Pages

Sunday, 1 January 2017

ترڪي ۾ دهشتگردي ۽ تبديل ٿيندڙ منظرنامو

صاحب خان ڀٽي
نئين سال 2017ع جون تقريبون سڄي دنيا ۾ هلي رهيون هيون ته اچانڪ ترڪي ۾ هٿياربندن نائٽ ڪلب تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي به ٿيا، هڪ طرف نئين سال جي شاندار آجيان ڪئي پئي وڃي ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف وري ترڪي ۾ لاش کنيا پيا وڃن، ترڪ ميڊيا طرفان ٻڌايو ويو ته ترڪي جي شهر استنبول ۾ نائٽ ڪلٽ ۾ نئين سال جي آجيان جي تقريب هلي رهي هئي ته هٿياربندن حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن سبب نئين سال جون خوشيون ترڪي ۾ سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون، هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو هٿياربندن نئين سال جي آجيان دوران فائرنگ ڪئي هجي يا وري بيگناهه ماڻهن کي ماريو هجي، ان کان  اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ به ڪلبن ۾ حملا ٿي چڪا آهن. 2016 ۾ آمريڪا جي هڪ رياست ۾ ڪلب تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ به ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا، اهڙي ريت هڪ ٻيو حملو فرانس ۾ ٿيو هو جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون هيون پر هن ڀيري فرق صرف ايتري و آهي جو دهشتگردن ترڪي ۾ معصوم ماڻهن کي نئين سال جي خوشيون ملهائندڙن کي هميشه لاءِ ننڊ سمهاري ڇڏيو، جڏهن ترڪي جي شهر استنبول ۾ هٿياربندن نائيٽ ڪلب تي حملو ڪيو ته ان وقت آمريڪا طرفان به پنهنجي شهرين کي محتياط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي  هئي،
جڏهن نائبٽ ڪلب تي حملو ٿيو هو ته ان وقت ترڪ ميڊيا تي خبرون هلي رهيون هيون ته حملي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا ، جن ۾پوليس اهلڪار به شامل هئا. ترڪ ميڊيا تي اهي به خبرون نشر ٿي رهيون هيون ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 50 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا، هٿياربندن جنهن نائيٽ ڪلب تي حملو ڪيو هو ان ۾ 800 ماڻهو موجود هئا، استنبول جي گورنر طرفان اها تصديق ڪئي وئي هئي ته حملي آور هڪ هو، جنهن فائرنگ ڪري 35 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري ڇڏيو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي حملو ان وقت ٿيو آهي جڏهن روس ۽ آمريڪا ۾ ڇڪتاڻ وڌندي پئي وڃي ۽ آمريڪا طرفان ته سفارتڪارن کي به ملڪ ڪڍيو ويو آهي پر ان باوجود روس طرفان چيو ويو آهي ته هو آمريڪا جي ڪنهن به سفارتڪار کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ نه چوندا. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو روس سمجهي ٿو ته نئون ايندڙ صدر ڊونالڊ ٽرمپ سندن مسئلن کي حل ڪندو ۽ سموريون ڳالهيون اهي ان سان ڊيل ڪري وٺندا پر اوباما انتظاميا جا روس سان ڪي سٺا لاڳاپا نه آهن، جيتوڻيڪ آمريڪا، روس تي هيڪنگ جا الزام ته لڳائي رهيو آهي پر سندس ئي ملڪ جو چونڊيل صدر روس جي حمايت به ڪري رهيو آهي جنهن مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته آمريڪا ۾ بارڪ اوباما جي وڃڻ کان پوءِ حالتون تمام گهڻيون تبديل ٿي وينديون ۽ ايشيا سميت ٻين ملڪن سان آمريڪا جا لاڳاپا ٿورا مختلف هوندا، ڀلي کڻي نئين چونڊيل صدر جي اچڻ بعد آمريڪا جا مفاد ساڳيا هجن پر هن ڀيري ڊونالڊ ٽرمپ اهي مفاد وڙهي به ڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پر اوباما ٿورو ڊونالڊ ٽرمپ کان مختلف آهي ۽ سندس پاليسيون به ڊونالڊ ٽرمپ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهن. ڇاڪاڻ ته ڊونالڊ ٽرمپ  جي اولهه ملڪن سان تمام گهڻي همدردي آهي ۽ پر انهي ڊونالڊ ٽرمپ جي اسلامي ملڪن خلاف سوچ تمام گهڻي خراب آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ سان ايشيا  جي تمام گهڻا مسئلا وڌي ويندا،
جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ اسلامي ملڪن بابت سوچ تبديل نه ڪئي ته پوءِ شايد ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا رهندڙ ڪاري نسل سان به انصاف نه ڪري سگهندو، ان جو اندازو اسان ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪجهه عرصو اڳ ڏنل بيانن مان لڳائي سگهون ٿا.بهرحال آمريڪا جون حالتون  ته جلد تبديل ٿي رهيون آهن پر آمريڪا جا لاڳاپا روس سان ڪي بهتر نه آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ترڪي  ۾ روسي سفير کي قتل ڪيو ويو هو ۽ ٻي ڏينهن تي وري هڪ وڌيڪ روسي سفير جولاش هوٽل مان هٿ آيو هو، جنهن تي روس چيو هو ته هو اهڙي دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا پر ان باوجود روس ان وقت صبر جو مظاهرو ڪيو هو ، ڪجهه روسي اڳواڻ ته اهو به چئي رهيا هئا ته اهي ترڪي کان بدلو وٺندا، هڪ طرف ترڪي ۾ روسي سفيرن جي قتل بابت اهي افواهون هلي رهيون ته فتح الله گولن جي تحريڪ روسي سفيرن کي قتل ڪرايو آهي ته ٻي طرف وري آمريڪا پنهنجي شهرين کي محتياط رهڻ جي هدايت ڪري رهيو آهي، فتح الله گولن هن وقت آمريڪا جي پناهه ۾ آهي،  جنهن جي حوالگي جي درخواست ترڪي به ڪري چڪو آهي، بهرحال روس سفيرن جي قتل تي اهو چيو هو  ته بدلو وٺندا پر  هاڻ ترڪي ۾ جيڪو نائٽ ڪلب تي حملو ٿيو ان م ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن  دنيا کي هڪ ڀيرو ٻيهر سوڳ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته  حملو ان وقت ڪيو ويو .
جڏهن سڄي دنيا ۾ نئين سال جي  آجيان جي جشن جون تقريبون هلي رهيون تنهن جي ڪري ان تي هر هڪ کي افسوس ٿيو آهي. بهرحال نئين سال جي آمد تي پهرين دهشتگرد ڪارروائي جي شروعات ترڪي کان ٿي آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عالمي طاقتون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کڻن ٿيون، هڪ طرف شام، يمن، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ اتحادي فوج طرفان ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ته ٻي طرف وري انهن حملن ۾ بيگناهه ۽ معصوم شهري به مارجي رهيا آهن جنهن جو آوز گڏيل قومن تائين نه پيو پهچي، ڀلي کڻي اوباما انتظاميه هجي يا وري ڊونالڊ ٽرمپ هر هڪ ماڻهو هاڻ اهو ئي مطالبو ڪري رهيو آهي ته دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر هڪ کي قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن عالمي طاقتون ڪنهن ملڪ ۾ امن قائم نه ٿيون ڪرائي سگهن ته پوءِ انهن ملڪن ۾ مداخلت به بند ڪرڻ ڇڏي ڏين، ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪاررواين سبب بي گناهه معصوم شهري به مارجي رهيا آهن، جنهن لاءِ گڏيل قومن کي هاڻ فوري طور اهڙيون پاليسيون اپنائڻ گهرجن ته جئين شام سان گڏ ٻين ملڪن ۾ دهشتگردن کي مات ڏئي سگهجي، هڪڙا ملڪ دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا  آهن ته ٻيا ملڪ  وري انهن کي ماري رهيا آهن، ٻنهي پاسن کان نقصان صرف عوام جو ئي ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن  ترڪي ۾ روسي سفيرن جا قاتل وائکا ٿين ها ته  اسان اهو محسوس ڪري سگهون ها ته واقعي ترڪي دهشتگردي جي خاتمي ۾ سنجيدگي اختيار ڪندو پر هاڻ اهو نه پيو لڳي ڇاڪاڻ ته ناڪام بغاوت کانپوءِ ترڪي جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پيون وڃن.

No comments:

Post a Comment