڪستان طرفان اهو ئي چيو ويوآهي ته اشرف غني ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ اهو ٻين جي زبان ڳالهائي رهيو آهي، جڏهن ته اشرف غني اهڙين دعوائن کي رد ڪندي چيو هو ته هو ڪنهن جي  به هٿن ۾ نه کيڏي رهيو آهي، جيڪڏهن هن وقت ڏٺو وڃي ته افغانستان جو رويو پاڪستان ڪو بهتر نه آهي پر ان باوجود پاڪستان افغانستان سميت سمورن پاڙيسرين ملڪن سان سٺا لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهي، هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، ان ۾ به چيو ويو آهي ته دنيا کي دهشتگردي جو چيلينج آهي، جنهن سبب دهشتگرديجي خاتمي لاءِ هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي، پاڪستان سياستدانن جو  اهو ئي خيال آهي ته  افغانستان جو صدر اشرف غني ڀارتي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي. جڏهن هارٽ آف ڪانفرنس ٿي ته ان کانپوءِ افغانستان جي صدر اشرف غني کي ڀارتي ميڊيا سان گڏ ويهاريو ويو جڏهن ته پاڪستاني نمائندي کي پريس ڪانفرنس جو موقعو به ڏنو، جنهن سبب صحافين طرفان ڳڻتي جو به اظهار ڪيو ويو. بهرحال هاڻ پاڪستاني صحافي به ڀارت کان واپس ڏيهه پهچي ويا  آهن، جيڪي هن به وقت ڀارت جي اهڙي رويي کان خوفزده آهن پر هن وقت تائين اهڙي عمل جي ڪنهن به ملڪ کان مذمت نه ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي، ڪجهه سياستدان ته اهو به چئي رهيا آهن ته پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز کي ڪانفرنس  ۾ شرڪت کان اڳ تياري ڪرڻ گهرجن. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عالمي برادري جهڙي ريت پاڪستان جي موقف حمايت ڪئي.


No comments:

Post a Comment